• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمينٽس جي تصوير

جميل احمد

سينيئر رڪن
فيس بڪ تي لکيل ڪمينٽس جي تصوير ڪيئن ڪڍجي ۽ ڪيئن ان کي فيس بڪ تي يا ڪنهن بلاگ ۾ حوالي طور استعمال ڪجي۔
 
مان سمجاهن ٿو ته آسان طريقو آهي اسڪرين شاٽ ذريعي سيو ڪيو ۽ جي پي جي ۾ ڪنورٽ ڪيو۔
 
توهان پنهنجي ڪمينٽس وارو پيج سامهون رکو ۽ پوءِ ڪيبوڊ تي مٿان مٿان هڪ بٽڻ آهي جنهن تي پرنٽ اسڪرين لکيل آهي بس ان کي دٻايو، پوءِ اسٽارٽ مينيو مان پينٽ کي کوليو ۽ پوءِ پينٽ جي ڪينواس تي صرف پيسٽ وڃي ڪيو، توهان جو اهو پيج ڪاپي ٿي پينٽ ۾ اچي پوندو، پوءِ توهان کي جيڪو حصو گهربل هجي ان کي ڪٽ ڪري باقي کي ڊليٽ ڪيو ۽ ڪٽ ٿيل حصي کي سيو ايز ۾ اچي جي پي جي ۾ سيو ڪري ڇڏيو۔۔بس پوءِ فيس بڪ تي اپلوڊ پڪچر ۾ اچي اهو سيو ٿيل تصويري شڪل وارو حصو اپلوڊ ڪيو۔۔۔
 
Back
Top