ڪجهه ڏينهن اڳ مون وٽ هڪ دوست جي ميل آئي ۔۔۔ ميل ۾ موجود تصويرن جي ڪهاڻي مونکي ڪافي دير خيالن ۾ گُم ڪري ڇڏيو۔۔۔ هي تصويرون آهن 26 سالن جي احمد ۽ سندس 25 سالن جي گهرواري فاطمه جون ۔۔۔ هڪ ايڪسيڊينٽ ۾ احمد جو ٻئي ٻانهون ۽ فاطمه جون ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون ۔۔۔ پر انهن پنهنجي معزوري کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۔۔۔ احمد ۽ فاطمه پنهنجي روز جي معمولي کي جاري رکيو پيا اچن۔۔۔ احمد خطاطي جو ماهر آهي ۽ هو هاڻي لکائي جو ڪم پنهنجي پير سان ڪندو آهي۔۔ فاطمه پنهنجي گهر جو ڪم پاڻ ڪندي آهي۔۔ احمد پنهنجي وارن کي پاڻ ڪنگو ڪندو آهي۔۔۔ فاطمه سندس وارن جي چوٽي ٺاهڻ ۾ سندس مدد ڪندي آهي۔۔۔ احمد پنهنجا ڪپڙا پاڻ استري ڪندو آهي۔۔۔ فاطمه صبح جو سندس لاءِ ناشتو ٺاهي ساڻس گڏ ٽي وي ڏسندي ڪندي آهي۔۔۔ احمد پنهنجا پير پاڻ ڌوئيندو آهي۔۔ رڳو ايترو نه پر برش پڻ پاڻ ڪندو آهي۔۔۔ ٻئي ٻاهر گهمڻ گڏ ويندا آهن۔۔۔ پنهنجي شادي جي تصويرن کي گڏ ڏسندا آهن۔۔۔ احمد پنهنجي قسمت جي ستم ظريفي تي سوچيندو ضرور هوندو ۔۔۔ پر فاطمه جي هن تصوير کي ته ڏسو ڪيڏو نه سڪون ۽ تسڪين سان احمد جو ڪلام ٻڌي رهي آهي۔۔ تڏهن ته چوندا آهن ته هميشه زندگي جو مزو ماڻيو۔۔۔ جيڪڏهن زندگي توهان کي روئڻ جا هزارين بهانا به ڏئي تڏهن به دنيا کي ڏيکاريو ته توهان وٽ کلڻ جا به لکين بهانا آهن۔۔۔۔
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ بيشڪ اهو ئي سچ آهي ته انسان کي هر حالت ۾ الله پاڪ جو شڪر گذار رهڻ کپي ان طرح ئي انسان سڪون سان گذاري سگهي ٿو لاجواب سمجهاڻي آهي ادا توهان جي اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ جيئي سنڌ
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ ادا رشيد الله تعالي جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي هر حالت ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا نهايت ئي عجيب تصويرون آهن
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ سائين عبدالرشيد هي تصويرون تمام دل دهلائيندڙ منظر پيش ڪري رهيو آهن انهن ۾ ڪيترائي سبق آموز پهلو به مضمر آهن هڪ ته انسان هميشه پاڻ کي گهٽ حيثيت واري کي ڏسي ۽ پاڻ ۾ اها نعمت ڪامل ڏسي ته شڪر ڪري هڪ دفعي شيخ سعدي رحمه الله عليه لکيو آهي ته مون کي جوتا نه هئا دل ۾ سوچيم ته جيڪڏهن چپل هجن ته ها بهتر ٿئي ها ليڪن الله تعالي مسڪين ڪيو آهي وٺڻ جي طاقت نه آهي اهو سوچي اڃا ٿورو ٻاهر نڪتس ته هڪ شخص ڏٺم ته ان کي ٻئي پير نه هئا جڏهن اها ڪيفيت نظر کان گذري ته رب کي عرض ڪيم ته منهنجا مولا تنهنجو شڪر آهي جو مونکي پير ته عنايت ڪيا اٿئي مون کي جوتن جي پرواه نه آهي۔ سو اهڙي طرح ڪنهن گهٽ حيثيت واري کي ڏسي شڪر ڪجي ۽ وڌيڪ حيثيت واري کي ڏسي صبر ڪجي جيڪڏهن صبر ۽ شڪر نه ڪندو تڏهن به انسان ڪجهه ڪري ته ڪونه ٿو سگهي ان ڪري صبر ۽ شڪر ڪري رب جو رضامندو حاصل ڪري ته بهتر۔ شاه لطيف به اهڙو درس ڏيندي ٻڌايو آهي ته : صبر ۽ شڪر کي هٿ ڪيو مون هاڻ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قرآن ۾ الله تعالي فرمائي ٿو لئن شکرتم لازيدنکم جيڪڏهن شڪر ڪندو ته توهان کي ضرور ( اڃا) نعمت وڌائي ڏنيدس۔
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ ادا رشيد سمون ۔۔۔۔ تمام سٺي نصيحت لکي آهي توهان ... اسان کي الله تعالي جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ اهڙن ئي ڪردارن کي ڏسي ته وري وري جيئڻ تي دل چوندي آهي ۽ دنيا جي مشڪلاتن سان مقابلي جي سگهه پئدا ٿيندي آهي ... سلام آهي اهڙن انسانن کي جي هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي حيثيت کي هيٺ ڪرڻ کان بچائي وٺن ٿا ... shabash shabashshabash shabashshabashshabash
جواب: هڪ ٻئي کي چاهيندڙ معزور جوڙو۔۔۔۔ ادا بس مون کي چاهت فورم تي ادي رشيد جي سڪنيچر وارا جملا ياد اچي ويا ته چاهت نه هوتي ڪچه بهي نه هوتا تو بهي نه هوتا مين بهي نه هوتا hall chari ادا الحمد لله الذي انعمنا۔