• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گھٽڪن ۾ فائدو ئي فائدو!

جميل احمد

سينيئر رڪن
گھٽڪن ۾ فائدو ئي فائدو
ڪو وقت هو جڏهن پان جو عروج هو.اڪثر ڪري ماڻهوءَ پان کائيندا هئا.هاڻي ته گھٽڪن جو عروج آهي.سنڌ حڪومت طرفان گھٽڪن جي ٺاهڻ ۽ کائڻ تي پابندي لڳل آهي.ان جي باوجود به گھٽڪن جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي.پر گھٽڪن تي پابندي خبر ناهي ته ڇو لڳائي ويئي آهي؟ڇو ته گھٽڪن ۾ عوام ته ڏاڍي خوش آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪوآفيسر عارضي طور سندس حد ۾ گھٽڪن تي پابندي هڻندو آهي ته عوام ڏاڍي پريشان ٿيندي آهي.
 
سائين جميل اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي، اسان وٽ ساڪري ۾ به جڏهن گهٽڪي تي پابندي لڳي ته ماڻهو پوليس آفيسرن کي گاريون ڏيڻ لڳن ٿا۔ عوام جي خلاف ڪو ايڪشن کڄي ٿو ته اسان جي عوام ناراض ٿيو پوي۔ اصل ۾ فائدو اهو آهي ته گهٽڪي کائڻ سان گهٽڪي کائڻ وارو ڪنهن جي گلا نه ٿو ڪري، جنهن جي ڪري سندس نيڪين ۾ واڌارو ٿئي ٿو ٻيو ته ڀلي پيو ڪير کيس گاريون ڏي، ٻڌي پيو کلندو، پر جواب نه ڏيندو۔ ڄاڙي هڻڻ کان بچيو پيو هوندو۔ گهٽڪي کائڻ جي ڪري ماڻهو کائنس پري رهندا ته مٿان ٿڪ نه هڻي ڳاڙهو ڪري۔
 
Back
Top