اڄ ڏکڻ ايشيا جي سنڌي ليڊر قائداعظم جي 133 سالگره آهي ۔ پاڻ اڪيلي سر برطانيه سان وڏي اقليت کي وطن ڏيارڻ جي ويڙهه ڪئي پاڻ چيو هيائون ته اچو ته هڪ ٻئي تي اعتماد ڪريون ۔ ۽ وطن کي ترقي ڏيڻ لاء ڊبل شفٽ ۾ ڪم ڪيون۔ ٿيوري کي ڇڏي نتيجن تي ايمان رکون ۔ پاڻ ايمان ، ٻڌي ۽ نظم و ضبط جو درس ڏنو ۔ پاڻ تعليم جي بهتري لاء به ڪوشش ڪئي ڇو ته انهن جو خيال هو ته اڄ جو شاگرد سڀاڻي جو سياستدان ٿيندو ۔ عظيم وطن حاصل ڪرڻ تي مان کيس سليوٽ ڪيان ٿو ۔ کين کي ياد ڪري هي وڊيو ڊيليگيٽ ڪيان ٿو http://www.youtube.com/watch?v=2v1Rk7ZK7cA
جواب: ڏکڻ ايشيا جو سنڌي ليڊر - قائداعظم محمد علي جناح صحيح وقت تي کين توهان ياد ڪيو آهي۔۔۔ دوستو پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل سنڌي هو پر کيس سنڌي ته ڇا اردو به تمام گهٽ ايندي هئي۔۔۔ پر پاڪستان لاءِ سندس خيال ڇا هوندا هئا ان جو اندازو هن واقعي مان به لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔اهو واقعو ڪنهن اردو ڪتاب تان پڙهيو هيم اهو ڪتاب ياد نه ٿو اچي۔۔۔ 25 ڊسمبر 1945 تي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگره ملهائڻ لاءِ پوري هندستان ۾ مسلمان پرجوش هئا۔۔۔ ان ڏينهن دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس نڪتو۔۔۔ ماڻهن رستي ۾ قائداعظم جون تصويرون، پوسٽر ۽ بينر لڳايا هئا۔۔۔ قائداعظم اهي بينر ۽ تصويرون ڏسي گذري رهيو هيو۔۔ اچانڪ سندس نظر هڪ وڏي پينٽنگ تي پئي ۔۔ سندس جي ڪنهن چاهيندڙ سندس جي هڪ تصوير ٺاهي هئي جنهن ۾ سندس مٿي تي سونو تاج پارايو ويو هو ۽ هيٺ لکيو هو ته ”شهنشاهِ پاڪستان“۔۔۔ قائداعظم پنهنجو قافلو روڪرايو ۔۔ تصوير ٺاهڻ واري کي ويجهو گهرايو ۽ چيائين۔۔”اسان هڪ جهموري ملڪ ٺاهي رهيا آهيا آهيون۔۔ پاڪستان ۾ ڪنهن بادشاهه، ڪنهن شهنشاهه ۽ ڪنهن شهزادي جي گنجائش نه آهي۔۔۔ پاڪستان جو تاج قانون هوندو۔۔۔ پاڪستان جو تخت آئين هوندو ۽ پاڪستان جو لباس جهموريت هوندي۔۔۔ جيڪڏهن توهان مون سان محبت ڪيو ٿا ته مهرباني ڪري آئنده ان قسم جي حرڪت نه ڪجو۔۔۔“ چون ٿا ته جيڪڏهن ڪير قائداعظم جا پير ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته پاڻ غصي ۾ اچي چوندو هو ته ”Youngman don't lose your self respect سندن چوڻ هو ته ” جيڪو شخص هڪ دفعو ڪنهن جي قدمن ۾ جهڪي ٿو اهو پوري زندگي ٻين جي قدمن ۾ گذارڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي۔۔۔“ اڄ جنهن قوم جي نوجوانن کي قائداعظم پنهنجي پير ڇهڻ کان روڪيو هو ۔۔ اڄ اها قوم ٻين جي قدمن ۾ ويٺل آهي۔۔ اڄ ان قوم تي ڌاريا ڊرونز جا حملا ڪري رهيا آهن۔۔۔ ۽ هن قوم جا ليڊر انهن حملن جي وضاحت ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔ اڄ قائداعظم جي قوم سيلف ريسپيڪٽ وڃائي چڪي آهي۔۔ ۽ جنهن قوم لاءِ پاڻ خواب لڌو هيائون ۔۔۔ اها شايد سندس جي وفات سان گڏ ئي موڪلائي وئي هئي۔۔۔۔
جواب: ڏکڻ ايشيا جو سنڌي ليڊر - قائداعظم محمد علي جناح اوهان دوستن جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح پر جڏهن به محمد علي جناح صاحب جو ذڪر ايندو آهي ته مونکي سائين محترم جي ايم سيد جا هي لفظ ياد ايندا آهن ” سنڌ مردم خيز زمين رهي آهي، ويهين صديءَ ۾ پڻ سنڌ ڪجهه ڏاها انسان پئدا ڪيا ... جن ۾ محمد علي جناح ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا انسان پئدا ٿيا پر افسوس جو اهي ٻئي ڏاها انسان سنڌ جي ڪنهن ڪم نه آيا“