• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوره بادشآه کي ڀيٽا

اھو سنڌ سورھ ھيو سنڌ جوڌو
انگريز کي جنھن ھتان ھو تھ لوڌيو
وطن ۽ ڪفن جو ڏنو جنھن ھو نارو
ائين سنڌ سا نينھن نڀائي ويو پيارو
ھميشھ ھو سنڌ جي حفاظت جو حامي
ھيو مرد مومن وڏو نانءُ نامي
سک سان نھ ويٺو ڪڏھن ٿي آرامي
وڻي ڪين جنھن کي سنڌ جي غلامي
اھو بادشاھن جو وڏو بادشاھ ھو
اھو پير مرشد سيد بادشاھ ھو
ڪري ياد تاريخ جنھن کي جھڄي ٿي
ھن جي عزت پو اعلي ا مقامن پڄي ٿي
ڏنو درس جنھن ھو سدان پيار سنڌ سان
ھي ارڏو ھو ارواح جڙيل جند سنڌ سان
اڄ آ وري سنڌ تنھن کي سنڀاريو
ڪري ياد جنھن کي اڀ آب ھاريو
امڙ سنڌ تون ڪين ٿيءُ ڪا ڏکاري
وري ورندوسورھ ڪندو جنگ جاري
پو ڀلاري ڀونءِ منھنجي ٿيندي اجاري
ائين غير سنڌين تي ڪبي موت ماري
 
Back
Top