گھٽڪن ۾ فائدو ئي فائدو
ڪو وقت هو جڏهن پان جو عروج هو.اڪثر ڪري ماڻهوءَ پان کائيندا هئا.هاڻي ته گھٽڪن جو عروج آهي.سنڌ حڪومت طرفان گھٽڪن جي ٺاهڻ ۽ کائڻ تي پابندي لڳل آهي.ان جي باوجود به گھٽڪن جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي.پر گھٽڪن تي پابندي خبر ناهي ته ڇو لڳائي ويئي آهي؟ڇو ته گھٽڪن ۾ عوام ته ڏاڍي خوش آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪوآفيسر عارضي طور سندس حد ۾ گھٽڪن تي پابندي هڻندو آهي ته عوام ڏاڍي پريشان ٿيندي آهي.