السلام عليڪم پيارا ساٿيو...نئون تبديل ٿيل سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ پيش آهي، جيڪو پُراڻي ونڊوز 98 جي سنڌي سافٽويئر جهڙو لي-آئوٽ آهي... هي موجوده ايم-بي سنڌي لي آئوٽ کان ٿورڙو مختلف آهي.. ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
ادا جسڪاڻي صاحب، حق موجود پاڻ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ آهيون اصلي ڪورا ڄٽ، بس مڙئي هلائي ڄاڻون ... اوهان اڄ جيڪي سوفٽويئر ونڊ ڪيا آهن، سو ته ڀلو ٿيو ... پر سوال اهو آهي ته جيئن هن وقت اسين ايم بي سنڌيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ هٿ به ڪافي سڌو ٿي ويو آهي ... ڀلا اهو نئون سوفٽويئر هن موجوده سوفٽويئر کان بهتر ۽ ڪيبورڊ سولو سادو ۽ ڪارائتو آهي؟ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
سائين بهتر ٿئي ها ته توهان ان ڪي بورڊ جي ايم بي سنڌي ڪي بورڊ سان فرق به سمجهايو ها ۽ هڪ اڌ تصوير ذريعي ان جي وضاحت به ڪريو ها۔۔۔
سائين محترم هي بلڪل ايم-بي سنڌي آهي... پر ڪجھ فرق آهي جيئين ايم بي سنڌي ۾ shift + J سان جھ لکبو آهي هن ۾ وري Shif + J سان ڄ لکبو آهي. ۽ ٻيو فرق ؛: جي نشانين جو به آهي.. هي هر اهو ڪم ڪندو آهي جيڪو ايم بي سنڌي ڪندو آهي پوسٽ ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته جيڪي دوست پراڻي لي-آئوٽ تي هريل آهن ۽ ايم بي سنڌي تي تڪليف محسوس ڪن ٿا انهن لاءِ مددگار آهي.
بلڪل ادا ۔۔۔۔ ڇا آهي جو مون وانگر ڪيترائي دوست سڌو سنئون ايم بي سنڌي ڪي بورڊ تي ڪم ڪرڻ کا ابتدا ڪري سکيا آهن انهيءَ ڪري ڪا ڄاڻ نه هئي۔۔۔
جواب: تبديل ٿيل سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ (ڊائونلوڊ) ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ايم بي سنڌي ۾ ڪجهه اکرن جي ترتيب تي غور ڪجي ها ته اڃان بهتر ترتيب ڏئي سگهجي پئي ۔۔۔۔۔۔ پر جيئن ته سنڌي لکڻ لاءِ هي پهريون پروگرام آهي جيڪو سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جهڙي عظيم شخصيت ترتيب ڏنو۔۔۔ ان ڪري بي ادبي کان بچڻ لاءِ تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي ٿو۔۔۔ پر جڏهن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي وڏي پليٽ فارم سنڌي ڪمپيوٽنگ ياهو گروپ تي اهو سوال اٿاريو ويو ته ايم بي سنڌي پروگرام ۾ ڪجهه عربي سان ملندڙ سنڌي اکر جي گهٽتائي آهي ته ان جو هڪ ننڍو حل ادا ابراهيم ميمڻ ڪڍيو۔۔۔ ۽ مٿيون پروگرام IMSindhi جي نالي سان ترتيب ڏنو ۔۔۔ سندس ويب سائيٽ جو جڏهن ڦيرو ڀريم ته اتي موجود IMSindhi جي اکرن جي ٽيبل تي نظر پيم ۔۔۔ جيئن ته مون اڃان اهو پروگرام استعمال نه ڪيو آهي پر اکرن جي ٽيبل واري هن تصوير تي ڪجهه اکرن تي دائري جا نشان لڳايا ويا آهن جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته شايد هن پروگرام ۾ انهن ئي اکرن تي ڪم ڪيو ويو آهي ۔۔۔۔ وڌيڪ جيئن ته ادا اظهار جسڪاڻي ان پروگرام کي استعمال ڪيو آهي ته اهي ئي بهتر ٻڌائي سگهن ٿا ۔۔۔ بهرحال IMSindhi جو ڪيبورڊ لي آئوٽ ڏسڻ لاءِ تصوير حاضر آهي۔۔۔۔
جواب: تبديل ٿيل سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ (ڊائونلوڊ) IM Sindhi ڪي-بورڊ لي-آئوٽ ٺاهي مون سائين عبدالماجد ڀرڳري سان ڳالھ ڪئي، پوءِ سائين جن مونکي چيو ته توهان ان کي ونڊي سگهو ٿا.. مون پهريون ڀيرو سرائيڪي ڪمپيوٽنگ ياهو گروپ تي هي جي لنڪ رکي.. ۽ Geocities + Webs ته ويب سائيٽ به ٺاهي جتي پڻ هي ڊائون لوڊ لاءِ رکيو، پر جيئن ته Geocities Service بند ٿي ۽ Webs ته وقت جي گهٽ هجڻ جي ڪري مون اپلوڊ ڪو نه ڪيو... انشاءُالله تعالى جي دوستن کي هي وڻيو ته ويب سائيٽ ٺاهي اپ لوڊ ڪندس.
جواب: تبديل ٿيل سنڌي ڪيبورڊ لي آئوٽ (ڊائونلوڊ) ادا جسڪاڻي صاحب ۔۔۔۔۔ تمام سٺي محنت آهي توهان جي ۔۔۔۔۔۔ ڏاڌي خو شي ٿي ڏسي ڪري ۔۔۔