امداد حسيني جي ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي مهورتي تقريب

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    امداد حسيني جي ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي مهورتي تقريب
    محمد سليمان وساڻ

    ڪراچي هاڻي هڪ اهڙو شهر بڻجي ويو آجي جتي ڪنهن به وقت حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. اهڙوئي هڪ ڏينهن هيو 6 مارچ، ان ڏينهن سائين امداد حسيني جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکيل هئي پر ان ڏينهن ڪراچي ۾ ڄڻ ته زندگي رڪجي وئي هئي. خراب حالتن سبب اها تقريب منسوخ ٿي ۽ ٻيهر 20 مارچ تي ڊاڪٽر ايوب شيخ جي ڪوششن سان ساڳي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکي وئي. امداد حسيني سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريء کي جديديت ڏيندي ٻوليء جي چاشني ۽ ٻوليء جي حسناڪين کي برقرا رکيو آهي. سندس شاعريء جو هي ڪتاب “ڪرڻي جهڙو پل” سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 380 صفحن تي شامل آهي. منهنجون سائين امداد حسيني سان ڪافي رهاڻيون ٿيون آهن، پاڻ هر دفعي ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته انٽرنيٽ ۽ ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جي بگاڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

    پروگرام جي شروعات 5 بجي شام جو ٿي، اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر ايوب شيخ نڀايا. سميع بلوچ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسان امداد حسيني جي ڇانو ۾ ڪجهه سکيا آهيون. نئين ٽهي جي شاعر مسرور پيرزادي چيو ته امداد حسيني جي شاعري اونداهيء جي دور ۾ بلڪل هڪ ڪرڻي جهڙي پل جيان آهي. ناليواري نقاد ممتاز مهر سندس ڪتاب تي مقالو پڙهيو ۽ چيو ته امداد حسيني جي شاعريء ۾ سنڌي ٻولي جي سادگي ۽ سنڌي ٻوليء جي اصليت نظر اچي ٿي. ان موقعي تي پروفيسر سحر انصاري سندس نظم، ٻولي ۽ اردو نظم تي ڳالهايو. مون لاء اها نئين ڳالهه هئي ته امداد حسيني اردو ۾ به ايڏي سٺي شاعري ڪئي آهي. ڊاڪٽر سحر امداد سندس زندگيء جي مختصر خاڪي سان گڏ سندس شاعري ۽ سندس ڪردار تي به ڳالهايو. ڊاڪٽر آصف فرخي سندس شاعريء تي تفصيلي ڳالهايو ۽ سندس نظم، غزل ۽ اردو شاعريء مان بهترين چونڊ پيش ڪئي. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته امداد حسيني اسان لاء ريڊيو جي دور کان ئي رهنما ۽ ٻوليء جو ماهر رهيو آهي. هن سندس شاعريء جي هن ڪتاب تي ڳالهائيندي کيس جديد سنڌي شاعري جي وڏن شاعرن سان ڀيٽيو ۽ چيو ته امداد حسيني ناياب ته نه آهي پر پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪامياب انسان آهي، هو سنڌ ڌرتي جي جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، هو نون پراڻن شاعرن ۾ مقبول آهي. سندس شاعري کي پڙهڻ کانپو انسان هڪ عجيب ڪفيت ۾ هليو وڃي ٿو. شبير حاتف چيو ته مان ۽ امداد حسيني هڪ ئي وقت شاعري شروع ڪئي پر هو مونکان گوء کڻي ويو ۽ سندس شاعري نوجوانن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. ان موقعي تي امداد حسيني پنهنجي نئين مجموعي مان چونڊ شاعري پيش ڪئي.

    مظهر جميل چيو ته امداد حسيني سنڌي شاعري سان گڏ اردو شاعريء ۾ به پاڻ ملهايو آهي ۽ مقبوليت ماڻي آهي. هن چيو ته هو شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جيان سنڌي شاعريء کي نئين راهن تي وٺي هليو آهي. ان موقعي تي سنڌي نثر ۽ ڊرامي جي بهترين ليکڪا نورالهدا شاهه ڳالهائيندي چيو ته امداد صاحب وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪوبه شق ناهي پر هو وڏو نقاد به آهي، پر الائي ڇو سندس راهن ۾ رنڊڪ وجهي ان کي نقاد ٿيڻ کان روڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪو دور شخصيت پرست دور آهي، جنهن ۾ پهريان شيخ اياز کي عظيم بڻائي پوء پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، ان کانپو استاد بخاري کي پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، اسان کي شخصيت پرستي مان نڪري حقيقت پرستي تي اچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امداد تمام وڏو ڪهاڻيڪار به آهي پر الائي ڇو سندس نثر کي ڪنهن به ناهي سهيڙيو. پروگرام جي آخر ۾ ناليواري موسيقار ۽ راڳي بيدل مسرور موسيقي جا سُر وکيري محفل کي مچايو. پروگرام هلندي امداد حسيني صاحب سڀني ماڻهن کي ڪتاب تي آٽوگراف به ڏيندو رهيو.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا سليمان۔۔۔هن تقريب ۾ نه هوندي به توهان اسان کي مهورت ۾ شريڪ ڪري ڇڏيو۔۔۔:) مهربانيون۔۔
    انشاالله جلد ئي اهو ڪتاب خريد ڪري پڙهبو۔۔۔
    ۽ ادا سائين ۔۔۔ وڌيڪ تصويرن وارو لنڪ ڪم نه پيو ڪري۔۔ان کي درست ڪندا ته جيئن اهي به ڏسي سگهجن۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه سڪار جي هفتيوار ادبي صفحي ۾ 28 مارچ 2013 تي ڇپيل​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو