خالق جوڻيجو وفادارن جي فوج جو هڪ ٻيو ”ڪمانڊر“ موڪلائي ويو، نيڪي ۽ بدي، صحيح ۽ غلط سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ ازل کان هلندڙ جنگ جو هڪڙو ٻيو هيرو گذاري ويو، هو ويو ته صحيح پر هڪ سچي ڪمانڊر وانگر وڙهندي وڙهندي ويو آهي، هن سامراج جي خلاف وڙهندي زندگي گذاري ۽ ڪينسر جي خلاف وڙهندي موت قبوليو. پنهنجي جسم کي لڳل ڪينسر جي خلاف هن ٻه سال جنگ ڪئي پر انساني سماج جي ڪينسر خلاف هن سڄي عمر جنگ ڪئي، هو پنهنجي ضمير جي گهرائيءَ تائين وفادار هئو. پنهنجي وطن (وينزوئيلا) سان وفادار، وطن جي ماڻهن سان وفادار، لاطيني امريڪا جي ڌرتيءَ سان وفادار ۽ سڄي دنيا جي محڪوم۽ مظلوم ماڻهن سان وفادار. هوگو شاويز بوليورين (Bolivarian) به هئو ته ان سان گڏوگڏ مارڪسٽ به، ان جو مطلب ته هو هڪ ئي وقت نيشنلسٽ به هئو ته سوشلسٽ به. پنهنجي ايمانداري ۽ وفاداريءَ سان ۽ پنهنجي سوچ ۽ عمل سان هن ثابت ڪيو ته نيشنلزم ۽ سوشلزم گڏ هلي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ٻئي حليف آهن، حريف ناهن، جيئن ڪجهه پاڪستاني سوشلست سمجهندا آهن. ڪنهن به شخص جي تاريخ ۾ حيثيت ۽ ڪردار جو صحيح تعين تڏهن ٿي سگهندو آهي، جڏهن ان کي زماني ۽ مڪان جي پس منظر ۾ پرکيو وڃي.هوگو شاويز عالمي منظر تي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان جلدي پوءِ اڀريو، ڪميونزم جي مرڪز کي ڊاهڻ سرمائيدارن ۽ سامراجين جو سڀ کان اهم ۽ سڀ کان مهانگو منصوبو هئو تنهن ڪري سوويت يونين جو ٽٽڻ انهن لاءِ هڪ خواب جي تعبير مثل هئو. ان تي تمام وڏا جشن ملهايا ويا ۽ ”تاريخ جو خاتمو“ جهڙا نظريا پيش ٿيڻ لڳا، دنيا ۾ اهڙين تحريرن ۽ تقريرن جي ڀرمار ٿيڻ لڳي ته ڪيپيٽلزم هڪ ابدي حقيقت ۽ انسانذات جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ اڪسير نسخو آهي. حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان دنيا جو واحد سپر پاور ملڪ دنيا کي هڪ کليل جهنگل ۽ پاڻ کي ان جو بادشاهه سمجهڻ لڳو ۽ ننڍن ۽ وغيره اهم ملڪن کي تاراج ڪرڻ ۽ دنيا جي وسيلن جي ڀيل ڪرڻ شروع ڪئي. ٻئي طرف دنيا جي محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جي دلين ۽ دماغن مٿان مايوسي ۽ نااميديءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجڻ لڳا هئا ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ برابريءَ جون آسون رکندڙ ماڻهو پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪرڻ لڳا هئا ۽ سرمائيداريءَ جو دهلاري ميڊيا اسان کي ٻڌائي رهيو هئو ته صحيح ۽ غلط، سٺي ۽ خراب، آزادي ۽ غلاميءَ جي وچ ۾ هلندڙ جنگ ختم ٿي چڪي هئي ۽ اها پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي ته هاڻي اڳتي طاقتور جي مرضي ئي ڪمزور جو مقرر هوندي. تاريخ جي ان نهايت موڙ تي هوگو شاويز عالمي اسٽيج تي نمودار ٿيو اچڻ شرط هن ميدان جنگ جو ليڪو ڪڍيو ۽ زمين جي ”بادشاهه“ ۽ ان جي علائقائي ايجنٽن ۽ مقامي چمچن کي چئلينج ڪيو. هن هڪ دفعو وري ان جي تصديق ۽ توثيق ڪئي ته انسانذات جي قسمت جو فيصلو ڪندڙ حقيقي قوت بندوق نه پر عوام جي طاقت آهي.۽ اها ڳالهه هن عملي طرح ان وقت ثابت ڪئي جڏهن هن بندوق جي زور تي ۽ ”طاقتور ترين“ جي مدد سان ڪيل ان بدنام زمانه محلاتي سازش کي عوامي طاقت ذريعي شڪست ڏني جنهن ذريعي کيس اقتدار تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پنهنجي لفظن سان ۽ پنهنجي عملن سان هن اعلان ڪيو ته اڃا سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿيو هن سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ هڪ نئين اميد پيدا ڪئي ۽ انهن جي ان جذبي کي جاڳايو ته اهي دشمن جي سامهون سينو تاڻي بيهن ۽ آزادي، برابري ۽ ڀائيچاري وارن اعليٰ انساني آدرشن لاءِ پنهنجي جنگ جاري رکن. شاويز جو رول ان ڪري به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ٿو ته هو ان علائقي مان اٿيو جنهن کي سپر پاور پنهنجي گهر جو پويون حصو سمجهندو آهي ۽ پوءِ هن سامهون اچي سُپر پاور جي بالادستي ۽ هڪ هٽيءَ کي چئلينج ڪيو. ويچارو سپر پاور اڃا فنڊل ڪاسترو جي موت جي آس ۽ انتظار ۾ هئو ته هوگو شاويز سندس حاڪميت لاءِ هڪ نئون خطرو بڻجي سامهون آيو. هن جي اصول پرستي، همٿ ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ لاطيني امريڪا ۾ تبديليءَ جي هڪ اهڙي لهر اٿي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻئي جي پويان کاٻي سوچ وارا ليڊر اٿيا جن ”فرمانبردار“ جابرن جي جاءِ ورتي ۽ اهو به عوامي طاقت جي زور تي. مغرب جا .جمهوريت پسند“ ليڊر شاويز کي هڪ ڊڪٽيٽر ٿا چون، اِهي اُهي ماڻهو آهن جن بندشي، سوهارتو، مارڪوسي، ضياءُ الحق ۽ مبارڪ جهڙن ڊڪٽيٽرن کي تاتيو، نپايو ۽ استعمال ڪيو. سعودي عرب جا بادشاهه ۽ ايران جو شهنشاهه انهن کان علاوه آهن، مغربي دانشور وري چون ٿا ته شاويز متنازعه ۽ تقسيم ڪندڙ هئو. هاڻي انهن کي ڪير سمجهائي ته هر وڏو ماڻهو متنازعه ۽ تقسيم ڪندڙ هوندو آهي، ڇا سقراط، مسيع، گئيليلو، ڊارون، مارڪس ۽ لنڪن متنازعه ۽ تقسيم ڪندڙ نه هئا؟ اڄ سنڌ جا ماڻهو به سڄي دنيا جي محب وطن ماڻهن سان گڏجي ايڪويهين صديءَ جي هن عظيم انسان کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿيا. عوامي آواز۔۔22۔03۔2013
هوگو شاويز واقعي ئي بهادر انسانن مان هو، جنهن سدائين ظالمن کي ظالم چئي ڏنو ۔۔۔ هو واقعي انسان دوست رهنما هو۔