جي تند برابر توريان

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    جي تند برابر توريان


    آبدار مغربي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄايو. راڳ جون ڇوليون ڇوهه سان آيون، ۽ ڇر ۾ بدلجي ويون. جوڙيون فرش تي ترڪنديون، رقص ڪنديون، ائين ويون، گويا هنج پاڻيءَ تي لهوارا وڃي رهيا هئا. بجليءَ جي روشنيءَ ۾ زرق برق ساڙهيون چمڪي رهيون هيون، ۽ هن جي گلاس ۾ وسڪي، سوڍا، روشني، رقص ۽ موسيقي رِلي مِلي چمڪي رهيا هئا. هن چوٿون گلاس خالي ڪيو، ۽ سندس ڌيان جون لهرون کيس لوڙهينديون ويون ــــــــ دور، دور ڪنهن اجنبي ساحل ڏانهن. هو شاعر هو، هميشه چاهيندو هو ته مان ٻيو ڪجھه هجان ۽ ٻئي ڪنهن هنڌ هجان. جڏهن جڏهن شراب پيئندو هو، تڏهن هن کي دور دور جون صدائون اينديون هيون؛ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ناد وڄندا هئا؛ هن جا خيال ديوداسين وانگر رقص ڪندا هئا؛ ۽ هن جو من ــ مندر جھونين مورتين سان سجايو ويندو هو. هن جا دوست جھومندا نچندا هئا، پنهنجي پنهنجي جوڙي دار جا جسم جاچيندا هئا، انهن جي ڳلن کي نفاست سان ڏسندا هئا؛ ۽ ڪائي ازلي ڪشش سندن تن من ۾ چڻنگ دکائيندي هئي، جا ٻري ٻري آڳ ٿيندي هئي، ۽ پوءِ هر رقص ڪندڙ جوڙي ٻه ڄڀيون ٿي ويندي هئي، ۽ هڪٻئي جي ڄر ۾ ڄرڪندي هئي. ليڪن هو خاموش، تنها، اُداس ويٺو هوندو هو. زندگي اَمرت تي جلترنگ وڄائيندي هئي، ۽ ٻهڪندڙ نظرون ۽ مهڪندڙ منهن ڏسي، هو پنهنجو نئون فلسفو دل ۾ دهرائيندو هو ته ’خوشي‘ حسن آهي ۽ حسن ’خوشي‘ آهي ـــــــــ پر پوءِ به سندس روح تي غم جو گھيرو رهندو هو؛ خوشي حملي تي حملو ڪري، شڪست کائي موٽندي هئي، ۽ هو غم جي قلعي ۾ محصور، حسرت سان ڏسندو هو ته ڪيئن فوج در فوج، زندگيءَ جون مسرتون پٺتي هٽنديون ٿيون وڃن. اڳيان کل ۽ خوشيءَ جو سمنڊ موجون ماريندو هو، ۽ هي ساحل وانگر خاموش ۽ ساڪت ان کي ڏسندو هو.

    هو غم کان نجات پائڻ لاءِ شراب پيئندو هو، پر شراب کيس ويتر غمگين ڪندو هو. هن هڪ ڀيري لکيو هو ته ”جڏهن خدا ڪائنات خلقي، خوشي ۽ غم پيدا ڪيو، تڏهن ٻنهي کي چيائين ته پنهنجا پنهنجا دوست چونڊيو. هن جو ايترو چوڻ، ۽ ساري مخلوق جو خوشيءَ سان ساٿ ڏيڻ. هر ڪوئي وڃي خوشيءَ جي پاسي ۾ بيٺو، ۽ ٻئي طرف غم ويچارو اڪيلو بيٺو رهيو. خدا فيصلو ڪيو ته غم جي قسمت ۾ تنهائي آهي. ۽ پوءِ جڏهن سڀئي مخلوق ٽڙڻ پکڙڻ لڳي، تڏهن چوريءَ چوريءَ شراب غم جي ويجھو آيو، ۽ سُس پُس ڪري چيائينس ته ’ تون غم نه ڪر، مان ظاهري طرح ته خوشيءَ سان آهيان، پر دلي طرح تو سان آهيان‘.“ اڄ هن جي زندگيءَ ۾ شراب غم سان اهو قول نڀائي رهيو هو. هن پنجون گلاس ڀريو، ۽ ڳيت سان پي ويو. هاڻي هو سمنڊ کان هٽي، سپ جي سيني ۾ اچي رهيو هو. آسپاس ۽ اردگر کان بي نياز، هو پنهنجي محويت جي عالم ۾ هو. هن جا گيت ۽ غزل ٽوليون ڪري ٿي آيا، ۽ رنگا رنگ لباسن ۾ نچي رهيا هئا. مطلعا، مقطعن سان جھمريون وجھي رهيا هئا؛ بيت، واين سان هم آغوش ٿي تحليل ٿيندا ويا، ۽ انهن جي پٺيان هن کي ڪائي صورت نظر آئي ــــــــــ صورت، جا شراب جي ڇولين تي ڇُلندي ٿي آئي. هوءَ ويجھو ايندي وئي . . . . ويجھو ايندي وئي . . . . . ۽ آخر ان جا نيڻ شراب جي جام مان کيس گھورڻ لڳا. هن کيس سڃاتو. هوءَ ”شمع“ هئي ــــــــــ شمع، جا هاڻي وسامي چڪي هئي، شمع جا ڪيتري وقت لاءِ هن جي شاعريءَ کي روشن ڪندي رهي هئي.

    نشي جي ڇوليءَ هن کي ڪراچيءَ جي ساحل تي اُڇليو. ڇھه سال اڳ هو شمع سان گڏ ’هاڪس بي‘ تي ٽهلي رهيو هو. شام جو وقت هو، ڪوئي ازلي صراف سج جي سون کي ڳاري رهيو هو، ۽ پگھريل سون سمنڊ ۾ ڇوليون هڻي رهيو هو. هن شمع جون ٻئي ڊگھيون چوٽيون پنهنجيءَ گردن ۾ وجھي، هن کي ڇڪي پنهنجي قريب آندو. سج کي پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ايترو ته وڻيو، جو ان کي آغوش ۾ آڻڻ لاءِ پانيءَ ۾ غوطو هنيائين، ۽ پنهنجي پاڇي سميت ٻڏي ويو. هن محسوس ڪيو ته شمع هن جو حسين پاڇو هئي؛ ۽ هن پنهنجيءَ فطرت جو عڪس شمع ۾ ڏٺو. جڏهن به هو پنهنجو شعر پڙهندو هو ته شمع ايترو ته محويت ۾ اچي ويندي هئي، جو هو محسوس ڪندو هو ته هنن ٻڻهي جو ڪوئي وجود نه هو: هو ٻئي غير حقيقي هئا، فقط شعر ئي حقيقي هو ــــــ شعر، جو شمع جي حسن ۽ هن جي عشق مان جڙيو هو ــــــ شعر جنهن ۾ ڪائي ازل جي ڄڀي آهي، جا زندگيءَ جي هر ڏک سک کي جلائي رک ڪري ڇڏي ٿي، ۽ پوءِ ڄرڪندي، جرڪندي، ڪنهن جوالا ۾ بدلجي وڃي ٿي. هن شمع کي زياده قريب آڻي، هن جي اکين کي چميو. ٻه سهڻا ڪنول ڪنهن سرور ۾ ٻوٽجي ويا.

    ”آبدار!“ هن خالي گلاس سنگمرمر جي ڪائونٽر تي سرڪائيندي چيو، ”هڪ پورو.“ ۽ جيستائين آبدار وسڪيءَ سان سوڍا ملائي، تيستائين هو وري ڌيان جي لهرن ۾ لڙهندو ويو؛ هو ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ ’ادب برائي زندگي‘ ۽ ’زندگي برائي ادب‘ تي ڪجھه لکي رهي هو. در مان گھميل ڀني هوا هن جي وارن کي کنڊيري رهي هئي ۽ هو انهن کي هٿ سان سنواري رهيو هو، ته ڪنهن پٺيان اچي هن جي هٿ تي هٿ رکيو، ۽ پوءِ هٿ سرڪائي هن جي اکين تي رکيائين. هن ڇرڪ ڀري پڇيو، ”ڪير آهي؟“ پٺيان مٺڙو آواز آيو، ”شاعري!“ هن جواب ڏنو ته ”شاعريءَ کي ڏسڻ لاءِ واقعي هي اکيون ضروري نه آهن. مون شاعريءَ کي بنا ڏسڻ جي ڏسي ورتو.“ پوءِ هن هٿ کي جھٽڪو ڏنو ته شمع اچي آغوش ۾ پئي.

    ’ڪئبري‘ رقص جي ڌن ڪجھه تيز ٿي وئي، ۽ هن جي خيالات جو سلسلو ٽٽي ويو. هن اکيون ڇنڀي ڏٺو ته ريڊيو گرام وٽ هڪ انگريز ڇوڪري رڪارڊ ڏسي رهي هئي، ۽ هن کي پاڻ ڏانهن گھوريندو ڏسي، ڪجھه ڇرڪي وئي. هن مرڪي گلاس هٿ ۾ کنيو، ۽ باقي بچيل وسڪيءَ کي ڏسڻ لڳو. گويا چئي رهيو هو ته ” چري، تون ڇرڪين ڇو ٿي؟ جو انگريز، ”ايليٽ“ (T.S -Eliot) جي شاعري نٿو سمجھي سگھي، سو مون لاءِ ڪائي معنى نٿو رکي.“ ڀرسان هڪ ديسي پوليس آفيسر انگريزي ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي صحيح تلفظ جي سبب فخر سان ڏسي رهيو هو. هن مرڪيو ـــ گويا چئي رهيو هجي ته ” ڪمبخت، تو شاهه لطيف نه پڙهيو آهي، تون به مون لاءِ ڪائي معنى نٿو رکين!“ هن پوءِ گلاس مان ڍُڪ ڀري ان ۾ آبِ حيات کي ڏٺو ۽ ان کي اکين سان چيائين، ”هر ڪنهن کي تو کي پيئڻ جو حق نه آهي. معلوم نه آهي ته تو کي ڪڏهن هنن جانورن مان نجات ملندي!“ ۽ پوءِ ڳيت ڏيئي گلاس خالي ڪري ڇڏيائين. وري ڇوليون آيون ۽ پنهنجي ڇوهه ۾ هن کي کڻي ويون؛ هن ڏٺو ته ”شمع“ پنهنجي گھر ۾ بالڪنيءَ ۾ ويٺي هئي، ۽ هن جي نظم جي ڪتاب جي ٻي ڪاپي ڪري رهي هئي. هن کي ڏسي ”شمع“ ڪتاب بند ڪيو. ”شمع“ جي چهري تي ڪجھه اداسائي ڇانيل هئي ــــــ گويا هوءَ پهرئين پهر ۾ پندرهينءَ جي چنڊ وانگر ٿي لڳي. هن سندس وار کنديري، پنهنجو مُنهن هن جي منهن جي قريب آڻي چيو، ”مٺڙي، اڄ اداس ڇو آهين؟“

    ”سائين“، شمع وراڻيو، ”زندگي امتحان وٺي رهي آهي. منهنجي پيءُ اڄ زور رکيو آهي ته مان ’ارشد‘ سان شادي ڪريان. چوي ٿو ته ارشد کي ڪپڙي جي مل آهي، ڪلفٽن تي بنگلو آهي، ڪئڊلڪ ڪار آهي ۽ ڪافي بئنڪ بئلنس آهي. هن کي خبر نه آهي ته مان تنهنجي آهيان ــــــ تنهنجي آهيان، ڇو ته تون شاعر آهين، تنهنجي ڦاٽل جھوليءَ ۾ ڪائنات جي دولت آهي.“ ائين چئي، شمع پنهنجو منهن هن جي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ سرگوشيءَ جي انداز ۾ چيائين، ”سائين، مان تنهنجي آهيان!“

    هو خاموش هو، ليڪن هن جي دل چئي رهي هئي ته ”هائو، تون منهنجي آهين، ۽ هي ساريءَ ڪائنات جو حسن منهنجو آهي؛ ۽ جيستائين مون کي تنهنجي محبت حاصل آهي، تيستائين مان ان حسن کي زياده حسين ڪندو رهندس ــــــــــ ۽ اهو سڀ تنهنجي طفيل ٿيندو.“
    هاڻي ڇوليون ڄڀين ۾ بدلجنديون ٿي ويون، ۽ هو ڪنهن آڳ جي سمنڊ ۾ هو. اوچتو سندس اکين اڳيان ”شمع“ جي مرڻينگ صورت آئي. ”شمع“، پويان ڀڙڪا ڏئي رهي هئي. کيس نمونيا ٿي پئي هئي، ۽ هوءَ شايد بخار ۾ پاسا ورائي رهي هئي. هو زندگيءَ ۽ موت جي لڪ ڇپ ڏسي رهيو هو. آخر شمع وسامي وئي. ڪوئي پکيئڙو پنهنجي آکيري مان اُڏاڻو، ۽ هن جي آکيري جي قريب آيو ۽ پر ڦڙڪائڻ لڳو ــــــ گويا هو پرن جو آواز ٻڌي رهيو هو. هن چپن ۾ چيو، ”پکيئڙا، هي آکيرو ڇڏيندس، تنهنجي پٺيان ايندس ــــــ ازل جا آشيانا ڳولي ڳولي، تو کي هٿ ڪندس. هن وقت تون مون کان دور وڃي رهيو آهين . . . . نهايت دور! منهنجو پرواز به تو تائين پڄي نه سگھندو؛ شايد منهنجو راڳ تو تائين پڄي سگھي! مان ڳائيندس! . . . . . مان ڳائيندس! . . . . منهنجو راڳ تو تائين ضرور پهچندو!“

    هن جي دل ۾ شايد خواهش پيدا ٿي ته هو شمع جي چپن کي چمي؛ پر آسپاس هن جا رشتيدار ڏسي، مشڪل سان ان خواهش تي قابو پاتائين.

    آڳ جي ڄڀي هن جي نس نس کي ڄرڪائڻ لڳي، ۽ هن ڪوٽ جي کيسي مان ڪجھه نوٽ ڪڍي شراب جو بل ادا ڪيو، ۽ ٿيڙ کائيندو بار مان ٻاهر نڪتو. هن جي هانوَ تي نشو ڪجھه مونجھه ڪري رهيو هو. هو بار جي ٻاهرئين در سان ٽيڪ ڏئي، ڪجھه وقت بيهي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن هن جون اکيون کليون ٿي، ۽ سامهون رستي تي بتين مان ايندڙ ڪرڻا هن جي نظرن سان نيزن وانگر ٿي اٽڪيا. هن در جي ٿڌي لوهه تي هٿ ڦيريو، ۽ گھڙيءَ پل لاءِ ان جي وڻندڙ خنڪيءَ ۾ محو ٿي ويو. جھٽ کان پوءِ هن جون اکيون ٻوٽجي ويون، ۽ وري هن جو سارو تن بدن چکيا بڻجي ويو، جنهن ۾ شراب آلا ٽوئا جلائي رهيو هو. اوچتو هن کي اندران ڪائي اَجھل اُڇل آئي، ۽ هو مدهوشيءَ ۾ در سان گسندو زمين تي ويهي رهيو. هن کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايو، ۽ سوچيو ته ’ڇا ماضي سگريٽ جي رک وانگر آهي، جو ختم ٿيڻ کان پوءِ زندگيءَ مان ڇنڊجي ٿو وڃي؟‘ ’ائين نه آهي‘، هن سوچيو، ’ماضي، حال ۽ مستقبل ــــــــ ٽيئي زندگيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ ڳتيل آهن؛ باقي ائين ضرور آهي ته زندگي کهري سُٽ جو تاڃي پيٽو آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ماضيءَ جي پَٽ جون تارون آهن‘. ڌيان جون لهرون وري هن کي پنهنجي آغوش ۾ ڇڪي ويون. هو وري پاتار ۾ پيهي موتي ميڙڻ لڳو.

    هو ڊرگ روڊ جي هوائي اَڏي تي پنهنجي دوست ”شيام“ کي ڇڏڻ ويو هو. ڪراچيءَ ۾ فرقيوارانه فسادن کان پوءِ سنڌي هندو ڀارت لڏي وڃي رهيا هئا؛ ۽ شيام، هن جي ننڍپڻ جو دوست ۽ شاعر، جنهن سنڌ جي عظمت جا گيت ڳايا هئا، جنهن جي لونءَ لونءَ سنڌڙيءَ لاءِ سڪ هئي، سو هميشه لاءِ وطن کي وداع ڪري رهيو هو. ڏينهن جو ٻارهين بجي هو ريل ۾ ڊرگ روڊ پهتو؛ ۽ جڏهن هوائي اڏي تي آيو، تڏهن شيام اڳيئي اُتي هو، هن سان گڏ هن جي ڀيڻ ”شيلا“ ۽ هڪ گھرين ڪارين اکين واري ڇوڪري هئي. شيام ان ڇوڪريءَ جو تعارف ڪرائيندي چيو، ”هيءَ آهي ’غزاله‘، شيلا جي ساهيڙي؛ هن کي ڇڏڻ آئي آهي.“ هن هرڻيءَ جي نيڻن ۾ گھوريو، جن ۾ رڃ پٺيان رُڃ هئي. اکين جي اُڃ، اکين جي رُڃ جو پيڇو ڪيو، ۽ ٻئي روح جي بي انتها وسعتن ۾ گ ٿي ويون. شيام هن ڏانهن اُڪير مان ڏسي چيو، ”ادا، اسين وري ڪڏهن ملنداسين؟ اسان ته سمجھيو هو ته اسين تاريخ ٺاهي رهيا هئاسون؛ اسان کي خبر ته نه هئي ته تاريخ مورڳو اسان کي ڊاهي وجھندي!“ شيام جون اکيون ڪجھه ڪجھه ڀرجي آيون ۽ ڀريل آواز سان هن چيو، ”ادا، مون کي ياد ڪندي نه؟“

    ”شيام“، هن چيو، ” تو کي خبر آهي ته شاعر ۽ اديب کان سواءِ مان ٻئي ڪنهن جي دوستيءَ جو قائل نه آهيان ــــــــ ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته سنڌ ۾ واقعي شاعر ۽ اديب آهيون گھڻا؟ تو کي به ياد نه ڪدنس ته باقي ڪنهن کي ڪندس!“

    ”جي شيام اهڙو چڱو شاعر ۽ اديب نه هجي ها، ته اوهين شايد کيس وساري ڇڏيو ها!“ غزاله مرڪندي چيو.

    ”شايد!“ هن جي چپن غزاله جي چپن تان مُرڪ جھٽيندي چيو.

    ٿوري وقت کان پوءِ شيام ۽ شيلا وڃي هوائي جھاز ۾ ويٺا، ۽ هو ۽ غزاله کين حسرت ۽ محبت سان ڏسندا رهيا.

    ”شيلا کان سواءِ مون لاءِ سنڌ ڪائي معنى نٿي رکي.“ غزاله چيو.

    ”واقعي، شيام جي متعلق منهنجو به اهو ئي خيال آهي.“ هن غزاله کي غور سان ڏسندي جواب ڏنو. غزاله اڻويهن ورهين جي هئي. هن جي گندمي چهري تي صباحت ۽ معصوميت ٿي بکي، ۽ ان ۾ هن جون وڏين وڏيون اکيون ائين ٿي لڳيون، گويا ڪنهن مندر ۾ ڏياٽيون ٻري رهيون هيون، ۽ انهن جي ڀرسان هن جون چڳون اگربتين جي دونهين وانگر وڪڙ کائي رهيون هيون.


     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ”اوهين ڇا تي ويندؤ؟“ غزاله پڇيو.

    ”بس تي.“

    ”مون وٽ ڪار آهي، جي گڏجي هل ته بهتر ـــــــ ڳالهائيندا هلنداسين.“

    ”چڱو.“

    غزاله پاڻ ڪار هلائڻ لڳي ۽ هي اڳينءَ سيٽ تي هن جي ڀرسان ويهي رهيو. ملير وٽ پهتا ته آسمان تي گھاٽو جھڙ ڇانئجي رهيو هو ۽ ائين ڀاسڻ لڳو ته ڄاڻ اُٺو. ٻه ــ پهري ڪنهن ڳڀرو مهاڻيءَ وانگر جھڙ کي جھاڳي رهي هئي، ۽ ننڍڙيون ڪڪريون چوڌاري ڄارين ۽ کارين وانگر پکڙيل هيون. اوچتو ڪجھه گيڙو ـــ رنگ ڪڪر آسمان ۾ ائين ڌوڪيندا آيا، ڄڻ ڪنهن جوڳيءَ جي من جا اُمنگ هئا. ڪار رستي تان ڪڪرين جو تعاقب ڪندي ٿي ويئي. هن غزاله ڏانهن ڏٺو، جنهن جو منهن گھم سبب زياده ملائم ٿي ويو هو، ۽ پوءِ هو پنهنجي جھوني ڪافي ڳائڻ لڳو:

    نينهن آيو مينهن وانگر هاءِ هاءِ
    پيو ٽڙي دل جو گلستان، اي اديون!
    ڇا چوان آ ڪير مهمان، اي اديون!

    هن جون اکيون کلي ويون ۽ ڏٺائين ته هو بار جي در سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. هو ساڳيو راڳ ڳائڻ لڳو:

    ” آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان، اي اديون!“

    هن ٿڌو ساهه ڀري سوچيو ته ’اڄ اهو اڱڻ ۽ اهو چنڊ مون کان ڪيترو نه دور آهي! هن وقت ڪهڙو ثبوت آهي ته ڪنهن وقت اهو چنڊ منهنجيءَ جھوليءَ ۾ هو. واقعي هر حقيقت بي حقيقت آهي!‘

    نشو هن جي هانوَ جي هندوري کي لوڏڻ لڳو ۽ هو ڏاڍيان ڳائڻ لڳو:

    ” آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان،
    آ اڱڻ ۾ چنڊ مون سان، اي اديون!“
    هن جون اکيون وري کيپ ۾ ٻوٽجي ويون. هير جو جھوٽو آيو، ۽ هن ي هنج ۾ کڻي اُڏاڻو؛ هو غزاله جي گھر جي ايوان ۾ ٽهلي رهيو هو. غزاله جو پيءُ انجنير هو. کين پنهنجو ڪشادو بنگلو هو، جنهن جي آڳڙ ۾ باغيچو هو، جتي هو ۽ غزاله گھڻو ڪري شآم جو ٽهلندا هئا، ۽ ادب، سياست ۽ ٻين موضوعن تي بحث ڪندا هئا. هن جي ڪنن ۾ ناريل ۽ پپيئي جي سرسر آئي، جا غزاله جي ايوان ۾ ٻڌبي هئي.

    ”شاهه کان پوءِ سنڌ ۾ صحيح معنى ۾ ڪو ئي شاعر نه ٿيو آهي.“ غزاله بحث ڪندي چيو، ”ٻين سڀني رواياتي پيرائي ۾ شاعري ڪئي آهي، ۽ شاهه جا لفظ، ترڪيبون، محاورا، تشبيهون، تلميحون وغيره دهرايون آهن. انهن ۾ ڪائي تخيل جي ندرت ۽ انفراديت ڪانه آهي.“

    ”ائين ته نه آهي،“ مون چيو، ” ’بيڪس‘ جي ڪائي به سٽ کڻ، ته ان ۾ بيان جي انفراديت آهي يا نه.“

    ”مثال طور؟“

    ”مثال طور؟ مثال طور: ’ساجن سائين، سير ڪرڻ لاءِ آيو ٿِي انسان‘! “ هن غزاله ڏانهن شرارت سان ڏسندي ”بيڪس“ جي سٽ پڙهي.

    غزاله حاضر جوابيءَ جي شوق ۾ اچي وئي ۽ چيائين ته ”سير ڪرڻ لاءِ ڇو، شعر چوڻ لاءِ ڇو نه؟“ ـــــــــ پر پوءِ پنهنجي جواب تي پاڻ ئي شرمندي ٿي وئي.

    مٿيون منظر اوندهه جي پردي ۾ ليپٽجي ويو، ۽ ڌيري ڌيري هن جي روح تي روشني پوڻ لڳي. هن پاڻ کي غزاله سان منهوڙي تي ڏٺو. هو ٻئي ڇولين کي ڇاٿي ڏئي، سمنڊ ۾ اڳتي وڌندا ٿي ويا. ڪڏهن ڪڏهن ڇولي زياده ڇوهه سان ٿي آئي ته ٻنهي جا هٿ جدا ٿي ٿي ويا، ۽ پاڻيءَ مان اڇانگ ڏئي غزاله ٽهڪ ٿي ڏنا. اهي ٽهڪ ڇولين جي گجيءَ ۽ گاج سان ملي هڪ پرشور ڪائنات بڻجي ٿي ويا. هن کي ڪيتريءَ مدت کان پوءِ سچيءَ خوشيءَ جو احساس ٿيو هو ــــــــــــــ خوشي، جا هن جي ڀنل منهن تي ٽڙي رهي هئي، ۽ جنهن کي هن جون نظرون نهايت نفاست سان غزاله جي ڳلن تي ڇُهي رهيون هيون.

    ”اچ ته ’بريڪ واٽر‘ تي هلون.“ غزاله چيو.

    ”هل.“

    ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي پاڻيءَ مان نڪتا ۽ ساحل تي ڊوڙڻ لڳا. بريڪ ـــ واٽر ڏانهن ٻه رستا ٿي ويا. هڪ پڪي رستي تان ۽ ٻيو سمنڊ جي ڪناري تان، پهاڙيءَ وٽان. پڪي رستي تان ڪيترائي ماڻهو ٿي ويا، سو هنن تنهائيءَ لاءِ پهاڙيءَ وارو رستو ورتو. ٿورو اڳتي ويا ته رستو ڪجھه خطرناڪ نظر آيو. پهاڙيءَ تي پيچرو ڇولين سبب آلو هو، ۽ ان جي هيٺان سمنڊ جون دهشت خيز ڇوليون هيون؛ ليڪن هي ٻئي پنهنجيءَ ڌن ۾ وڌندا رهيا. جڏهن هڪ اوچيءَ جڳهه تي آيا، ته اوچتو غزاله جو پير ترڪيو؛ پر هن سان هٿ هٿ ۾ هوس، سو هن کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، ۽ هوءَ هن جي ٻانهن ۾ هلي آئي. موت کان اوچتو بچي وڃڻ بعد، هراس جي احساس ۽ هڪ دوست جي ڀنل جسم جي ڇُهاءَ ــ رس، غزاله کي گھڙي پل لاءِ ساڪت ۽ خاموش ڪري ڇڏيو. سامهون اٿاهه ۽ بي انت نيرو پاڻي هو، ۽ بي ٻه تنها انسان ـــــــــــ هڪٻئي کي چنبڙي ان کي ڏسي رهيا هئا؛ هنن جا نيڻ نيراڻ تي کپي ويا هئا.

    ”غزاله ــــــــــ“ هن سرگوشيءَ سان چيو.

    ”پرين ــــــــــــــــــ“ غزاله مُنهن هن جي ڇاتيءَ ۾ ڇپائيندي چيو.

    ٻه سال خواب و خيال وانگر گذري ويا. هڪ ڏينهن هو غزاله جي ڊرائينگ روم ۾ ويٺو هو. هن تازو ايل.ايل.بي پاس ڪئي هئي؛ غزاله ايم.اي پاس ڪئي هئي ۽ ڪاليج ۾ سياسيات جي ليڪچرر مقرر ٿي هئي. ڳالهه تي ڳالهه نڪتي ۽ هو پنهنجي مستقبل تي سوچڻ لڳا.

    ”اوهان وڪالت ڪڏهن ٿا شروع ڪريو؟“ غزاله پڇيو.

    ”وڪالت ڪرڻ جو ته ڪوئي خيال نه آهي؛ ايل.ايل.بي ته مون فقط قانون جي مطالعي جي لاءِ کنئي هئي.“

    غزاله جي منهن تي غير معمولي سنجيدگي اچي وئي ــــــــ جنهن ائين ٿي لڳو ته هن ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي، پر چئي نٿي سگھي. هو سندس خيال ڀانپي ويو، ۽ چيائين: ”غزاله تو کي خبر آهي ته شعر ۽ ادب منهنجي زندگي آهي. مان ان کي معاش جو ذريعو بڻائڻ چاهيان ٿو. ائين برابر آهي ته ان ڪري شايد فاقه ڪشيءَ تائين نوبت پهچي. پر مون تو کي ڪيئي دفعا چيو آهي ته جي شاعريءَ ۾ دولت نه آهي ته دولت ۾ به شاعري نه آهي.“ غزاله بلڪل سُن ۾ اچي وئي، ليڪن هن جون اکيون هن جي اندروني آنڌ مانڌ جون گواهه هيون. هوءَ ڪنڌ جھڪائي پير سان زمين کوٽڻ لڳي.

    ”شايد اوهان فقط پنهنجي لاءِ ٿا سوچيو.“ هن چيو ۽ ڪمري مان ڊوڙندي نڪري وئي.

    هاڻي هن جو نشو ڪجھه گھٽجي رهيو هو. هن اکيون ڇنڀي ٿڌي آڪاس ڏانهن ڏٺو. سامهون هڪ ستاري اک ڇنڀي ــــ گويا هن کي چيڙائي رهيو هو. هن سگريٽ دکايو . . . . . ۽ کيس غزاله سان آخري ملاقات ياد آئي.

    هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو، ۽ ڪوئي نظم لکي رهيو هو. اوچتو در کولي غزاله ڪمري ۾ مرڪندي اندر آئي، ۽ اچي هن جي مٿان بيٺي. هو نظم جي آخري سٽ لکي رهيو هو ته غزاله هن جي هٿ مان ڪاغذ کسيو ۽ چوڻ لڳي، ” ’زندگي براي ادب‘ ـــــــــ ’هر خوشي براي ادب!‘ آخر اسان به ڪنهن ڪاڻ ۾ آهيون يا نه؟“ هن ڪاغذ ٻنهي هٿن ۾ جھليو ۽ چوڻ لڳي: ”مان هن کي ڦاڙيان ٿي. جي مان تو کي شاعريءَ کان زياده پياري آهيان ته تو کي شاعري ڇڏڻي پوندي! تو ۾ بيحد صلاحيتون آهن ۽ تون هڪ ڪامياب وڪيل ٿيندي.“ ائين چئي غزاله نظم وارو ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيو، ۽ مرڪي هن ڏانهن نهارڻ لڳي. هن جي چپن غزاله جي مرڪ نه ورائي.

    ”غزاله تون ڀُلي آهين،“ هن غزاله جي اکين ۾ گھوريندي چيو، ” تو غلط سوچيو ته مان تو کي چونڊيندس!“

    ان کي به شال ي ويا. اڄ هو ساڳيو بيت ڳائي رهيو هو، جو غزاله جي وڃڻ بعد هن جھونگاريو هو:

    سَؤ سِرن پائي، جي تند برابر توريان،
    ته اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيڄل ٻرائي!

    ”جي تند برابر توريان . . . . . ،“ هن چپن ۾ جھونگاريو، ”جي تند برابر توريان . . . . . “ هو اُٿيو ۽ ٿيڙ کائيندو ٽانگي جي تلاش ڪرڻ لڳو.
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ادا علي علي
    توهان جس لهڻو اهڙي ڪهاڻين جي ڪري
    توهان جي مهرباني آهي جو توهان سنڌ سلامت تي اهڙيون قيمتي انمول ڪهاڻيون شيئر ڪيون آهن
    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو