پاڪتان جو نگران وزيرعظم نگران مير هزار خان کوسو مقرر۔ وزير اعظم مير هزار خان کوسي جو تعلق بلوچستان صوبي سان آهي، هو بلوچستان جي شهر جعفر آباد جي ڳوٺ اعظم خان کوسو جو رهواسي آهي هو 1929ع ...۾ پيدا ٿيو ۽ سندس عمر 84 سال آهي۔ مير هزار خان کوسو صاحب بلوچستان جو قائم مقام گورنر به رهي چڪا آهن۔مير هزار خان سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي۔
سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي نڪتل مير هزار خان کوسو ملڪي تاريخ جو ڇهون نگران وزيراعظماسلام آباد (اي پي پي) جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو ملڪي تاريخ جي ڇهين نگران ۽ مجموعي طور تي 26 هين وزيراعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، ملڪ جو پهريون وزيراعظم جو اعزاز لياقت علي خان کي حاصل ٿيو، جڏهن ته ان کانپوءِ خواجه نظام الدين وزيراعظم بڻيو، جنهن کانپوءِ محمد علي بوگرا، بعد ۾ چوڌري محمد علي، حسين شهيد سهروردي، ابراهيم اسماعيل چندريگر، ملڪ فيروز خان نون، نور الاامين، وزيراعظم جي منصب تي فائز ٿيا، جنهن کانپوءِ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيوبعد ۾ مارشل لا کانپوءِ محمد خان جوڻيجو ۽ ان کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي، غلام مصطفيٰ جتوئي پهريون نگران وزيراعظم بڻيو، ان جي نگراني ۾ چونڊن ۾ نواز شريف وزيراعظم بڻيو، بعد ۾ بلخ شير مزاري نگران وزيراعظم بڻيو، سپريم ڪورٽ طرفان نواز شريف جي حق ۾ فيصلي کانپوءِ هن ٻيون ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کنيو، اسيمبلي تحليل ٿيڻ کانپوءِ معين قريشي نگران وزيراعظم بڻيو ان جي چونڊن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻيون ڀيرو وزيراعظم بڻي پر سندس حڪومت مدو پورو ڪري نه سگهي ۽ معراج خالد نگران وزيراعظم بڻيو، چونڊن کانپوءِ ميان نواز شريف ٽيون ڀيرو ان عهدي تي فائز ٿيو پر مارشل هڻي سندس حڪومت ختم ڪئي وئي، 2002ع جي چونڊن ۾ مير ظفر الله جمالي وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو پر کيس هٽائي چوڌري شجاعت ۽ وري شوڪت عزيز کي وزيراعظم بڻايو ويو، حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي محمد ميان سومرو کي نگران وزيراعظم بڻايو ويو، 2008ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ طرفان نااهلي تي راجا پرويز اشرف ان منصب تي حڪومت جي تڪميل تائين برقرار رهيو جنهن کانپوءِ مير هزار خان کوسو کي نگران وزيراعظم چونڊيو ويو آهي هو ملڪي تاريخ جو 6 هون نگران وزيراعظم هوندو نگران وزيراعظم مقرر ڪيل جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو جو تعلق بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد جي ڳوٺ اعظم خان کوسو سان آهي، سندس عمر 84 سال آهي، هن پنهنجي گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان جڏهن ته ايل ايل بي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، هو 1977ع کان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج رهيو، جڏهن ته 1990ع ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيو، هو گورنر بلوچستان محمد موسيٰ جي لاڏاڻي تي ٽن مهينن جي لاءِ وقتي گورنر به رهيو ان کانسواءِ هو فيڊرل شريعت ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو آهي.
نيڪ خواهشون کوسي صاحب لاء ۔۔۔ ڪالهه کيس تمام وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏٺم، ڪي ٽي اين تي هڪ رپورٽ ۾ اهو ڏٺم ته هو خوش مزاج ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندڙ شخص آهي۔ دعا آهي ته هو هي ذميواري احسن طريقي سان نڀائي۔