ڪراچي! لوڻ رڳو ڳوڙهن ۾ آهي..!! ڪراچي جيڪا هر روز لاش ڏسي ٿي. جنهن جي روڊن، رستن، چوڪن، چوٺن تي هر روز بي ڪجف لاش ملن ٿا، جنهن جون شاهراهون نوڪ آلود آهن. جنهن ۾ هر روز ايمبولينس جا هيئن ڏار آواز اسان جي ڪنن تي پون ٿا. جنهن ۾ هر روز معلوم ۽ نامعلوم ماڻهو جي هٿان اُهي ماڻهو قتل ٿين ٿا جيڪي انهيءَ شهر جا رهواسي هجن ٿا پر پوءِ به انهن جي سڃاڻپ اهڙي لفظ سان ڪئي ويندي آهي ته ”اڄ ڪراچي جي ڦلاڻي علائقي مان 5 نامعلوم نوجوانن جا لاش هٿ آيا آهن.“ اُهي ڪراچي جا رهواسي! پر جند ناهي ڇو پنهنجي زندگي وڃائڻ کان پوءِ نامعلوم ٿي ويندا آهن. پر اهي مقتول نامعلوم هوندي به دفن انهيءَ ڪراچيءَ جي پٿريلي زمين ۾ ئي ٿيندا آهن ۽ انهن جا اهي قاتل جيڪي انهن معصومن جو خون وهائيندا آهن اُهي مزي سان هن شهر ۾ هلندي ڦرهندي نظر ايندا آهن....! ڪراچي اڪيلي آهي سور سهڻ لاءِ، هاڻي ڪراچي جي اهڙي حالت جهڙي هڪ ماءُ جي هوندي آهي ڪراچي اسان جي ماءُ ئي ته آهي، اُها امڙ جيڪا زخمي آهي پر اڪيلي آهن جنهن امڙ کي پنهنجي زخمن جو به خيال رکڻو آهي ۽ پنهنجي اولاد جو بو سور به سهڻ آهن ۽ زندگي به جئڻي آهي. ڪراچي اُن زخمي هرڻ جيئان ٿي پئي آهي جنهن کي پاڻ کي شڪارين کان به بچائڻو آهي ته پنهنجي ٻارن لاءِ خوراڪ جو به بندوبست ڪرڻو آهي. ۽ مسافرن جي جان به بچي پئي! ڪراچي جنهن ۾ سڀ ساز، گيت مٽجي چُڪا آهن، ڪو ساز نٿو ڇڏي، صرف ماتم ٿي رهيا آهن، نوحا پڙهجي رهيا آهن ماتمي مجالس ٿي رهيون آهن. ڪراچي اُن ٻيڙي مثل ٿي پئي آهي جنهن جو اڌ کان وڌيڪ حصو ٽٽي ڦٽي ويو هُجي ۽ ٻيڙي ٻڏڻ تي هُجي. ڪراچي ان ٻيڙي جيئان آهي جيڪا منزل کان ڏور آهي ڪهڙي منزل؟ امن جي منزل، ڀائيچاري جي منزل، صبر جي منزل، برداشت جي منزل. ڪراچي جيڪا ٻڏي به رهي آهي ته تري به رهي آهي، ڪراچي جيڪا مري به رهي آهي ته جي به رهي آهي. ڪراچي جنهن جو صبح ان خوف ۾ طبوع ٿئي ٿو ته ڪجهه ٿي نه پوي ۽ سج اُن رهمائي ۾ لهي ٿو جنهن ڌماڪي کان پوءِ صرف ڌماڪي ۾ لهي ٿو جنهن ڌماڪي کان پوءِ صرف ماتم آهي. صرف نوح آهن. صرف سڏڪا آهن. مقتولن جو تعداد آهي ايمبولينس جا سائرن آهن! ڪراچي هڪ زخمي ماءُ، ڪراچي هڪ زخمي ڪونج، ڪراچي هڪ عظيم سردخانو، ڪراچي ايمبولينس وج ٽرمينل! ڪراچي ڪنهن گاهه جو مرڪز! ڪراچي زخمن ساڻ ڀريل اُها اسپتال ثابت ٿيو آهي جنهن اسپتال ۾ صرف زخمي آهن بم بلاسٽن جا جنهن زخمين مان اها اُميد تمام گهٽ آهي ته اهي صحيح ٿي وري پنهنجي ماڳن تي ويندا پر انهن زخمين مان اڪثر ڪري اُن اونداهي قبر ۾ ئي اضافو ڪندا آهن جيڪي قبرون هاڻي ڪراچي تي ڪنهن بار جيئان محسوس ٿي رهيون آهن. ڪراچي هڪ عظيم سرد خانو، ڪراچي پوسٽ مارٽم جو مرڪز، ڪراچي گورڪن جو ٺڪاڻو، ڪراچي جيڪو روشنين جو شهر هوندو هو هاڻي اُها ڪراچي هڪ مقام ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي اهڙو مقام جنهن مقام ۾ صرف اُهي ئي دفن ٿيندا آهن. جنهن جي جسمن مان رت وهيو هُجي پوءِ چاهي اُهو رت بندوق جي گوليءَ سان وهيو هُجي چاهي هڪ بم ڌماڪي ۾! ڪراچي مقتولن جو شهر، گولين جو شهر نوحن ماتمن جو شهر رت جو شهر، اونداهه جو شهر تماشي جو شهر ڪراچي مقتولن جو شهر گولين جوشهر! اهڙو شهر جنهن شهر ۾ صرف تماشو ٿئي ٿو ۽ اسان اُهو تماشو ڏسون ٿا ۽ اُهي تماشي ڪئي انسان اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ڪئي انسان ٽڪر ٽڪر ٿي وڃن ٿا. ڪئي انسان عضوا عضوا ٿي وڃن ٿا سب تماشو اهڙو تماشو، جنهن کي ڏسڻ سان درويش شاعر جون ايليا جو هي شعر هيئين ٿي هُري اچي ٿو ته اي قاتلون ڪي شهر بس انتي سي عرض هو مين هون نه قتل ڪوئي تماشه ڪئي بغير! بس هاڻي ڪراچي جي سڃاڻپ ڏيهه چاهي پرڏيهه ۾ صرف قتل ۽ قاتلن جي حوالي سان ٿئي ٿي ڪراچي ۾ 10، 12 قتل ته روز جو معمول آهن پر اهڙي قتلن تي ته ڪراچي به هلندر رهندي آهي پر جڏهن ڪجهه ئي منٽن ۾ ڪراچي کي اهڙو گهاءُ ڏجي جنهن گهاءُ ۾ 50 کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي وڃن 150 کان وڌيڪ گهايل ٿي پون، تڏهن ايئن لڳندو آهي ته ماءُ جهڙي ڪراچي ڪونج جهڙي ڪراچي روئي رهي آهي. ماتم ڪري رهي آهي، اُداس آهي، سختي ۾ آهي. تڏهن ڪراچي جو جسم نه پر روح به زخمي ٿي پوندو آهي. اهڙو ئي حملو ڪجهه ڏينهن پهرين عباس ٽائون ۾ ڪيو ويو جنهن حملي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي پيا ۽ 150 کان وڌيڪ گهايل ٿيا پر اُهو حملو صرف صرف عباس ٽائون تي نه هو پر اُهو حملو ڪراچي جي روح تي هو. جنهن حملي ۾ انسان اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته ڪراچي گهايل ٿي پيو. انسان قتل ٿي دفن ٿيندا ۽ ٿي رهيا آحن انسان زخمي ٿيا نه نجي زخمن تي مرهم رکيو پيو وڃي. ڪراچي روح سميت گهائيل ٿي پيو ڪراچي جي گهائيل روح جو علاج ڪير ڪندو؟؟؟ ڪراچي جي روح تي مرهم ڪير لڳائيندو؟؟ ڪراچي زخمي ماءُ آهي هن زخمي ماءَ جو خيال ڪير رکندو؟؟ ڪراچي ۾ جيڪا گولين ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بم ڌمڪان ۾ انسان قتل ٿي رهيا آحن اهي به ڪنهن جا آسرو آهن. ڪنهن جو سهارو آهن پر ڪراچي اهڙو شهر آهي جو هڪ ڏينهن شديد زخمي ٿيندو آهي ته وري ٻي ڏين هن تيپ نهنجي زخمن تي مرحم رکي هي چوندو آهي جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته:اي ”اياز“ اگهه اکيونجي وياسي ويا!پورڪن جا پيو تونپچائين اڃان! اهو اياز جو مٿيون شهر پڙهي وريڪ راچي هلي پوندو آهي. پر عباس ٽائون ۾ هاڻي ٿيل اهڙو بم ڌماڪو آهي. جنهن پور پچائڻ مشڪل ڪم آهي. جنهن ۾ آيون اگهي هلڻ به مشڪل ڪم آهي.اهو اهڙو بم ڌماڪو آهي. جنهن ٻم ڌماڪي ڪراچي کي ايترو ته ڊهايو آهي جو ڪراچي کي ٺاهڻ ۾ ٽائيم لڳندو! ڪراچي جو روح زخمي آهي. ڪراچي جو وجود به زخمي آهي اهي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جيڪي عباس ٽائون وارن وڏي چاهه سان جوڙيا هئا. اهي فليٽ زمين بوس ٿي ويا آهن جيڪي 3 مارچ جو مغرب مهل تائين ڌرتي جي سيني تي بيل هئا اهي انهن فليٽن جا رهواسي يا ته قبرن ۾ آهن. ڪي سڃاڻپ لاءِ سرد خاني ۾ آهن. وري کي اسپتالن جي بيڊن تي! پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي نه سرد خاني ۾ نه قبر ۾ ۽ نه ئي اسپتالن ۾ آهي اهي سرِ شام اچي پنهنجي اجڙيل گهرن کي ڏسندس آهن. آڪاش کي ڏسندا آهن. پنهنجي بي رونق زندگي کي ڏسندا آهن ۽ انهن جي سيني ۾ اياز جاهيا نظم جاڳي پوندي آهي ته:چنڊ آڪاس مانڪنهن جوڳيءَ ڪي ڪنڍلي وانگر لڙڪي رهيو آهي۽ منهنجو منهن سنسار مان کٽو ٿي پيو آهيمنهنجين اکين مان ڳوڙها وهي رهيا آهن۽ ايئن ٿو لڳيته هن ڦڪيءَ، بي سواديءَ زندگيءَ ۾لوڻ رڳو ڳوڙهن ۾ آهينه ڄاڻان مان ڪنهن لاءِ روئان ٿو!نه ڄاڻان مان ڇالاءِ روئان ٿو!
ڪالهه ئي ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڀرسان مهران ٽائون واري علائقي ۾ آرائين شڪارپور سان تعلق رکندڙ اي ايس آء اسلم ڀٽو کي گهران سڏ ڪري کيس گولين جو شڪار ڪري شهيد ڪري ويا۔ هو سگا سچل ڳوٺ جي سرگرم ۽ سماجي دوست سيف الله ڀٽو جو سئوٽ ۽ آفتاب ڀٽو جو ڀاء هو ۔۔۔۔ کيس ڇو قتل ڪيو ويو؟ هن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ ۔۔۔ اها نه قاتل کي خبر نه مقتول کي ۔۔۔ اڄ سندس ڀائٽي جي شادي ڪراچي ۾ رٿيل هئي پر سڀ گهروارا ميت سان گڏ ڳوٺ روانا ٿي ويا آهن ...... ڪراچي هاڻي شهر نه پر مقتل گاهه بڻبو وڃي.
الله اڪبر۔ نهايت افسوس واري خبر آهي، دل روئي رهيو آهي، بيگناهه ماڻهو مرن ٿا اهي به پنهنجي ڌرتيءِ تي۔ سائين منهنجا جڏهن کان سنڌين هن شهر کي اوپري ڪري ڇڏيو آهي تڏهن کان منهنجي ڪراچي ڌارين جي چنبي ۾ آهي۔ ٻيلي پنهنجي سنڌ جي هن شهر جا ساٿي بڻجو هن کان پري نه وڃو، اچو ته ڪراچي کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿيون۔ هي منهنجي ڪراچي آهي، هي هر سنڌي جي ڪراچي آهي۔۔نه ڪنهن مهاجر کي اونو ٿيندو نه ڪنهن پٺاڻ کي صرف هنياءُ جهرندو ته هڪ سنڌيءَ جو ڇو ته ڪراچي سنڌ جو دل آهي ۽ دل ڪمزور ٿي پوي ته باقي جسم ڪهڙي ڪم جو رهندو۔۔ٻيلي ڪراچي بچايو ۔۔سنڌ بچايو