ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن بابت پي پي جي حڪومت کان اڳوڻي ۽ هاڻوڪي پاليسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن بابت پي پي جي حڪومت کان اڳوڻي ۽ هاڻوڪي پاليسي
    جميل گاد
    هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته اقتدار حاصل ڪرڻ کان اڳ پيپلز پارٽي وارا جن سنڌ دشمن منصوبن جي مخالفت ڪندي سنڌ ۾ سياست ڪندا آهن وري جڏهن پي پي وارا اقتدار ۾ ايندا آهن ته خود ئي انهن منصوبن کي جاري به رکندا آهن ۽ رهيل سنڌ دشمن منصوبن کي عملي جامو به پهرائيندا آهن. مثال: گذريل مشرف دور حڪومت ۾ حيدرآباد، ۽ لاڙڪاڻي سميت سياسي بنيادن تي سنڌ جا تاريخي ضلعا ورهايا ويا. ان وقت پي پي وارن اليڪشن مهم دوران توڙي ضلعا ٽوڙڻ وقت اهو چيو هو ته حڪومت ۾ اچي سمورا تاريخي ضلعا خاص ڪري حيدرآباد ضلعو بحال ڪنداسين. پنج سال گذريو يا پر همراهه ايئن نه ڪري سگهيا. جنرل مشرف جي دور ۾ گورنر سنڌ هڪ نادري حڪم تحت ڪراچي جي تعليمي ادارن کي سنڌ جي ٻين شهرن يج شاگردن لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو، ان مسئلي تي به مشرف جي حڪومت دوران پي پي وارن واعدو ڪيو ته اقتدار ۾ اچي سنڌي شاگردن لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا کولرائينداسين. ڏسندي ڏسندي جيالن کي حڪومت دوران مال ٺاهيندي پنج سال گذري ويا پر سنڌين جي نئين نسل جو اهو جائز مسئلو به هنن حل ته نه ڪرايو، پر پنهنجي پوري حڪومت ۾ ان عمل کي جاري رکيو، پر اڃا ان تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ته ڪراچي سنڌين جي ناهي هنن وري مشرف حڪومت کان ٻه وکون وڌيڪ کنيون ۽ لوڪل آرڊيننس 2012ع جي نالي ۾ هنن سنڌ ۾ به نظام لاڳو ڪري ٺڻ سنڌ کي ئي ورهائي ڇڏيو. ان کان علاوه جڏهن جنرل مشرف گريٽر ٿل ڪئنال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ته اهي پي پي وارا ئي هيا، جن سنڌ جي قومپرستن سان گڏجي سائنٽي ٿل ڪئنال ڪميٽيءَ ٺاهي جدوجهد ڪئي هئي ۽ ان ڪميٽي جو چيئرمين قائم علي شاهه هيو ۽ اڄ سڀني جي سامهون آهي ته موجوده پي پي حڪومت ۾ گريٽر ٿل ڪئنال تي زور شور سان ڪم جاري آهي.
    ساڳي طرح مشرف دور ۾ جڏهن سنڌ جي سامونڊي پٽي جا ٻه ٻيٽ ڀنڊار ۽ ڏنگي دبئي جي هڪ فرم کي معاهدي تحت ڏنا ٿي ويا ته ان وقت به پي پي وارا سنڌ جي وزيراعليٰ ارباب رحيم جي مخالفت ۾ قومپرستن سان گڏ بيٺا هئا ۽ 19 جنوري 2007ع تي ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن خلاف سنڌ ۾ جيڪا هڙتال ٿي هئي ان ۾ پي پي وارا به شامل هيا. اڄ پي پي وارا حڪومت ۾ آهن ۽ سندن حڪومت ۾ چار ڏينهن مس بچيا آهن. اهي ساڳيا ٻيٽ جيڪي مشرف دور ۾ دبئي جي فرم کي ڏنا پئي ويا، پي پي حڪومت وري اهي ٻيٽ هاڻي هڪ معاهدي تحت هڪ امريڪي فرم حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کان پڇڻ به گواره نه ڪنديو فاق جي نمائندي ملڪ رياض، امريڪي سيڙپڪار ٿامسن ڪريمر سان لکت ۾ معاهدو به ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مڪوجب سنڌ جي سامونڊي پٽي جي انهن ٻيٽن جي ٻارهن هزار ايڪڙ زمين امريڪي فرم حوالي ڪئي وئي آهي. جتين ئون شهر اڏيو ويندو، جنهن ۾ ڏهه لک ماڻهو آباد ٿيندا. جنرل مشرف ڪيترو به ڊڪٽيٽر هيو پر رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته ان به ان معاملي تي ارباب رحيم کان اجازت ورتي هئي ته اهي ٻيٽ فرم حوالي ڪجن، پر پي پي حڪومت ته سنڌ حڪومت جن هن جي اها زمين ملڪيت آهي ان کان پڇڻ به گواره ناهي ڪيو ڪجهه ڏينهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    غضب ڪيا۔۔تيري واعدي پي اعتبار ڪيا۔۔۔!!!o_O
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو