• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ظلم اڃا ڀي جاري آهي

رات اڃا ھي ڪاري آھي
ظلم اڃا ڀي جاري آھي
لاشا لاشا سڙڪن تي ھن
جنگ اڃا ھي جاري آھي
ڪوئي وطن لئھ جان ڏئي ٿو
ڪو ديس جو ڌوڙ واپاري آھي
ڪو عظمت لئھ نھ آڻ مڃي
سرڏيئي ٿيو واري آھي
ڪو سنڌ امڙ لئھ ھانڃا سوچي
بي غيرت ڪو زرداري آھي
ڪي ساھ ڏئي ويساھ ڏين
ڪنھن لڄ پنھنجي ھت ماري آھي
دودن جو ھي ديس انڃا
دشمن لئي تھ ڪاپاري آھي
رھزن روز نيون ھن چالون
سنڌ سورھ سوچ ڪا ڌاري آھي
مرسون مرسون سنڌ نھ ڏيسون
ھوشو جي للڪاري آھي
وطن ۽ ڪفن جا نارا
سنڌ زبان اچاري آھي......
 
بلڪل ادا سنڌ ڌرتي تي هر دور ۾ دودي جهڙا گهوٽ پيدا ٿيندا رهندا آهن،اڄ به سنڌي نوجوان سنڌ ڌرتي تي پنهنجو ساهه ڇڏين ٿا پر افسوس انهن جي لاءِ ڪو صحيح پليٽ فارم ناهي
 
اڄ ڪلهه ڪو به دودو نظر ڪون ٿو اچي مان پاڻ روزي روٽي جي چڪر ۾ پنهنجن گهر وارن جي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي شهر ۾ ڪنڊ وٺيون ويٺو آهيان اهڙو سمورو حال هر ان سنڌي جو آهي جيڪو بس رهڻ ٿو چاهي گذر ڪرڻ ٿو گهري۔۔سنڌ کي بدلڻ ته گهري ٿو پر اهڙو ڪو گس ڪون ٿو ملي جنهن گس تي هلي ڪو ٻوٽو ٻارجي۔۔دڳ پيچرا ايترا ته ٿي پيا آهن جو اعتبار ئي نه رهيو آهي ته ڪير ڪهڙي وقت ڪنهن به دڳ کان رستو مٽيون وڃي۔ان ڪري مونکي ته اهڙو ڪو سورهيه نظر نٿو اچي۔۔۔عام ماڻهو جو ان ڪو به ڏوهه ڪون هوندو آهي۔۔بس ڪو رهبر ضرور هجي جيڪو جنهن به راهه تي وٺي هلي پر دڳ نه مٽائي وڃي پوءِ سڀ کان پهريان مان ان سان گڏ نظر ايندس۔۔
 
ادا توهان صحيح پيا چئو پر ما ٻي طرح سوچان ٿو سنڌ جو هر ماڻهو دودو آ سوره آ ۽ جيڪي هيئن ٿو سوچي ته يار هي ڌڙا بندي ۽ هر هڪ پنهنجي دڪانداري چمڪايون ويٺو آ ۔۔۔۔۔۔۔۔ها بيشڪ گروپ گهڻا ٿي ويا آهن شايد مخلص به نه هوندا ۔۔۔پر نه جي ائين کڻي سوچجي ته هي گروپ ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌ لئي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هي مختلف بٽالين جا گروپ آهن جن جا اڳواڻ انهن جا ڪمانڊرس آهن ۽ اهي پنهنجي وت آهر ۽ ست آهر پيا جدو جهد ڪن۔۔۔ته برو نه ٿيندو ۽ جڏهن ڪو اشو اچي ٿو ته هو پاڻ ملهائڻ جي ڀرپور ڪوسش ڪن ٿا ۽ ڪڏهن هڪ نڪتي تي سڀ هڪ ٿي جدوجهد به ڪندا پيا اچن ته پو اهي ڪماڊرس ان ڳاله جا جوابدار آهن ۽ انهن کا پنهنجي حصي جي ڪم جو پروگريس جو پڇاڻو ڪري سگهجي ٿو ۽ هو مقابلي واري سوچ ته هن کي ٻي کا اڃا وڌيڪ اثرائتو ڪم ڪرڻو آ ۔۔۔۔جي ائين سوچجي ته هوند اهو بهتر لڳندو ۽ جامع هوندو۔۔۔۔
 
Back
Top