• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اٿي پيا اٿي پيا ، ھي ديس دنگ انگ لئھ

اٿي پيا اٿي پيا ، ھي ديس دنگ انگ لئھ
رڙي پيا ھي راڙا ٿي، سھڻي پنھنجي سنڌ لئھ

ھي ڪنڊ ڪند سنڌ مان ،ڪوڪارجي اٿي پيا
جيءَ جھروڪا جھومجي، اڄ وري جاڳي پيا
پڪارون ھي پڙاڏا ٿيا، اجرڪن جي رنگ لئھ
رڙي پيا ھي راڙا ٿي۔ سھڻي پنھنجي سنڌ لئھ

ڪونجن جون جيئن قطارون ھن، اڀ ۾ ھو گسن پيون
دراوڙي ھي ديس جا ،اکيون اڀيون ڏسن پيون
ڪڏن پيا ڊڪن پيا ،دروھي ديس ڪنڌ لئھ
رڙي پيا ھي راڙا ٿي، سھڻي پنھنجي سنڌ لئھ

وڏا وڏا ھي حوصلھ ،بلند جن بھادريون
سندرا جن جي چيلھ ۾ ، دشمنن کي ڪيريون
ھجوم ھي ھلي پيا، نوان نڪور ننگ لئھ
رڙي پيا ھي راڙا ٿي ،سھڻي پنھنجي سنڌ لئھ
 
Back
Top