ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) گورنر سنڌ وڏي وزير جي ايڊوائيس تي سنڌ اسيمبليٽوڙي ڇڏي، حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نگران وزيراعليٰ لاءِ جسٽس (ر) زاهدقربان علوي جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم نگران سيٽ سرڪار ۾ 50سيڪڙو اهم وزارتون گهري ورتيون، مامرو ايوان صدر پهچيويو، وڏي وزير پاران سنڌ اسيمبلي ۽ ڪابينا ٽوڙڻ لاءِ تيار ڪيل ايڊوائيسڪالهه گورنر کي اماڻي وئي، جنهن تي رات جو ساڍي 11 وڳي گورنر ڊاڪٽر عشرتالعباد صحيح ڪندي سنڌ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهڙي تصديق گورنر هائوس پاران ڪئيوئي آهي، مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير جي ايڊوائيس ۾ لکيو ويو هو ته ڪالهه راتجو 12 وڳي تائين سنڌ اسيمبلي کي ٽوڙيو وڃي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي کيلکيو وڃي ته ڪابينا ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو وڃي، ايڊوائيس ۾ اهو پڻلکيل آهي ته اسپيڪر کي لکيو وڃي ته اهو اليڪشن ڪميشن کي لکي ته اسيمبليٽوڙي وڃي ان ڪري اسيمبلي جي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، واضح رهي تهسنڌ اسيمبلي جو مدو 4 اپريل 2013ع تي پورو ٿي رهيو هو پر ان کي وزيراعظم جيسربراهي ۾ ٿيل اجلاس جي فيصلي تحت 16 ڏينهن اڳ ٽوڙيو ويو آهي، جڏهن ته راتدير تائين ڪابينا ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته حڪومت ۽ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نگران وزير اعليٰ لاءِ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جينالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ايم ڪيو ايم پاران نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙو حصو۽ اهم وزارتون گهرڻ سبب معاملو صدر تائين پهچي ويو، صدر آصف علي زرداريسنڌ جي وڏي وزير سميت اهم اڳواڻن کي اسلام آباد طلب ڪري صلاح مشورا ڪيا،ڪالهه پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ گورنر هائوس ۾ نگران حڪومت جي حوالي سان هڪاجلاس ٿيو جنهن ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه،صوبائي وزير آغا سراج دراني، اياز سومرو، شرجيل ميمڻ، ايم ڪيو ايم جياڳواڻن سيد سردار احمد، رضا هارون ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ٻنهيڌرين وچ ۾ جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي کي نگران وزير اعليٰ بڻائڻ تياتفاق ٿي ويو آهي پر ذريعن موجب ايم ڪيو ايم نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙووزارتون ۽ صحت، تعليم، ناڻي سميت اهم وزارتون گهري ورتيون، جنهن تي پ پ ۽ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻنپارٽي سربراهن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ ذريعن موجب پ پ جيشريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پجي اهم اڳواڻن آغا سراج دراني، اياز سومرو، شرجيل ميمڻ کي اسلام آباد طلبڪري ورتو، جن سان صدر ايم ڪيو ايم جي مطالبن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا،هوڏانهن ڪاوش پاران رابطو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رضا هارون چيو تهنگران وزير اعليٰ لاءِ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ اهونگران وزير اعليٰ غير جانبدار هوندو، صدر آصف زرداري پ پ جي قيادت کي پاڻوٽ گهرايو آهي، ۽ اسان نگران وزير اعليٰ جي حوالي سان پ پ جي فيصلي جوانتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نگران حڪومت ۾ 50 سيڪڙووزارتون نه گهريون آهن اهڙي ڳالهه بلڪل غلط آهي.
زاهد قربان علوي پ پ جو حمايتي آهي: فنڪشنل ۽ هم خيال جو اعتراض
ڪراچي: مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ هم خيال جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علويجي امڪاني طور نگران وزير اعليٰ ٿيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته هو پ پ جوحمايتي رهيو آهي ۽ ڌر آهي، ان ڪري سندس موجودگي ۾ شفاف چونڊون نه ٿينديون، ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي مسلم ليگ فنڪشنل جي پارلياماني ليڊر ڄام مدد علي چيوته اسان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد سردار احمد کي 3 نالا حسين هارون، اسلمسنجراڻي ۽ خير محمد جوڻيجو ڏنا هئا، جيڪي ٽئي غير جانبدار هئا پر ايم ڪيوايم حڪومت کي ڏنل نالن ۾ اسان جو هڪ نالو به شامل نه ڪيو، هن چيو ته جسٽسرٽائرڊ قربان علوي کي نگران وزير اعليٰ ڪرڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، جنهن جياسان مخالفت ڪريون ٿا، ڇو ته سندس پ پ سان پراڻو واسطو آهي، ۽ جيڪڏهننگران وزير اعليٰ جي وابسطگي ڪنهن پارٽي سان هوندي ته هو شفاف چونڊون نهڪرائي سگهندو، مسلم ليگ هم خيال جي پارلياماني ليڊر عبدالرزاق راهمون چيوته اسان مخالف ڌر جي اڳواڻ کي نالا ڏنا هئا، پر انهن مان هڪ نالو به شاملنه ڪيو ويو، جسٽس علوي پ پ جو حمايتي رهيو آهي ۽ هو اڻڌريو نه آهي ان ڪريسندس جي موجودگي ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊون نه ٿي سگهنديون، هن چيو ته نگران سيٽاپ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ پري پلاننگ تحت آندو پيو وڃي، نيشنل پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر مسرور جتوئي چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۽ اسان گڏجي 3نالا سردار احمد کي ڏنا هئا، پر ايم ڪيو ايم اهي نالا اڳتي نه وڌايا، جنهنتي افسوس آهي. هن چيو ته نگران وزير اعليٰ جي حوالي سان مخالف ڌر جيپارٽين سان صلاح مشورن کان پوءِ ڪو لائحه عمل جوڙينداسين.بوهريبرادري سان تعلق رکندڙ جسٽس(ر) زاهد علوي ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئرحاتم علوي جو پوٽو آهي، هو گجراتي، اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي ٿو

ڪراچي: سنڌ جي حڪمران جماعت پ پ ۽ مخالف ڌر جي وڏي پارٽيمتحده پاران پرڳڻي جي وڏ وزارت لاءِ مختلف نالن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي،اميدوارن جي ڊگهي لسٽ ۾ ڪراچي ڄائي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج رهندڙ جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جو نالو سڀني کان مٿڀرو آهي، سنڌ لينڊ ڪاميٽي ۽ صوبائيزڪوات ڪائونسل جي 73 ورهين جي چيئرمين جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جو تعلقڪراچي جي بوهري برادري سان آهي هو ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئر حاتم علويجو پوٽو آهي، سندس والد قربان علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دوست هو، سندسخاندان 19هين صدي جي شروع ۾ ايران مان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو هو، 21 آگسٽ 1941ع تي ڪراچي ۾ اک کوليندڙ جسٽس علوي ميٽرڪ ۽ انٽر سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ڪاليج، ايل ايل بي ۽ آءِ آر ۾ ماسٽرز سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي، جسٽس علوي جيمادري ٻولي گجراتي آهي هو اردو ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌيڳالهائڻ هن لاءِ ڏکيو آهي هو وڏي عرصي تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽجي سينيئر وڪيل طور خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو، 1997ع ۾ کيس هاءِ ڪورٽ جوجج بڻايو ويو، هاءِ ڪورٽ جي جج طور هن گهڻو عرصو سکر ۽ لاڙڪاڻو بئنچن لاءِخدمتون سر انجام ڏنيون، سال 2003ع ۾ ان عهدي تان رٽائر ٿيو، 80ع واري ڏهاڪي۾ هن سنڌ جي ڳوٺاڻي ترقي وارين رٿائن لاءِ عالمي اداري يونيسيف سان پڻڪجهه عرصو ڪم ڪيو، سال 2008ع ۾ کيس صوبائي زڪوات ڪائونسل سنڌ جو چيئرمينبڻايو ويو، بعد ۾ سنڌ حڪومت پاران کيس اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ شهري علائقن ۾سستي اگهه تي الاٽ ڪيل ۽ سال 2000ع ۾ سنڌ اربن لينڊ (ڪينسيليشن آفالاٽمينٽ) آرڊيننس لاڳو ٿيڻ سان زمينن جي رد ٿيل الاٽمينٽ کي مارڪيٽ اگههوصول ڪري بحال ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل سنڌ لينڊ ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو، هنسنڌ حڪومت کي 10 ارب اوڳاڙي ڏنا، جسٽس (ر) زاهد قربان علوي جي ويجهن حلقنجو چوڻ آهي ته هو بذات خود صاف ڪردار وارو ماڻهو آهي، جسٽس (ر) زاهد قربانعلوي 2010ع ۾ صوبي ۾آيل وڏي ٻوڏ ۽ ٽوڙهي بند ٽٽڻ بابت سنڌ حڪومت پارانجوڙيل جاچ ڪميشن جو مک ميمبر هو، هن ڪميشن ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو تهٻوڏ آبپاشي کاتي جي ڪامورن جي گڏيل غفلت جو نتيجو آهي، ڄاڻايل ڪميشن غفلتجو مظاهرو ڪندڙ ڪنهن ڪاموري جي نالي جي نشاندهي نه ڪئي هئي، هو سپريم ڪورٽپاران ڪراچي امن امان ڪيس جي فيصلي موجب ڪراچي ۾ فسادن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جينتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي معاوضي لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيلڪاميٽي جو پڻ چيئرمين رهيو، جسٽس علوي کي ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾فيڪٽري کي لڳل باهه ۾ 180 ماڻهو سڙي فوت ٿي وڃڻ واري واقعي جي جاچ لاءِجوڙيل ٽربيونل جو پڻ سربراهه بڻايو ويو هو، هن پنهنجي رپورٽ ۾ سانحي کيبجلي جي شارٽ سرڪٽ جو نتيجو قرار ڏنو هو. هن جاچ رپورٽ ۾ دهشتگردي ياسبوتاز جي امڪان کي رد ڪيو هو، جسٽس علوي کي شاگردي واري دور کان لکڻ پڙهڻ،سير تفريح، سماجي سرگرمين جو شوق هو، هن ڪيترا مضمون ۽ شارٽ اسٽوريز پڻلکيون.
بشڪريه