اڄوڪو ڏينهن 25 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    اڄوڪي ڏينهن 25 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    25 مارچ 1896ع شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو جي ٽلٽيءَ ۾ پيدائش ٿي.
    25 مارچ 1916ع ليکڪ ڄيٺانند لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1924ع ليکڪ ڪشن گرناڻي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1929ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1929ع اداڪار موهن ڇاٻڙا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1931ع صحافي محمد خان شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1937ع سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1945ع شاعر حزب الله ناشاد جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1945ع سگهڙ دلمراد دلاور شر (رسول پور) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1947ع شاعر محمد صادق امين جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1952ع محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1952ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ (پڊ عيدن) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1955ع شاعر مختيار گهمرو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1957ع ليکڪ ملوڪ لنڊ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1977ع ليکڪ عطا راهو (شهمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1982ع شاعر عادل مهر (مبارڪ پور) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مارچ 1987ع ليکڪ اياز ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    25 مارچ 1952ع ناليوارو سنڌي گويو ۽ موسيقار استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو.
    25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل کي سندس ڀائٽي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 25 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    25 مارچ 1992ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ جو فائينل انگلينڊ کان کٽي ورتو.


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 مارچ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو