لک ڪريان توڙي زاري ، پر دوست چَوي تون ڪھڙو !
ھَٿين ڀي پَوان پيرين ڀي پوان، پايان ڳچيءَ ڳاري.
آءٌ اُھائِي يار اوھان جي، تنھنجي محبت ماري.
روز اَلستان منھنجي آھي، يارَ اوھان سان ياري.
اسان يتيمن کي يارَ پيارا، ڏيج اَچي ڏيکاري.
ورِہ مَٿي تي ويٺِي وسايان، دوست ڏيو دلداري.
آءٌاوھان تَون سُھڻا سائِين، واري وڃان لک واري.
توڙي سڃاڻي توڙي نه ڄاڻين، دوست نه آھيان ڌاري.
ڳَلِ اصل کَون آھي اوھان جي، ڳاله سچوءَ جي ساري.