نثارابڙو
نائب منتظم

دوستو! جمن جمالي مڪي پاڪ ۾ رهندڙ هڪ اهڙو سنڌي نوجوان آهي، جنهن سڄي ڄمار سعودي عرب ۾ گذاري آهي پر پنهنجو ناتو ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌيت سان ناهي ٽوڙيو ... سنڌين کي مان ڏيڻ، انهن جي لاءِ گيت لکڻ ۽ انهن جا گيت ڳائڻ سندس محبوب مشغلو آهي، جيتوڻيڪ هو ڪنهن وڏي تعليمي اداري جو پڙهيل لکيل ناهي پر پوءِ به سنڌ جي عشق ۾ پنهنجي اندر جا اڌما ڪجهه هن طرح سان بيان ڪندو رهندو آهي؛
اگهي ته ڪڻ، نه ته مڻن کي موٽ
*************
سنــڌ تي ٿيندي وار ڏٺــا مـون،
سنـڌ ۾ ڪي غدار ڏٺــا مـــون.
جيجل ماءُ جــو سـودو ڪندي،
ٿينـــدي ڪي واپـــار ڏٺا مـون.
رت جي راند رچــايون ويٺا هن،
لاشـــن جـا انبــــار ڏٺـــا مـون.
ڪــي ٿا ڪاٽين ويلا بُک تـي،
ڪي بڻـــيا ســردار ڏٺــا مـون.
پنهنجـــي ئي وطن ۾ هوندي،
ڌارين کان ٿيندي خوار ڏٺا مون.
غيرت منــد سڏائين جــي پيا،
ســي بيوس ۽ لاچــار ڏٺا مون.
غيـــرن سـان روح رهاڻيـــون ۽،
پنهنجــن کـــان بيزار ڏٺـا مـون.
گــل گــلاب جهڙي ڌرتــيءَ ۾،
اڄ ڪنـڊا ۽ ڪي خار ڏٺا مون.
پاڻ ته آهيان پرديسي ،”جمن“،
مگر پنهنجن جا پرڪار ڏٺا مون.
جمن جمالي
اگهي ته ڪڻ، نه ته مڻن کي موٽ
*************
سنــڌ تي ٿيندي وار ڏٺــا مـون،
سنـڌ ۾ ڪي غدار ڏٺــا مـــون.
جيجل ماءُ جــو سـودو ڪندي،
ٿينـــدي ڪي واپـــار ڏٺا مـون.
رت جي راند رچــايون ويٺا هن،
لاشـــن جـا انبــــار ڏٺـــا مـون.
ڪــي ٿا ڪاٽين ويلا بُک تـي،
ڪي بڻـــيا ســردار ڏٺــا مـون.
پنهنجـــي ئي وطن ۾ هوندي،
ڌارين کان ٿيندي خوار ڏٺا مون.
غيرت منــد سڏائين جــي پيا،
ســي بيوس ۽ لاچــار ڏٺا مون.
غيـــرن سـان روح رهاڻيـــون ۽،
پنهنجــن کـــان بيزار ڏٺـا مـون.
گــل گــلاب جهڙي ڌرتــيءَ ۾،
اڄ ڪنـڊا ۽ ڪي خار ڏٺا مون.
پاڻ ته آهيان پرديسي ،”جمن“،
مگر پنهنجن جا پرڪار ڏٺا مون.
جمن جمالي