• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هولي جا رنگ ڪارا

سنڌي نور

سينيئر رڪن
430363_400197963339948_2015078598_n.jpg

هولي جا رنگ ڪارا
~~~~~~~~~~~~~~

هولي جي رنگن سان کيڏڻ چاهيان ٿي
پر سنڌ تي ڏاڍ جو قهر
منهنجا رنگ
ڪاري طوفاني
هوائن سان وکيري ڇڏيا آهن
سڀن کي پاڻ کان پري ڏسي
جڏهن پنهنجي هٿن کي ڏٺم ته
منهنجي هٿن ۾ پيل رنگ به ڪارا
نظر آيا،،،،،،،
۽ مونسان هولي کيڏڻ واريون سکيون
به مون کان ڊڄي پري ٿي ويون
نه ڄاڻ ڇو سڀ رنگ ڏاڍ جي هوائن
۾ وکيري منهنجي مٿان ڪارا
ڪڪر ٿي وسڻ لڳا
۽ سڄي سنسار ۾ پاڻ کي
اڪيلو ڏٺم
۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺم
نور
 
اوهان جي پنهنجي ڳالهه آهي ۔۔۔ پر الائي ڇو مونکي سنڌ ۾ هڪ ئي رنگ نظر اچي ٿو، اهو آهي ڳاڙهو رنگ ۔۔۔ بيگناهه سنڌين جي رت جو ريٽو رت ۔۔۔ ۽ هر ڦڙي سان گڏ مان به اهو ٿو سوچيان ته شايد اسان جي مقدر ۾ ڏک ۽ ڏولاوا ئي لکيل آهن ۔۔۔
 
ڳاڙهو رنگ انقلاب جو هوندو آهي
تنهن کان پوءِ ان ڳاڙهي رنگ مان ڪيترا ئي رنگ
ڦُٽي نڪرندا،
رت جو اهو ڳاڙهو رنگ اڪيلو ته نه هوندو آهي،
ان مان رت جا اڇا ذرڙا ڪڍي ڇڏجن ته زندگي ئي ختم
ان ڪري ڳاڙهو رنگ آهي ئي اڇي رنگ جي ڪري
۽ اڇو رنگ امن جو هوندو آهي
اهڙي ريت ڳاڙهي انقلاب کان پوءِ
امن جو اڇو رنگ سنڌ جو مقدر بڻبو
۽ اڇي رنگ جي ڪينواس تي ڪيترا ئي
سهڻا رنگ ڇٽي، ڪيترائي سهڻا نظارا چٽجي سگهجن ٿا
۽ انهن سهڻن رنگن سان ڪيتريون ئي هوليون ملهائي سگهون ٿا۔۔۔۔منظور ڪلهوڙو
 
Back
Top