• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

ياسرمنگي

سينيئر رڪن
غزل

ياسر منگي

چنڊ جئين چاندني پکيڙي آ،
سونهن ائين روشني پکيڙي آ.


هن چيو ڏي ثبوت چاهت جو،
مون کڻي شاعري پکيڙي آ.


دل ته هونءَ شينهن جان بهادر آ،
عقل ئي بزدلي پکيڙي آ.


دين ٿو درس دوستيءَ جو ڏي،
پوئلڳن دشمني پکيڙي آ.


تنهنجي احساس ايندي ئي جانا!
سوچ ۾ تازگي پکيڙي آ.


هن حڪومت به ڪيتري ياسر!
ملڪ ۾ مفلسي پکيڙي آ.

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هن چيو ڏي ثبوت چاهت جو،
مون کڻي شاعري پکيڙي آ.

خوبصورت خيال، تمام سهڻي تخليق ۔۔۔ غزل وڻيو
 
23220439634_6d6178e44e_o.jpg
 
Back
Top