نگران وزير اعظم جي نالي تي ٻئي ڏينهن به تڪرار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2013۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    نگران وزير اعظم جي نالي تي ٻئي ڏينهن به تڪرار:اڄ حتمي ڏينهن،عشرت حسين تي سڀ کان گهٽ اعتراض آيا
    [​IMG][​IMG]اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) نگران وزير اعظم جي مقرري لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٻئي ڏينهن به اتفاق نه ٿي سگهيو، ڪاميٽي وٽ اڄ فيصلي لاءِ آخري ڏينهن آهي، ڪاميٽي جي ميمبرن مامرو ڪاميٽي ۾ ئي حل ٿيڻ جي يقين جو اظهار ڪيو آهي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ چئن نالن مان اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين تي گهٽ ۾ گهٽ اعتراض ٿيا، ڪالهه ٿيل اجلاس جي صدارت نواز ليگ جي سردار يعقوب ناصر ڪئي، اجلاس ۾ ناصر اسلم زاهد خلاف حڪومتي ڌر تحريري دستاويزن کي پيش ڪرڻ کانسواءِ ان خلاف اعتراض ڪاميٽي ۾ پيش ڪيا، جڏهن ته حڪومت پاران نگران وزير اعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيل اميدوار ڊاڪٽر عشرت حسين خلاف مخالف ڌر پاران اعتراض واريا ويا، ذريعن مطابق حڪومتي ڌر جي ميمبرن سيد خورشيد شاهه، فاروق ايڇ نائيڪ، ناصر اسلم زاهد جي مقرري تي اعتراض واريندي سيد سجاد شاهه کي هٽائڻ سوڌو صدر آصف علي زرداري کي ان جي ڀيڻووي جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ وارا اعتراض وارڻ کانسواءِ نگران وزير اعظم جي عهدي لاءِ غير مناسب اميدوار قرار ڏنو، ذريعن مطابق اجلاس ۾ مخالف ڌر پاران حڪومت جي نامزد اميدوار ڊاڪٽر عشرت حسين خلاف پرويز مشرف جي دور ۾ گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي عهدي تي ڪم ڪرڻ جو اعتراض واريو ويو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي حوالي سان چيو ويو ته آصف علي زرداري جو دوست احمد خليل نالي شخص عشرت حسين جو عزيز آهي، جنهن تي حڪومتي ميمبرن جواب ڏنو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ملڪ اندر سموري بيورو ڪريسي عهدن تي رهي، ڊاڪٽر عشرت طريقيڪار تحت اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ٿيو، جڏهن ته احمد خليل سان وابسطگي هجڻ بابت مخالف ڌر جي سوال جو ان حوالي سان جواب اڄ ڏنو ويندو.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پارلياماني ڪاميٽي پاران نگران وزير اعظم جي مقرري لاءِ تيار ڪيل 5 معيار جنهن ۾ غير جانبداري غير سياسي شخص هجڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ڪاميٽي ۾ مخالف ڌر توڙي حڪومتي ڌر پاران نامزد ڪيل ٻن ٻن اميدوارن جي حق ۽ مخالفت ۾ دليل مڪمل ٿيڻ بعد رسول بخش پليجو جي سياسي وابسطگي ۽ جسٽس رٽائر هزار خان جي به حڪومتي ڌر سان وابسطگي جا الزام مڙهيا ويا آهن، جڏهن ته حڪومت پاران جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد کي جانبدار شخص قرار ڏئي ان جي مقرري تي اعتراض واريو ويو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر عشرت حسين تي نامزد ڪيل چئني اميدوارن مان گهٽ ۾ گهٽ اعتراض هيٺ رهيو آهي، اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اجلاس دوران نگران وزير اعظم لاءِ نامزد اميدوارن جي اهليت، نااهليت بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، مشاورت ميرٽ تي ٿي، اڄ نگران وزير اعظم جي مقرري جي ويجهو پهچي وينداسين، ڪاميٽي پاران نگران وزير اعظم جي اهليت لاءِ تيار ڪيل معيار تي مون کي سئو سيڪڙو اميد آهي ته نامزد اميدوارن مان ڪو هڪ پورو لهندو، هن چيو ته نگران وزير اعظم جي مقرري لاءِ آئين ۾ اليڪشن ڪميشن وارو رستو ڊيڊ لاڪ کي روڪڻ لاءِ ڏنو ويو آهي پر ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اسان ان رستي تي هلي پئون، هن چيو ته چوڌري نثار علي خان ۽ نواز شريف جي ڳالهين کي کڻي ويهون ها ته پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس نه ٿي سگهي ها، اسان سياستدانن اميد کي ڪڏهن به ختم نه ڪيو آهي، آخرڪار سوڀ سياستدانن جي ٿيندي، ڪاميٽي ڪنهن سياسي ليڊر جي ان موقف ته مامرو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو، واري موقف سان متفق ناهي، اجلاس دوران ڪافي اڳتي وڌيا آهيون، ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن، في الحال نه ٻڌائينداسين، (ق) ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته نگران وزير اعظم جي مقرري پارلياماني ڪاميٽي ۾ نه ٿي سگهڻ بدقسمتي هوندي جو سياسي ماڻهن جو مسئلو غير سياسي ماڻهو حل ڪن، اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪاميٽي ۾ ئي نگران وزير اعظم جي مقرري جو مامرو حل ٿئي، پر جيڪڏهن ڪاميٽي اهو مامرو حل نٿي ڪري ته اسان ان عمل جو حصو نه ٿينداسين، مامرو سياسي طور حل ٿيڻ گهرجي، ڪاميٽي جي ميمبر غلام احمد بلور چيو ته نگران وزير اعظم جي مقرري جو مامرو اليڪشن ڪميشن ۾ نه ويندو، سئو سيڪڙو اميد آهي ته نگران وزير اعظم جي مقرري جو فيصلو پارلياماني ڪاميٽي ڪندي، (ن) ليگ جي ميمبر ۽ اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار يعقوب ناصر چيو ته ميڊيا نيٺ مڃيو ته (ن) ليگ نگران وزير اعظم جي مقرري بابت لچڪ ڏيکاري آهي، ميڊيا ڀلي ميمبرن کان ڪيترا به سوال ڪري ميمبر اندر جي ڳالهه نه ٻڌائيندا، ڪاميٽي کي نگران وزير اعظم لاءِ سٺي ماڻهو جي چونڊ ڪرڻي آهي، اليڪشن ڪميشن کي به سياستدانن قائم ڪيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نگران وزير اعظم جي مقرري لاءِ هن وقت تائين ڪم قانون جي دائري ۾ ٿئي پيو، نگران وزير اعظم طور تجويز ڪيل 4 نالا هاڻي ڪنهن جماعت جا ناهن، ڪاميٽي انهن مان شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ سڀ کان بهتر جي چونڊ ڪندي، اجلاس سٺي ماحول ۾ ٿيو، نگران وزير اعظم بابت اڳ ڪٿيون نه ڪيون وڃن، وقت جو انتظار ڪيو وڃي، (ن) ليگ جي خواجا سعد رفيق چيو ته نگران وزير اعظم جي مقرري بابت ڪوشش ڪيون پيا، فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪيو ته به اهو ادارو سياستدانن جوڙيو آهي، (ن) ليگ ڪنهن به پارٽي جي دشمني ۾ نالا نه ڏنا آهن، هن وقت تائين ڪو به نالو شارٽ لسٽ نه ٿيو آهي، سڀني تي غور ٿي رهيو آهي، (ن) ليگ جي پرويز رشيد چيو ته نگران وزير اعظم بابت فيصلي جي ويجهو پهتا آهيون، مخصوص ٽولو سياستدانن جي ناڪامي جي پروپئگنڊا پيو ڪري، ذريعن مطابق تجويز ڪيل 4 اميدوارن جي مخالفت ۽ حمايت ۾ دليل مڪمل ٿيڻ بعد حتمي فيصلي لاءِ(ن) ليگ وقت گهريو، جنهن بعد اجلاس اڄ صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، (ن) ليگ جي پارلياماني ڪاميٽي جي ميمبرن ان بعد نواز شريف ۽ حڪومتي ميمبرن وزير اعظم سان ملاقات ڪري ڪاميٽي ۾ ٿيل مشاورت کان آگاهه ڪيو، اڄ جي اجلاس ۾ امڪاني فيصلي تي غور ڪيو ويو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ئي ڪو فيصلو ڪندي، جنهن جو انتظار آهي۔ باقي آئيني طور چارئي اميدوار شرطن تي پورا نه ٿا لهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو