سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته؛ “ ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو“ آمريڪا ۾ هڪ باشندي گئراج جي نيلاميءَ ۾ هي پيالو 3 ڊالرن ۾ خريد ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس هن پيالي جي اهميت جي خبر پئي، تاريخي طور تي اهو پيالو چين جي سونگ حڪمراني جيڪا 1000 سال اڳ هئي سان واسطو رکي ٿو ... هي پيالو ايترو ته مشهور ٿيو جو هاڻ ان پيالي جي نيلامي ڪئي وئي ته مالڪ کي 2.22 ميلن ڊالرن جو چيڪ مليو آهي. سو دوستوَ! سنڌيءَ جي اها ڪهاوت هاڻ سمجهه ۾ آئي ؛
هڪ پيالي جو ايڏو قدر ۽ هتي موهن جي دڙي جي نوادرات، ڪوٽڏجي جي قلعي جي نوادرات جو ڪو قدر ناهي ۔۔۔ اهي ئي قومون زندهه رهنديون پر پيالي جي مالڪ جو سو واهه جو ڀاڳ کليو ۔۔۔
ها سائين ان جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي جو اسان کي پاڻ انهن شين جو قدر ڪونهي تڏهن ته انهن جو ڪو مُلهه ئي ڪونهي۔۔هڪ محفل ۾ عبدالغفار تبسم صاحب سهڻي ڳالهه ڪئي ته۔۔موئن جي دڙي مان نوادرات چورائڻ وارا ڪير ٻاهريان ته نه هيا۔۔هتان جا پنهنجا سنڌ ئي هيا۔۔ جن محض چند ڏوڪڙن خاطر هزارن سالن جي تهذيب جي يادگار کي وڪڻي ڇڏيو۔۔ان وڪڻڻ واري کي ته ٻه يا ٽي هزار مليا هوندا ۔۔پر ان اٻوجهه اهو نه سوچيو هوندو ته هن ڪيتري قيمتي تاريخ وڪڻي ڇڏي۔ جنهن جي ڪا قيمت ئي ڪونهي۔
بس ياد نوادرات ته ڇڏيو هينئر ته اسانجي سونهاري سنڌ سڄي نيلام ڪئي پئي وڃي ، ڪڏهن ڪراچي حيدرآبار ها وي تي هزارين ايڪڙ ڌارين کي ٿا ڏنا وڃن ته ڪڏهن ٺٽي ۾ گهوڙن جي اصطبل ۽ ريس لا هزارين ايڪڙ عربن کي وڪرو ڪيا ٿا وڃن!
سنڌ هنڌان هنڌان ايتري ته ٽُٽجي، ڦِٽجي ۽ پُرزا پُرزا ٿي رهي آ جو هينئون سڙي ٿو۔۔۔اسان جو تاريخي ورثو، اسان جي ثقافت، اسان جي ٻولي، اسان جا رسم رواج سڀ خطري ۾ آهن۔۔شهرن ۾ ٻين ٻولين جي ڪاهه اصل منٍجهائي وڌو آ۔۔ترقي جي نالي تي اسان پنهنجون ريتون رسمون، طور طريقا، رهڻي ڪهڻي سڀ وساري ويٺا آهيون۔۔۔ الله ايئن مَ ٿيي جو ڪتابن ۾ پڙهجي۔۔۔!!!ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔۔۔۔!!!