مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن

    ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

    سڄيءَ دنيا ۾ 26 مارچ کي هر سال جيان (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينهن، بطور مرگهيءَ جي آگاهيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. 2008ع کان وٺي هي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڄيءَ دنيا ۾ اڄ انهيءَ ڏينهن جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني ويندي آهي، پر انهيءَ جي ابتڙ اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا، اتي جي صورتحال تمام خطرناڪ آهي، علم، واقفيت ۽ سائنسي ڄاڻ نه هئڻ سبب اڄ تائين مرگهيءَ جي مريضن کي وڏي اذيت مان گذاريو پيو وڃي، مرگهي، دماغ جي هڪ اهڙي حالت جو نالو آهي، جنهن ۾ دماغي گهرڙا (Cell) پنهنجي ڪم ۾ تيزي اچڻ سبب تيز هلڻ شروع ڪندا آهن يا کڻي ائين چئجي ته، دماغ جي گهرڙن (Neuron) جي ڪاروهنوار ۽ هلت ۾ اوچتي ڪنهن سبب جي ڪري تيزي اچڻ جي ڪري دماغي سرگرمي وڌي ويندي آهي، پوءِ اها تيزي، جهن دماغ جي حصي سان وابسته هوندي آهي، انهيءَ حصي سان جُڙيل جسماني عضون ۾ حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا تمام تيزيءَ سببان جَهٽڪن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بيهوشي، جَهٽڪن سان گڏ ٿيندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بنا بيهوش ٿيڻ جي به جَهٽڪا ٿيندا آهن. مرگهيءَ جي ڪجهه قسمن ۾ سڄو جسم جَهٽڪن جو شڪار ٿيندو آهي، ڪجهه مريضن ۾ جسم جا خاص حصا جهڙوڪ هَٿَ، پيرَ، چَپَ ۽ اَکيون جَهٽڪن جو شڪار ٿيندا آهن، اڄ تائين مرگهيءَ جي اهم سببن جي ڳولا لاءِ کوجنا هلي رهي آهي. 60 کان 70 سيڪڙو مرگهيءَ جي بيماريءَ جي جَهٽڪن بابت اڃا تائين ڪو خاص سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ ميڊيڪل جي سائنسي کوجنا خاموش آهي، پر باقي 30 کان 40 سيڪڙو تائين جا جهٽڪا ڪجهه خاص سببن جي ڪري ٿيندا آهن، جهڙوڪ، وارثت، ڄَمَ جي وقت نون ڄاول ٻارن جي ٿيندڙ نقصان، مثال طور: ڄم جي وقت ٻار جي دماغ کي آڪسيجن جو ٺيڪ نموني نه پهچڻ، ٻارن ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ هئڻ وقت ڪي نُقص، جن جي ڪري دماغ جي ڪا واڌ ويجهه نه ٿي سگهي، دماغ ۾ ڪنهن ڌَڪَ سبب دماغي گهرڙن (Neuron) ۾ ٿيندڙ نقصان، روڊ حادثن سبب دماغي ڌڪ، راند روند وقت لڳندڙ دماغي ڌڪ، جهيڙن سبب لڳندڙ ڌڪ وغيره، دماغ جي اندر ٿيندڙ مختلف انفيڪشنز جهڙوڪ، دماغ جي پردن جي سوڄ، دماغ جي رسولين جو هجڻ، اهي ڪينسر واريون يا بنا ڪينسر واريون ٿي سگهن ٿيون، مختلف قسم جي فالج، عمر جي آخري حصي، يعني پيرسنيءَ سبب ٿيندڙ دماغي گهرڙن (Neuron) جي ڀڃ ڊاهه يا مختلف رڳن کي بندش سبب دماغي گهرڙن جو ٺيڪ نموني ڪم نه ڪرڻ سبب به ماڻهو جهٽڪن يا مرگهيءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کانسواءِ شراب گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ کانپوءِ جلدي يا تڪڙ ۾ ڇڏي ڏيڻ سبب به دماغي جهٽڪا ٿيندا آهن. هڪ سائنسي کوجنا مطابق، سڄيءَ دنيا ۾ پنج ڪروڙ ماڻهو مرگهيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن.مرگهي، وچڙندڙ بيماري ناهي، گڏ رهڻ سان ۽ هٿ ملائڻ سان هيءَ بيماري ٻئي ماڻهوءَ ۾ منتقل نٿي ٿئي، هيءَ بيماري وارثت ۾ ايندي آهي، پر اها بيماري عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن کي به ٿي سگهي ٿي، اهو پڻ چيو ويندو آهي ته، مرگهيءَ جو مريض ذهني طور اَپاهج ٿي ويندو آهي، ذهانت ختم ٿي ويندي آهي، شادي نٿو ڪري سگهي، مرگهيءَ واري عورت ٻار نٿي ڄڻي سگهي، ٻار پڙهي نٿو سگهي، ڪم ڪار نٿو ڪري سگهي، پر ائين هرگز ناهي، مرگهيءَ جو مريض ذهني طور اپاهج نٿو ٿئي، انهيءَ جي ذهانت تي ڪو به اثر نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن مريض جا جَهٽڪا ضابطي ۾ رهندا ته، هو عام ماڻهوءَ جيان شادي ڪري عام ڪاروهنوار جو حصو بڻجي سگهي ٿو. اڄڪلهه موبائيل ۾ ڪئميرا ريڪارڊنگ جي سهولت موجود آهي، جنهن مهل جهٽڪو ٿئي ٿو، انهيءَ جي وڊيو جيڪڏهن ٺاهي وڃي ته، اها ڊاڪٽر لاءِ تمام مددگار ثابت ٿيندي، مرگهيءَ جي بيماريءَ جو علاج گهڻو وقت هلي ٿو، انهيءَ ڪري مريض جا سنڀاليندڙ ٿڪجي پوندا آهن، پر جيڪڏهن مرگهيءَ جي جهٽڪي جي خاص قسم جي سڃاڻپ صحيح طريقي سان ٿي وڃي ۽ انهيءَ جي باري ۾ انهيءَ قسم جي خاص دوا جيڪڏهن مريض کي ڏني وڃي ته، تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو، ڪي مريض دوا جي مستقل استعمال سان بلڪل صحتياب پڻ ٿي ويندا آهن، ڪجهه ماڻهن جو علاج ڪجهه سالن تائين هلندو آهي، ڪجهه ماڻهو وري پوري عمر پڻ دوا کائيندا آهن، پر ڪجهه اهم هدايتون جيڪي مريضن لاءِ مدد گار آهي ته، دوا جو وزن وقت تي کائيندا، ننڊ ۽ آرام جو خيال ڪندا، خوراڪ وقت تي وٺندا، ذهني دٻاءُ ۽ جذباتيت کان پاسو ڪندا، ٽي وي، ڪمپيوٽر يا تيز جهرمر وارين روشنين کان پري رهجي، خاص ڪري اهي مريض، جن کي (Photo Sensivity) يعني روشنيءَ کان حساسيت واري مرگهي آهي، نشي آور شين کان پرهيز ڪجي ۽ گڏوگڏ ڪاوڙ کان پڻ پرهيز ڪجي.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو