ڌرتــــــــــيءَ جي دانـــــهــــــــن [/IMG]اي انسان! تون منهنجي پٺيءَ تي ڪيسيتائين ڊوڙندو رهندين؟ نيٺ ته ڪڏهن منهنجي پيٽ ۾ اچڻو پوندءِ. اڄ ته منهنجي مٿان چانڊاڻ ۾ سير سپاٽا ۽ شيل شڪار ٿو ڪرين، ليڪن سڀاڻي منهنجي هيٺيان ٻاٽ اونداهيءَ ۾ رهڻو پوندءِ. اڄ ته منهنجي مٿان گھڻن دوستن سان گڏجي گھمي ڦِرين ٿو، ليڪن سڀاڻي منهنجي پيٽ ۾ اڪيلو ئي رهڻو پوندءِ. اڄ ته منهنجي پٺيءَ تي ٻڌڙا ٽهڪ لڳائي رهيو آهين، ليڪن هڪ ڏينهن منهنجي پيٽ ۾ رهڻو پوندءِ ۽ اتي اهڙا ٽهڪ نه ڏئي سگھندين. هتي ته منهنجي مٿان موج ۽ مستيءَ ۾ مگن آهين، ليڪن منهنجي پيٽ ۾ اداس ۽ غمگين رهڻو پوندءِ. هتي ته منهنجي مٿان خدا جون نافرمانيون پيو ڪرين، ليڪن منهنجي پيٽ ۾ انهن جو ڪِيتو لوڙڻو پوندءِ. منهنجي پيٽ ۾ ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جو کاڄ ٿيڻو پوندءِ. هتي ته منهنجي مٿان وڏائي ۽ ٽيڙي سان هلين ٿو، ليڪن منهنجي پيٽ ۾ ذلت ۽ خواري سَهڻي پوندءِ. آئون اڄ به اهڙيون پڪارون ڪري هر سُتل ۽ ڀٽڪيل انسان کي سجاڳ ڪري رهي آهيان پر ڪو ٻُڌي!!