امر پيرزادي جي شعري ڳٽڪي “عشق “ جي مهورتي تقريب عشق جي انوکي هيءَ ڪائنات ڏسجانءِ! 2352 اٽيچمينٽ ڏسو 2353 اٽيچمينٽ ڏسو 2354 اٽيچمينٽ ڏسو 2355 اٽيچمينٽ ڏسو 2356 اٽيچمينٽ ڏسو 2357 اٽيچمينٽ ڏسو 2358 اٽيچمينٽ ڏسو 2359 اٽيچمينٽ ڏسو 2360 اٽيچمينٽ ڏسو 2361 اٽيچمينٽ ڏسو 2362 اٽيچمينٽ ڏسو نئين ٽهيءَ جي نمائندي ۽ مقبول شاعر امر پيرزادي جي پهرين شعري مجموعي ”عشق“ جي مهورتي تقريب 17 مارچ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ٿي. انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ طرفان ٿيل ان تقريب جي صدارت ليجنڊ امداد حسينيءَ ڪئي. جڏهن ته مهورت ڪار چوٽيءَ جي سنڌي ۽ اردو ليکڪا نورالهديٰ شاهه هُئي. زيد پيرزادي ڪمپيئرنگ جا فرض انجام ڏنا ۽ پروگرام جي آخري حصي کي بخشڻ مهراڻويءَ پورو ڪيو. زيد پيرزادو جيئن ته پاڻ مقالي نگار به هو سو شروعات هن پنهنجي ئي مقالي سان ڪئي. هتي اسان ترتيب وار مقالا پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ اديبن ۽ دانشورن جا ويچار پيش ڪيون ٿا. زيد پيرزادو: بهترين ۽ اعليٰ شاعري اُها آهي جنهن جو فڪر مضبوط هجي. فن ۽ فارم جي بنيادي ضرورتن کانپوءِ شاعريءَ جو معيار ان جي فڪري سگهه طئي ڪندي آهي. شاعريءَ لاءِ Creativity سان گڏ Originality به اهم هوندي آهي ۽ امر جي شاعري جي خاص ڳالهه ان جي Originality آهي جنهن جي اڄ جي شاعريءَ ۾ کوٽ آهي. امر جي شاعري رواجي شاعريءَ کان هٽيل آهي ۽ ان ۾ فڪري نواڻ به ملي ٿي. امر جي شاعريءَ جو ٻيو اهم پهلو مزاحمت جو آهي امر جي شاعريءَ ۾ موجود مذاحمتي عنصر انور پيرزادي جي شاعراڻي وراثت جي جهلڪ آهي. شاهه حسين مسرت: امر پيرزادي جي شاعريءَ ۾ مونکي بيباڪي محسوس ٿئي ٿي. هيءُ پرتشدد دور جو اهو نوجوان شاعر آهي جنهن جي اندر ۾ بيچيني ۽ درد سمايل نظر اچي ٿو. امر جو نظم ”پاڻ کي عورت تصور ڪجان“ حيران ڪندڙ آهي. اهڙي مثبت سوچ ذريعي ئي سماج ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. امر پنهنجن قريبي رشتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏئي زنده ڪري ڇڏيو آهي. انور پيرزادي تي لکيل نظم پڙهي اهو شخص جيڪو ڪڏهن به نه ڏٺو هو، اکين اڳيان گهمندي ڦرندي نظر ٿو اچي. فيض پيرزادو: غزل جهڙي پابند صنف ۾ شاعري ڪرڻ باوجود امر جو خيال متاثر نه ٿو ٿئي. اڃا به ان جي رواني ان کي وڌيڪ حسين بڻائي ٿي. ڪاش اڄ انور پيرزادو هن محفل ۾ هجي ها ته هو ڏاڍو خوش هجي ها ۽ هن محفل جو رنگ ئي ڪجهه ٻيو هجي ها. سردار شاهه: امر جي شاعريءَ جو ڪتاب پڙهي مان حيران ٿي ويس. امر زندگيءَ کي جيئن محسوس ڪيو آهي تيئن لکيو آهي. هن جي عشق جي پهرين وک ئي لاجواب آهي. اُميد ته پهرين