آئس لينڊي نالا
آئس لينڊ دنيا جي ڪجھ اهڙن ملڪن مان آهي،جن ۾ ٻارن جي نالن رکڻ جي لاءِ سخت قانون آهي.اتي جي عوام ان سخت قانون مان ناخوش به نه آهي. ”ذاتي نالن جو رجسٽر“ جي نالي سان هڪ نالن جي فهرست آهي جنهن ۾ 1712 مردن ۽ 1813 عورتن جا نالا شامل آهن،جيڪي آئس لينڊي ٻوليءَ جي گرامر۽ تلفظ مطابق آهن،والدين ان فهرست مان ٻارن جا نالا رکڻ جا پابند آهن.