سر بروو سنڌي داستان پھريون 1 ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِـيَنِ جو؟ وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛ سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ اَللهَ سين. 2 جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛ اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛ ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانهَن؟ سُورَهِنئين کي سامُهان. 3 ڌَرَتِي دُونہَ جِئَن، سِرَ ڀَرِ سُپيرِيُنِ ڏي؛ لَڳو آهِ، لَطِيفُ چئي، تَنُ پِريان ڏي تِئَن؛ حاصُلُ ٿِئي هِئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو. 4 لَڳِيءَ جو، لَطِيفُ چَئي، نڪو قال نه قِيلُ؛ لِکـئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ؛ ھِنئَڙا! ٿِيُ سُڌِيرُ، ڪالهه قَرِيبَنِ لَڏِيو. 5 ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ به اوڏا سُپِرِين؛ ڪي سَنڀِرجَن نه ڪَڏھِين، ڪي نه وِسرَنِ مُورِ؛ جِئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِئَن دوسِتَ وَراڪو دِلِ سين. 6 ڪوٺي ڪُٺائُون، اَڄُ پڻ اَکَڙِيُن سين؛ ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون؛ ”وَتَوَاصَوۡ ابِالۡحَقِّ وَتَوَاصَوۡابِالصَّبۡرِ“ اِئين اُتائُون؛ مُئِي مارِيائُون، کِـلِي گھائِيو سَڄَڻين. 7 ماڙھُو گُھرِنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏِينهَن گُھران سُپِرِين؛ دُنيا تَنهن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ؛ ڪَيَسِ نامَ نهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِيو. 8 ڪَڏَهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏَهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا؛ ڪَڏَهِن اَچان، اَچَڻُ نه لَهان، ڪَڏَهِن ڪوٺِيو نِينِ؛ ڪَڏَهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏَهِن ڳُجھاندَرَ ڳَـرَهِين؛ اَهڙائِي آهينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين. 9 صُورَتَ گھڻو سُهِڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوهَ؛ ريلو ڏِئي رُوحَ، جو کائي، سو کامِي مَري. داستان ٻيو 1 جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين؛ مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو؛ اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين. 2 جانِبَ مُنهنجي جِيءَ ۾، تُنهنجِي طَمَعَ پوءِ؛ وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ؛ ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نِهارِئين. 3 جانِبَ! اِيئَن نه جُڳاءِ، جِيئَن مارِيو، موٽِيو نه پُڇِين؛ رَتِيءَ رَتُ نه سِنجُري، سِڪَ تُنهنجي ساءِ؛ اَسان تو ئِي لاءِ، پَرِ ۾ پُوڄائُون ڪَيُون. 4 جَڏهِن پَوي يادِ، صُحۡبَتَ سُپيرِيُنِ جي؛ فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَہَ وَڃَنِ نِڱِيو. 5 ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جِيئَن لُهارَ لَپيٽِيو؛ مُنھِنجو جِيُ جَڙي، سُپيرِيان سوگھو ڪَيو. 6 نازَ مَنجھاران نِڪرِي، جَڏھِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ؛ ڀُون پڻ ”بِسِمِ اَلله“ چئِي، راهَ چُمي ٿِي رَندُ؛ اُڀِيُون گَھڻي اَدَبَ سين، حُورُون حَيۡرَتَ ھَنڌُ؛ سائِينءَ جو سَوگَندُ، ساڄَنُ سَڀَنِئان سُھڻو. 7 فانِي نِي فانِي، دُنيا دَمُ نه ھيڪِڙو؛ لَٽي لوڙهُ لَتُنِ سين، جوڙِيندَءِ، جانِي! ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَڪَنهِين. 8 اَڄُ پِڻُ اَنگِـيَمِ اَنگَ، ھٿان حَبِيبَنِ جي؛ جا پَرِ سَوۡنٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي. 9 اَڄُ پِڻُ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو؛ سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مُحۡڪَمُ ڏِنِي موڙَ؛ جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِـئِي. داستان ٽيون 1 عِشۡقُ اَهڙِي ذات، جو مانجِھي مُنجھائي مَيَنِ کي؛ ڏِينهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، روئَڻُ سَڄيائِي راتِ؛ اُٿي ويٺي تاتِ، مِيان! مَحۡـبُوبَنِ جِي. 2 يارُ سَڏائي سَڀُڪو، جانِي زِبانِي؛ آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ٿِي ڪَلَ پَوي. 3 آدِمِيُنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو؛ هاڻِ کائي سَڀُڪو، سَندو ماڙُهُوءَ ماسُ؛ دِلبَرَ! هِنَ دُنيا ۾، وَڃِي رَهندو واسُ؛ ٻئي سَڀُ لوڪَ لِباسُ، ڪو هِڪَدِلِ هُوندو هيڪِڙو. 4 شُڪُرُ گَڏِياسُون، سپِرِين! جِئَري، جانِي يارَ! ويٺي جن جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرارَ؛ ڌَڻِـيَم! ڪَرِ مَ ڌار، پاڙو تِن پِرِيُنِ کان. 5 کوڙي، کَڻُ مَ سُپِرِين! کَنيَئِي تان کوڙِ؛ عادَتَ جا اَکِيُن جِي، سا نيئِي نِباهِجِ توڙِ؛ مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِج، سُپِرِين! 6 ڪِئان سِکِـئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪارِ؟ تِکِي ڪاتِي هَٿِ ڪَري، مُنِيءَ سين مَ مارِ؛ چوري چاڪَ نِهارِ؛ سورَنِ سانگھيڙا ڪَيا. هن سُر جي اينٽري لاءِ فقير اسلح علي قلباڻي جا ٿورائتا آهيون.