انٽرنيٽ دنيا : منٽ ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي ٿو

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    انٽرنيٽ دنيا : منٽ ۾ گهڻو ڪجهه ٿئي ٿو.



    جيڪڏهن اوهان کي هي مواد پڙهڻ ۾ هڪ منٽ لڳي وڃي ٿو ته اهو به ڄاڻي وٺو ته انهي هڪ منٽ دوران ڇا ۽ انٽرنيٽ تي ڪيترو ڪجهه ٿي ويو هوندو. مصروف ڪمپيوٽر ڪمپني انٽيل انفوگراف مطابق انٽرنيٽ جي دنيا ۾ فقط 60 سيڪنڊن ۾ ايترو ​
    ڪجهه ٿي وڃي ٿو۔ هڪ منٽ ۾ سڄي دنيا ۾ ماڻهو 204 ملين اي ميلز ڪندا آهن. 83 هزار ڊالرز جي آن لائن خريداري ٿيندي آهي. جڏهن ته ان دوران هڪ لک ٽوئيٽس ڪيا ويندا آهن.​


    گراف جي تحقيقي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته هڪ منٽ ۾ وڪي پيڊيا تي 6 نوان مضمون شايع ٿيندا آهن. گوگل تي 20 لک سرچ ڪئي ويندي آهي. ۽ فيس بڪ تي 60 لک ڪمينٽس جاري ڪيا ويندا آهن. اهڙي طرح يوٽيوب تي هڪ منٽ ۾ 13 لک وڊيوز ڏٺيون وينديون آهن. فلڪرز تي 3 هزار فوٽو اپلوڊ ڪيا ويندا آهن. انٽيل موجب انٽرنيٽ جي دنيا ۾ صرف هڪ منٽ ۾ 6 لک 40 هزار هي ٻي ڊيٽا اپلوڊ ٿيندي آهي ۽ 2015 تائين اهو انگ ٻيڻو ٿي ويندو.​

     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو