• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهان ڪوي شيخ اياز جي 12 هين ورسي

سلطان

سينيئر رڪن
ayaz01.jpg

ويهين صدي جي مهان ڪوي شيخ اياز جي وڇوڙي کي 12 سال مڪمل، سنڌ جا ناليوارا اديب، دانشور ۽ شاعر اڄ ڀٽ شاهه ۾ سندس آخري آرامگاهه تي حاضري ڀريندا، ان ڏس ۾ سنڌي ٻولي جي عظيم شاعر شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو هو، کيس وصيت موجب ڀٽائي جي نگري ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ وٽ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس ٻارهين ورسي جي موقعي تي سنڌي ٻولي اختياري، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد، سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پاران سندس آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون، شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي اک کولي، هن پنهنجي 75 سالن جي عمر ۾ نثري نظم، بيت، غزل ۽ وائي سميت هر صنف جي شاعري ڪئي ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهندڙ شيخ اياز ڪامياب وڪيل طور پڻ سڃاتو ويندو هو، هوڏانهن شيخ اياز فائونڊيشن جي اڳواڻ نصير مرزا موجب سنڌ ثقافت کاتي ۽ شيخ اياز فائونڊيشن پاران اڄ ڏهين محرم الحرام سبب سڀاڻي شيخ اياز جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون، هوڏانهن ناليواري اديب تاج جويو ٻڌايو ته يوم عاشور جي تقدس سبب ورسي جي ڪا به خاص تقريب منعقد نه ٿيندي، مزار تي مختلف ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن پاران حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون

ڪاوش​
 
جواب: مهان ڪوي شيخ اياز جي 12 هين ورسي

سائين سلطان صاحب السلام عليڪم

سائين شيخ اياز بابت پياري معلومات سنگت سان ونڊ ڪئي ان تي توهان جا لکين قرب
سائين اڄ ڪلهه توهان گهٽ وڌ پيا اچو فورم تي ڇا ڳالهه آهي سائين مصروفيت آهي يا زاهد سومري سان ناراضگي ، سائين جيڪڏهن ناراضگي آهي سومري فقير سان ته توهان پاڻ ڄاڻو سائين زاهد کي اصل نه ڇڏجو پر سائين فقير جي ڪري ئي سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا ڪريو

سدائين گڏ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: مهان ڪوي شيخ اياز جي 12 هين ورسي

محترم دوست! سلطان، مهرباني هميشه جيئان اڄ وري اسانکي سنڌ جي پياري ڪويءَ جو جنم ڏينهن ياد ڏياريو اٿوَ، ان سان گڏ سندس ڪو پيارو گيت به موڪليو ها ته اصل قرب ٿي پون ها
... اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي... متان ايئن سمجهين مئا مور سارا ...
لک ٿورا ...
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: مهان ڪوي شيخ اياز جي 12 هين ورسي

سائين سلطان صاحب السلام عليڪم

سائين شيخ اياز بابت پياري معلومات سنگت سان ونڊ ڪئي ان تي توهان جا لکين قرب
سائين اڄ ڪلهه توهان گهٽ وڌ پيا اچو فورم تي ڇا ڳالهه آهي سائين مصروفيت آهي يا زاهد سومري سان ناراضگي ، سائين جيڪڏهن ناراضگي آهي سومري فقير سان ته توهان پاڻ ڄاڻو سائين زاهد کي اصل نه ڇڏجو پر سائين فقير جي ڪري ئي سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا ڪريو

سدائين گڏ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سهڻا سلطان ادا فقير جي چواڻي مطابق ته اسان کي بلڪل نه ڇڏجو۔۔۔۔۔ اسان سان حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ هن سنڌ سلامت تي لکڻيون موڪليندا رهندا۔۔۔۔۔ جي اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تان اسان کان حساب ڪتاب وٺندا رهندا ته اوهان جي حاضري به ڀري ويندي ۽ اسانجي حساب ڪتاب جون شنوايون به هلنديون رهنديون دوست به خوش ته فقير به خوش۔۔۔۔۔

جيڪڏهن ادا اهڙو ناراض ٿي ويو آهي ته پوءِ ڀلي اسان کان سو ڀيرا حساب ڪتاب ڇڪي وٺي۔۔۔۔۔ اسان حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون۔۔

سائين سلطان سهڻا سچ پڇو ته اسان سنڌي آهيون پر اسان جي ذهن تي ايترو به ياد ڪونه ٿو بيهي ته اڄ جي ڏهاڙي يا ڪنهن ڏهاڙي تي ڪنهن سنڌي محقق، رهنما، اديب جي ڪا ورسي، ڪو جنم ڏينهن يا سنڌ سان پيار ونڊيندڙ ڏهاڙو آهي۔۔۔۔

هرڪو پنهنجي نفسانفسي ۾ لڳو پيو آهي۔۔۔۔ جس هجي اوهان کي جو اوهان سنڌ سلامت جي سنگت کي شيخ اياز جي ورسي جي ياد ڏياري۔۔۔۔۔
 
جواب: مهان ڪوي شيخ اياز جي 12 هين ورسي

سائين سلطان صاحب السلام عليڪم

سائين شيخ اياز بابت پياري معلومات سنگت سان ونڊ ڪئي ان تي توهان جا لکين قرب
سائين اڄ ڪلهه توهان گهٽ وڌ پيا اچو فورم تي ڇا ڳالهه آهي سائين مصروفيت آهي يا زاهد سومري سان ناراضگي ، سائين جيڪڏهن ناراضگي آهي سومري فقير سان ته توهان پاڻ ڄاڻو سائين زاهد کي اصل نه ڇڏجو پر سائين فقير جي ڪري ئي سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀريندا ڪريو

سدائين گڏ

سنڌ سلامت ساٿ سلامت


فقير سائين،
مصروفيت ته بهانو آهي پر پنهنجو شمار جهونن ۾ ٿيندو آهي، ادا علي علي جهڙو جهونو نه، پر پاڻ سائين نثار احمد ناز جي لڏي جا جهونا آهيون
باقي سائين توهان وارو جملو مون کي سمجهه ۾ ته ڪو نه آيو، ها البته ادا زاهد کي ڇڏڻ واري ڳالهه توهان الائي ڇا سمجهي لکي۔۔ ادا زاهد اسان جي سر جو سائين آهي، زاهد سان سر لڳي۔۔ پاڻ زاهد سومري جي فقرائي ژخيالن سان اڳ ۾ ئي متاثر آهيون، سندن کان ناراضگي ڇو ٿيندي سائين۔۔۔۔
چُستي سان نه سهي ليڪن ۔۔ساٿ نڀائبو۔۔ انشاءالله
 
Back
Top