پل پل جي منهنجي سڏڪن ۾ تنهنجي سار ســـــمايل آ جاني، ٿي ڳالهه نڪا مونکي سال ٿيا منهنجو روح ســڪايل آ جاني، تـنهنجي ياد اڃا ڀي تازي آ مونکي يـاد اڃا پنــهنــجو مـــاضــي آ، منــهنجي دل ۾ تنــهنجي پيـار سنـدي اڄ راک سجايل آ جـاني، نه عشـــق ڪـــو انعــام آهـي تنهن ۾ صدمو ۽ بس سور آهي، جنهنجو به پــڇــان ٿــو حال هــتــي هر شّــخص ستـايل آ جانـي، جــي مـانـڌ ڇـــنــيــن ويــا مــور مــٺــا مـون تن لاءَ ڏاڍا سور سٺا، اڄ مــنهنـجي دل جـــو مــاتــم آ تنـــهنجو کيل مچايل آ جاني، ”مــجــبـور“ جـي سيني ۾ به آخر هڪ دل ئي آهي پٿر ته ناهي، هو پيار ۾ پاگل عشق جو عادي هاڻي قرب ڪــڙايــل آ جاني، شاعر : ننگر عباسي ادا هي منهنجو لکيل غزل آهي توهان پڙهو ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي هجي ته دل کولي تنقيد ڪريو توهان جي رهنمائي لاءِ مهرباني ٿيندي۔دعائون ۾ ياد۔