• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حرم پاڪ ۾ دعائون

نثارابڙو

نائب منتظم
حرم پاڪ ۾ دعائون

سنڌ سلامت جا دوستو؛

اڄ رب العالمين مون گنهگار کي پنهنجي سهڻي گهر ... ڪعبت الله ... ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ نصيب فرمائي ...
دوستو مون طواف ڪيو، اوهان دوستن لئه دعائون گهريون ۽ دوستن جي والدين سان گڏ مون پنهنجن مرحيات والدين لئه مغفرت جون دعائون پڻ گهريون ... جيئرن دوستن، رشتيدارن ۽ عزيزن لئه دعائون گهريون ... (نالا ڪيترا ڳڻجن)

۽ آخر ۾ هيٺين دعا گهري الوداع چئي آيس؛

سائين سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

حاضر آهن اڌ ڪلاڪ اڳ جون ورتل ڪجهه تصويرون ...

71770124.jpg


60989382.jpg


76228915.jpg


82585825.jpg


51327391.jpg
 
سائين نثار صاحب۔۔۔ اسان کي حرم پاڪ جي تصويرن جي هڪ تازه ڪليڪشن ڏيکارڻ جي وڏي وڏي مهرباني۔۔۔ ادا بس وري حرم پاڪ ۾ وڃو ته نالو کڻي به منهنجي دعا ضرور گهرجو ته الله پاڪ منهنجون پريشانيون دور فرماءِ
 
سائين نثار صاحب۔۔۔ اسان کي حرم پاڪ جي تصويرن جي هڪ تازه ڪليڪشن ڏيکارڻ جي وڏي وڏي مهرباني۔۔۔ ادا بس وري حرم پاڪ ۾ وڃو ته نالو کڻي به منهنجي دعا ضرور گهرجو ته الله پاڪ منهنجون پريشانيون دور فرماءِ

ڀائڙا مون اوهانجو نالو وٺي هن دفعي به دعا گهري آهي ۽ آئينده به حاضري ڀريندس ته اوهانجو نالو وٺي، دعا گهربي ...
shal judy hujeen
 
سائين الله پاڪ توهان کي هر غم کان محفوظ رکي۔۔۔

آمين

سائين اوهان جون اهڙيون ڪرم نوازيون آهن جو اوهان به اسان جي دعائن ۾ شامل آهيو۔۔۔

وڌيڪ سڄي سٿ لاءِ دعاڳو رهندا۔۔۔ بلڪ پوري امتِ محبوب جي لاءِ دعاڳو رهندا۔۔۔ آمين۔۔۔


۽ ها سائين پنهنجي زيارت ڪرائي به اسان کي سڪون بخشيو اٿوَ مهرباني مٺڙا سائين۔۔۔۔
 
سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو دعائن ۾ ياد فرمايو ٿا ۽ الله جي گهر جي تصويرن ۾ زيارت به ڪرايو ٿا الله توهان کي سدا گلاب جيان مهڪندو رکي سدا سکيا هجو ۔
 
دعا ۾ ياد ڪرڻ لا۽ مهرباني سائين الله پاڪ اوهان کي خوش ڪري

سائين اوهان پنهنجي زيارت ڪرائي به دل کي سڪون ڏئي ڇڏيو

سدائين گڏ
 
Back
Top