2388 اٽيچمينٽ ڏسو بارش ۾ بيهڻ جي ڳالهه ئي پنهنجي هوندي آهي ۽ بارش به وسندي رهي ۽ ماڻهو آلو به نه ٿئي ۔۔۔۔ !!! اهو ته مزيدار سين ٿيندو۔ ته پوء ٻڌو اي دوستو ۔۔۔۔ لنڊن جي هڪ آرٽ گيلري ۾ اهڙو ڪمرو تيار ڪيو ويو آهي جتي ڪيئي لٽر پاڻي وسندو رهو ٿو پر اتي لڳل جديد سينسرس جي ڪري اهو پاڻي اتي بيٺل ماڻهن کي نه ٿو ڀِڄائي پر انهن جي آسپاس وسندو رهي ٿو۔ هن برساتي گيلري ۾ هڪ منٽ ۾ هڪ هزار لٽر پاڻي بارش جي بوندن جي شڪل ۾ وسي ٿو۔ هن گيلري کي Rain Room سڏيو وڃي ٿو۔
بارش جو مزو ئي پُسڻ ۾ آهي۔۔۔ باقي رڳو آس پاس مينهن ڦُڙا ڏسي ماڻهو سِڪندو رهي۔۔۔ان کان وڌيڪ ٻيو ظلم ڪهڙو هوندو۔۔۔۔
تمام تعريفون انهيء ذات جون جنهن هن خوبصورت ڪائنات کي پنهنجي قدرت سان خوبصورت انداز ۾ تمام سهڻو تخليق ڪيو۔ الله تعاله انسان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء بي شمار نعمتون پيدا ڪيون آهن ( جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو اوترو گهٽ آ ) انهن نعمتن مان موسم به هڪ وڏي نعمت آهي۔ موسم ڇا آهي، موسم الله جي اها نعمت آهي جيڪا اسان جي چوڌاري هر وقت هر حال هر دور ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي زندگي جو هڪ اهم ۽ خاص حصو آهي، جنهن جو اثر انسان جي رنگ مذاج ۽ صحت تي پڻ ٿئي ٿو۔ موسم جي تبديلي سان ئي دنيا جو وهنوار ۽ نظام هلي پيو ۽ ان جي مڪمل حڪمت ته رب جي ذات ئي ڄاڻي ٿي جنهن کان دنيا جو ڪو به علم لڪل ناهي۔ادا برسات جي موسم جو مزو به پنهنجو آهي، ۽ اهو مزو آهي پسڻ ( آلو) ٿيڻ ۾، بغير پسڻ جي مينهن جو ڪهڙو مزو۔ ادا هڪ نينهن ۽ ٻيو مينهن مزو ئي تڏهن ڏيندا آهن جڏهن اسان ان ۾ پسندا آهيون۔ ادا اهيا به حقيقت آهي ته سڌريل دنيا ۾ هاڻي اهو مسئلو ناهي رهيو ته برسات ڪيتري ٿي پوي . سڌريل دنيا جا ماڻهو جيتريون گھڻيون برساتون پونديون آهن اوتريون گھڻيون خوشيون ڪندا آهن. پر ان جي بر عڪس هتي خاص ڪري سنڌ ۾ ٿوريِ به برسات پئ ٿي ته زندگي سڄي هفتي تائين متاثر رهي ٿي۔ ۽ اسان جو عوام (خاص ڪري غريب ماڻهون ) تمام گهڻو پريشان رهي ٿو۔ باقي قدرتي برسات ڪيئن پوندي آهي ان جا سائنسي سبب هي آهن ( جنهن کي پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ) ۽ الله هي دنيا اسباب الدنيا پيدا ڪئي آهي ۽ رب پاڪ هر ڪم لاء سبب پڻ پيدا ڪيا آهن۔۔۔ اسان جو شاه لطيف رح صاحب ، برساتي مند جي انھن بھارين ۽ نظارن جي عڪاسيءَ وري هن ريت ٿو ڪري۔ موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقندين سار ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار ڪي دھلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿان گرنار ڪن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار ڪنھين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنھن ڍٽ مٿي ڍار ڪنھن اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولھار....