کائو پر کمي کائو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    22 مارچ جي ڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۾ تاج حيدر (سيڪريٽري پي پي پي سنڌ) جو وضاحتي ليک ڇپيو آهي، جيڪو هن دودي چانڊئي جي لکيل هڪ آرٽيڪل ”ڪراچيءَ جا اصلوڪا رهواسي پ پ کان ناراض ڇو آهن؟“ جي جواب ۾ لکيو آهي. مون دودي چانڊئي جو آرٽيڪل پڙهيو هو، جنهن ۾ هن ڪراچيءَ جي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ سندن خدشن بابت اهڃاڻيون ڏنيون آهن، جيڪي منهنجي خيال ۾ ته پڙهي تاج حيدر کي دودي چانڊئي جو شڪر گذار هئڻ گهرجي ها! جي واقعي تاج حيدر پي پي سان سچو آهي ته، جيڪر هو انهن ناانصافين جي ازالي ڪرڻ خاطر پنهنجي پارٽي قيادت سان ڳالهائي انهن کي سنجيدگيءَ سان سمجهائي انهن جو ازالو ڪرائي ها، نه ڪي ائين ڏاڪا ٻڌي بيهي ها! اسين ڄاڻون ٿا ته، جڏهن به اسان پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ته، اسان تي ذات، برادري، زبان، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي تقسيم ڪرڻ وارا الزام هنيا آهن. ڇا تاج حيدر کي خبر ناهي ته سڄي ڪراچيءَ کي يرغمال بڻائي ڪنهن سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي؟ هو ڀٽي صاحب جا مثال ٿو ڏئي! ڇا کيس ياد ناهي ته، جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ٻوليءَ وارو بل اڪثريت سان پاس ڪيو هو ته، اجايو ڌمچر مچائي سنڌين جو قتل عام ڪيو ويو هو ۽ نيٺ تاج حيدر جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب چونڊيل اسيمبليءَ جي اڪثريت سان پاس ٿيل بل مٿان صدارتي آرڊيننس لاڳو ڪري کين خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڀٽو صاحب جڏهن لياقت آباد (لالو کيت) پهتو هو ته، اتي جيڪا سندس ’آجيان‘ ڪئي ويئي هئي، اها به تاج حيدر کي ضرور ياد هوندي ته گهرن جي ڇِتين ۽ گيلرين مان عورتن گند ڪچرو ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه اڇلايو هو، جيڪو مان هتي لکي نٿي سگهان! تاج حيدر اهو ٻڌائي ته، هاڻي لاڳيتو 15 سال (10 سال مشرف جا ۽ 5 سال هاڻوڪا) ڪراچي جن ’بابوئن‘ جي تسلط هيٺ رهي آهي ته، انهن سنڌين لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪراچيءَ جا 18 سئو ڳوٺ 15 سال اڳ کان به خراب حالت ۾ آهن ۽ سندن علائقا آئينا بڻيل آهن، جن ۾ هڪ لساني تنظيم جي وڏي سيڙپ ٿيل آهي ۽ سرڪاري پلاٽن کي پارڪن جا نالا ڏيئي اتي ڇا ڇا بڻايو ويو آهي، ڇا انهن جا حساب ڪتاب اڃا آڳاهان آهن؟ تازو گٽر لائين جي نالي سان کوٽيل پائيپ لائينون سندن رابطي جون سرنگهون ۽ ناجائز هٿيارن جون پناهه گاهون آهن، انهن ڏانهن ڪو نظر نهار يا هٿ- سڃ ڪري ته ڏسي! ٻئي ڏينهن ٻوريءَ ۾ بند لاش ڪنهن گٽر مان نه ملي ته اسين ڏوهاري. انهن سڀني ظلمن، بيواجبين ۽ ناانصافين باوجود، اسين کين مَيار ڪونه ڏينداسين، ڇو ته، اهي ’ڌريان ئي ڌاريا‘ آهن، باقي صدر آصف علي زرداري ۽ سيد قائم علي شاهه کي ضرور ميار ڏينداسين ته، انهن پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪراچيءَ جي اصلوڪن رهواسين لاءِ ڇا ڪيو ۽ واڳوئن کان کين ڪهڙو تحفظ ڏنو؟ اهي اصلوڪا رهواسي، جيڪي سدائين پي پي پي جا ووٽر رهيا آهن، جن جي ووٽن جي اهميت به پيپلز پارٽي پاڻ وڃائي آهي، جو سندن علائقن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڌارين جي سيٽن ۾ واڌارو ڪيو آهي. هاڻي به جي تڪ ۽ سيڪٽر درست ڪيا وڃن ها ته، ضرور پ پ ڪجهه نه ڪجهه سيٽون کڻي ها، پر ڇا ڪراچي سنڌ جو حصو ناهي؟ ڇا ڪراچيءَ جا اصلوڪا رهواسي ٻئي ڪنهن گرهه تان لڏي آيا آهن؟ پوءِ ڇو ٿي ساڻن بيواجبي ٿئي؟ تاج حيدر کي ڪهڙو ڏُک ۽ سُور اُٿيو آهي ۽ سندس حساسيت چوٽ چڙهي ويئي آهي، پنهنجي ’قبيلي‘ لاءِ، جن وٽ هاڻي ڪوبه مسئلو نه رهيو آهي. جيڪي ڀرپور آهن وسيلن، تعليم، صحت ۽ روزگار ۾، انهن کي ته ڌار ڪراچي وارو صوبو ٿو گهرجي، جنهن لاءِ پڻ پي پي جا ليڊر مفاهمت جي نالي هيٺ، ڏي وٺ ڪرڻ ۾ پورا آهن. ڪراچيءَ کي قدرت پاران مليل سوکڙيون ۽ خوبصورتيون، جن ۾ جبل، نئيون، جهرڻا ۽ جزيره شامل آهن، انهن جي سودي بازيءَ جي بازار به گرم آهي. شايد دنگ اُتي ٿيندو، جتي انهن حڪمرانن لاءِ به ڌرتي ٽامو بڻيل هوندي!
    ج . ع . مُنگهاڻي/ڪراچي

    اڄ جي ڪاوش تان کنيل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ج ع منگهاڻي صاحبه جون سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون ۔۔۔ ڪاش پ پ پ جي قيادت سمجهي ۽ هوش کان ڪم وٺي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو