اسلام عليڪم دوستو۔ اميد آهي توهان سڀ خير خيريت سان هوندا۔ ڪافي دوستن اهو چيو آهي اسان جو وزن ڪافي وڌي ويو آهي ان لائي ڪو آسان طريقو هجي ته ٻڌايو جيئن وزن گهٽائي سگهون۔ اهڙن دوستن لائي اڄ آئون 10 آسان طريقا لکهان پيو جنهن جي مدد سان توهان پنهنجو وزن گهٽائي سگهو ٿا۔ 1۔ گرين ٽي ڏينهن ۾ 3 دفعه يا ان کان وڌيڪ پيو روزانو 2۔ ناشتو ڪرڻ کان پوئي روزانو 10 منٽ ورزش ڪريو 3۔ ناشتي، منجهند جي ماني ۽ رات جي ماني ۾ سٺو کاڌو ڪايو 4۔ منجهند جي ماني کان پوئي به روزانو 10 منٽ ورزش ڪريو 5۔ هر هفتي 1 ڪلو ميٽر جي ڊوڙ ڪريو 6۔ روزانو 6 يا 7 ڪلاڪ آرام ڪريو 7۔ جم يا باڊي بلڊن کي تي به وڃو 8۔ ڪڏهن به همت نه هاريو ته آئون وزن گٽائڻ ۾ ناڪام ٿيس هميشه ڪوشش جاري هجي 9۔ سڻبها يا آئلي کاڌا ڪائڻ بلڪل گهٽ ڪريو، صفا چڏي ڏيو ته وڌيڪ بهتر آهي 10۔ ٻين دستن جي به مدد ڪريو وزن گهٽائڻ ۾ اميد آهي توهان دوستن لائي هي طريقا فائدي مند هوندو وڌيڪ تفصيل لائي هتي ڪلڪ ڪريو سنڌ سلامت ساٿ سلامت
واهه واهه ۔۔۔۔ پر سدائين سوچيندو آهيان ته انهن ڳالهين تي عمل ڪندس پر الائي ڇو ورزش ۽ ٻيون ڳالهيون معمول جو حصو بڻجي ناهن سگهيون۔ مان ته مهيني ۾ به هڪ ڪلوميٽر پنڌ مس ٿو ڪيان۔ پر 10 مارچ تي جڏهن کيرٿر وڃڻ ٿيو ته بائيڪ جو تيل ختم ٿيڻ سبب 16 ڪلوميٽر پيدل هلڻو پيو پر ان پنڌ جي ٿڪاوٽ ۽ سور اڃان به محسوس پيو ڪيان۔
زندگي خدا جو ڏنل عطيو آهي ان کي سهڻي نموني سنڀارڻ به عبادت آهي هر ماڻهون کي سمارٽ رهڻ لا محنت ڪرڻ کپي ڀا سليمان وساڻ جي ڳالهه مان ياد آيو ته هڪ دفعي اسان به شڪار جي خيال سان مٿي روهي تي وياسين ، تفصيلن احوال ته گهڻو آهي پر مطلب جي ڳالهه لکان ٿو . پير پکڙوئي کان اوڀر سائيڊ 60 ڪلوميٽر پري انڊيا جي باڊر سان بلڪل گڏ جنهن علائقي کي رَڙيو چون پيا جيڪو ناگو آري کان به اڳتي آهي اتي اسان جي جيپ خراب ٿي پئي پو اتان کان اسان هڪ ڏينهن منجهند 11:00 بجي روانا ٿياسين رات اڌ ۾ جداري جي تڙ تي گذاري پو صبح جو وري روانا ٿياسين منجهند تقريبن 3:00 بجي گهر پهتاسين ، منهنجي حساب سان اٽڪل 20 ڪلاڪ اسان پنڌ ڪيو هو اڳ مان ورزش به ڪندو هيم هاڻي نٿو ڪريان ، ٻي باڊي صحيع لڳندي آهي باقي پيٽ وڌندو ٿو وڃي بحرحال ورزش ڪرڻ کپي
وزن گهٽائڻ لا ٻن ڳالهين جي ضرورت آهي۔۔ 1۔ متوازن خوراڪ۔ 2۔ جسم جي ورزش۔ توهان پنهنجي جسم جي ضرورت مطابق مختلف شين جو هڪ هفتيوارچارٽ ٺاهيو،اهي شيون توهان جي خوراڪ ۾ ضرور شامل هجن۔۔۔ مثال طور: جيڪو ماڻهو آفيس ورڪ ڪرڻ جو عادي آهي، جسماني ورزش تمام گهٽ اٿس ان کي گهٽ ڪيلريز واريون شيون کائڻ گهرجن سبزيون، سلاد زياده کائڻ گُهرجيس۔ چڪنائي بلڪل گهٽ۔ ڪيڪ، چاڪليٽ، ماکي ۽ کير مان ٺهندڙ هر شي ڪيلريز سان ڀرپور هوندي آهي۔انهن کان پرهيز ضروري آهي۔ اگر ڪو انهن کاڌن جو شوقين آهي ته پو کيس اضافي ورزش به ڪرڻي پوندي ته جيئن جيتريون ڪيلريز کاڌيون آهن اهي استعمال به ٿي وڃن۔۔ٻي صورت ۾ اهي ڪيلريز اسان جي جسم ۾ اسٽور ٿينديون وينديون ۽ آخر ۾ اجائي ٿولهه، دل جون بيماريون، بلڊ پريشر سميت ڪافي سارا مسئله پيدا ٿي ويندا۔۔۔۔
توهان سڀني دوستن جو آئون شڪر مند آهيان جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ۽ تمام ڀلي موٽ به ڏني۔ الله پاڪ توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن کي خوش ۽ تندرست رکي۔