ڪاميابي جي سحر مان نڪري هيءُ ٻيا به اهڙا خوبصورت ڪتاب تخليق ڪندو. اسان وٽ ڪو ڪُل وقتي نقاد ڪونهي سو منهنجي دعا آهي ته امر کي ڪو نقاد ملي، جيڪو هن جي اندر جي شاعر کي اڃا وڌيڪ تراشي ۽ ان ۾ اڃا وڌيڪ نکار پيدا ٿئي. اياز جاني: امر جي شعر جي تخيل ۽ فڪر جي اندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم ته مون کي هن نوجوان شاعر جي اندر ۾ اها ئي روشني نظر آئي جيڪا انڌيرن ۾ ڀٽڪندڙ قوم کي دڳ ڏيکاريندي آهي. امر پيرزادي جو عشق لطيفي عشق جو تسلسل آهي ۽ هو لطيف جي عاشق انور پيرزادي جو به تسلسل آهي، تنهن ڪري منجهس اظهار جي غير معمولي جرئت آهي. ڊاڪٽر مبارڪ علي هڪ تازي انٽرويو ۾ نوجوانن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن سماج کي تبديل ڪرڻو آهي ته شاعريءَ کي ترڪ ڪرڻو پوندو. امر جو هيءُ شعري مجموعو ”عشق“ ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته ڊاڪٽر مبارڪ جا ويچار دانشمنديءَ تي ٻڌل ناهن. روبينه ابڙو: امر پيرزادو انهن خوشقسمت شاعرن منجهان آهي جنهن کي گهڻو ڪجهه ورثي ۾ مليو آهي. انور پيرزادي جي پورهئي جي سموري پونجي امر کي ورثي ۾ ملي آهي. امر جي ورثي ۾ هونئن ته گهڻو ڪجهه شامل آهي پر هن پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق ان مان صرف شاعريءَ جي چونڊ ڪئي، باقي سڀ شيون ان پنهنجي اصلي ۽ روحاني ڀائرن لئه ڇڏي ڏنيون آهن. ۽ اڄ جڳ ڏٺو ته امر پيرزادي جيڪو عشق پنهنجي گرو بابا کان ماڻيو اهو باامانت باسلامت پنهنجي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان، پنهنجي ماڻهن سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مامرن تي لکي لطيف سائين جي هن سٽ جي پيروي ڪئي آهي: ”هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ مانجهيان ايءَ مَرڪُ“ هن پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ وارتائن، لقائن ۽ عام ماڻهن جي بک، بدحالي، لاچارين، ڏکن ۽ دردن کي پنهنجو فرض سمجهي پنهنجي شاعريءَ ۾ نروار ڪيو آهي. ”ڪراچي“ جي عنوان سان امر جو هڪ خوبصورت نظم آهي جنهن ۾ ڪراچي شهر جي رهواسين جي اندر جو خوف سمايل آهي. عطيه دائود: امر پيرزادي سان منه و رشتو صرف ادبي نوعيت جو ئي ناهي پر هن جي خاندان سان به منهنجو گهرو ناتو رهيو آهي. امر منهنجي بهترين دوست انور پيرزادي جو پٽ ۽ شاهه محمد پيرزادي جو نياڻو آهي. امر جي شاعري ۾ فيمينزم به آهي ته مزاحمت به آهي ته رومانس به آهي. سندس شاعري جا موضوع جيئرا جاڳندا ۽ دل کي ڇهندڙ آهن. غلام حسين رنگريز: اسان جي سُڄاڻ نوجوان شاعر امر پيرزادي وٽ عشق ”انا“ کان آجپي جو نالو آهي. پنهنجي انا کان ٻاهر نڪري سگهين ته هلجان ۽ عشق جي انوکي هيءَ ڪائنات ڏسجان امر پيرزادو نئين ٽهي جي شاعرن ۾ پنهنجي نرالي سڃاڻپ رکندڙ شاعر آهي. جيتوڻيڪ امر کي سندس والد انور جي ادبي ورثي جو تلسل شمار ڪيو وڃي ٿو پر امر پنهنجي شاعراڻين صلاحيتن جي اظهار لاءِ پنهنجي والد کان نرالو ٿي پنهنجو رستو پاڻ جوڙيو آهي. امر وٽ ڏات، ڏانءُ ۽ زبان جي سلاست به آهي. هن جو شاعراڻو فڪر پر پکيڙي چڪور جيئن چنڊ ڏانهن اڏرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. امر جي شاعريءَ ۾ جمالياتي ذوق، احساسن جو نازڪ پڻو، اندر جو رومانس ۽ ڌرتيءَ جي مٽي جي مهڪ ڳوهيل ۽ ڳتيل نظر اچي ٿي. نور الهديٰ شاهه: عشق جو جذبو انسان جو منهن هيٺ ڌرتي طرف ڪندو آهي. ان ڪري عشق انسان کي ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن سان جوڙيندو آهي ۽ ان ۾ ڌرتي لاءِ تڙپ پيدا ٿيندي آهي امر جڏهن مون کي ڪتاب ڏنو هو ته سچ ٻڌايان ته مون ڪونه پڙهيو هو، مون سمجهيو ته هي به اهڙن شاعرن جي ڪتابن وانگر هوندو جن کي پڙهندي لڳندو آهي ڄڻ شيخ اياز جون سٽون پڙهندا هجون ۽ جن کي شاعري جي پنهنجي ڪا الڳ سڃاڻپ نه هوندي آهي. پر اڄ مون امر جو ڪتاب اسٽيج تي ويٺي پڙهيو، مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ هڪ نئين اميد پيدا ٿي آهي، سوچ جا نوان رستا کُلي پيا آهن، هن جون تشبيهون پنهنجون آهن. ڪيترن شعرن تي مون دل ۾ واهه واهه ويٺي ڪئي ۽ جيڪي نظم امر هتي پڙهي ٻڌايا ان ۾ هن سنڌي ماڻهن سان گڏ ٻين ماڻهن جي ڏک کي به محسوس ڪيو آهي. هن مهاجرن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪو ٻڌي مونک ي خوشي ٿي اها ئي اها آفاقيت آهي جيڪا هڪ باشعور شاعر ۾ هجڻ گهرجي مون کي اميد آهي ته امر ڪنهن جا به پيرا نه کڻندو ۽ پنهنجي الڳ اظهار سان شاعري جا نوان رستا دريافت ڪندو. امداد حسيني: ست ورهيه اڳ مون ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ امر جي شاعري پوري صفحي تي ڇاپي هئي. ان ڪري نه ته هو انور پيرزادي جو پٽ آهي پر ان ڪري ته امر جي شاعري معياري هئي. مطلب ته مون کيس ميرٽ تي ڇپيو هو. ميرٽ جنهن جا اسان جي هر شعبي وانگر شاعريءَ ۾ به ڌاڻا نڪري چُڪا آهن ۽ اهو لساني ۽ فني مسئلو ته آهي پر اصل ۾ اهو ذميواري جو به مسئلو آهي، ان ڪري امر جهڙن شاعرن ڏانهن اسان جون توقعات به وڌي ٿيون وڃن. امر جي اها خوش نصيبي آهي ته هو ”انور“ جهڙي شاعر جي گهر ۾ ڄائو، نپنو ۽ انور سندس شاعري ٻڌي ۽ انور جي حياتيءَ ۾ ئي ”امر“ جي شاعري ڇپي۔ آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته ڇا شاعريءَ جي ڪتاب جو ڇپجي وڃڻ کوڙ آهي؟ ۽ ان ڪتاب تي مهاڳ يا ٻيا رايا لکي ڇڏڻ ڪافي آهي؟ يا پوءِ ان ڪتاب تي ڪٿي تبصرو ٿئي ٿو يا مهورتي تقريب ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڳالهه ختم! مونکي هورا کورا اها به هوندي آهي ته ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ خود شاعر ڇا لکيو آهي؟ سو، امر جي ان شاعري جي اوسيئڙي ۾ آئون به آهيان. پروگرام ۾ سحر امداد، ممتاز مهر، بدر اڄڻ، راز ناٿن شاهي، سلطان وقاصي، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، نصير سومرو، ستار پيرزادو، راحت سعيد، احمد خان جمالي، رحمت الله پيرزادو، ستار ڀٽي، مسرور پيرزادو ۽ ٻين ساڃاهه وندن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
پياري امر پيرزادي سان پروگرام کان اڳ ٻه ٽي جاين تي ملاقات ٿي ۽ زور ڀريائين ته مان به هن مهورتي تقريب ۾ اچان۔ ڪارڊ به ڏنائين پر قسمت اهڙي جو ان ڏينهن ڳوٺ وڃڻ ٿيو ۔۔۔۔ پر پوء به امر پيرزادي جي عشق جي مهورتي تقريب سان گڏ سندس ڪتاب ڇپجڻ تي کيس واڌايون پيش ڪيان ٿو۔ مانواري شاعر هدايت بلوچ امر جي عشق کي ڪجهه هيئن ڀيٽا ڏني آهي: اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانهدايت بلوچ اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان، پو ءِ انور کي پيغام ڏجان، اي ٻلهڙيجي جا ٻهڳڻ تون، ۽ گھوٽ ڀٽائيءَ جا عاشق، تون ٽهڪ وڏا ڀل ڏيندو رھ، جيڏو به وڻئي ، خوش ٿيندو رھ، زرار ، جو تنهنجو پٽ آهي، تو جيئن صحافي ٿي ويو آ هي جيڪو منهنجو ڪالم آ، زرار ئي ڇاپيندو پيارا. ٻيو تنهنجو پٽ امر آهي، جو شعرن سان ٿو * عشق * ڪري، اڄ عشق مهورت ٿي ويندو، ڄڻ تنهنجي صورت ٿي ويندو، تون پوک جا پوکي وئين پيارا، تنهن پوک جا سنگ ۽ رنگ ته ڏس، تنهن پوک جا گل ڏس ڪيئن ٽڙيا، هٻڪار پکڙجي وئي آهي، مهڪار پکڙجي وئي آهي. شمشان کان ٻاهر آ پيارا، پو ءِ موٽي وڃجانءِ ڀل پيارا، تون پنهنجي پٽن جا ڳل ته چم، تون پنهنجي پٽن جا نرڙ ته چم، اڄ عشق مهورت ٿي ويندو. تون پنهنجي پٽن جي شعرن کي، ۽ تنهنجي شعري ڳٽڪي کي، اڄ پاڻ پڙهي وڃ او پيارا، يارن سان ملي وڃ او پيارا، اڄ آچر آ، اڄ موڪل آ توکي به ته موڪل ٿي هوندي، ۽ عشق سندي ڪل ٿي هوندي، اي چنڊ تون انور کي چئجان، اڄ امر جي عشق تي پاڻ اچي، ۽ تنهنجي خوشيءَ ۾ خوب نچي. پر اڄ مان عشق جي باري ۾، ڪجھ بيت ڀٽائيءَ جا ٿو پڙهان، ڪو امر جي سهڻي چهري کي، جاچي ته ڏسي ۽ پو ءِ پڙهي، هي بيت ڀٽائيءَ جا سائين. عشق نه آهي راند ، ته ڪي ڪنس ڳڀرو جيءُ ، جسي ۽ جان جي هڻي جو هيڪاند سسي نيزي پاند ، اُڇل ته اڌ ٿئي اڃا تو منجھاءَ ، ڪک ڇُتي رت نڪري منهن ۾ محبوبن جا ، ڪينئن جھليندين گھا ءَ سو تو ڪُڄاڙيا ءَ ، سڪڻ جون سڌون ڪرين .
بهترين ڪوششون آهن توهان جون سائين معصوم صاحب سنڌ سلامت فورم لا۽ اميد ته اهڙو ونڊ جاري رکندا سدائين ًگڏ