دنيا ۾ فقيرن جا به ڪيترائي قسم آهن ... جن ۾ خاص ٻه قسم آهن ... هڪڙا فقير صفت، اهڙن فقيرن جي منزل تمام مٿاهين هوندي آهي ... واقعي فقير هوندا آهن ... ۽ ٻيا پينو فقير جي صرف پنهنجي پيٽ پالڻ لئه ڪيترائي جتن ڪري نه فقط پاڻ پاليندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن ڳجهه ڳوهه ۾اميرن جي درجي تي به پهچي ويندا آهن ... هي ڏسو ڪجهه پينو فقير ...
جواب: فقير shabashasul matt واه سائين واه تمام سٺو پر هڪ ڳاله ته ڏسيو ته انهن ۾ پاڻ وارو فقير ڪهڙو آهي؟ يا وري هي سڀئي ولايتي فقير آهين ؟lajwab-sharing
جواب: فقير يار علي علي حق موجود سائين منهنجا اهو جيڪو پهريون فقير آهي جنهن جون ٻه آڱريون مٿي آهن ... ان جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ... باقي ته لڳي ٿو ته جهونا ۽ بين الاقوامي فقير پيا لڳن ... hatt-pare
جواب: فقير سائين اهو به هڪ فن آهي جنهن کي اچي ڇو ته تو هان ۽ مون جهڙا جي وڃي ڪنهن سنگنل تي بيهن تي ڪير به ڪجه نه ڏيندو ڀلي ڪيڏا سيين هڻي ۔ پر پاڻ وارو فقير ان ۾ اصل ماهر آهي روز پنهنجو ته پنهنجو پر سنگت جو به پيٽ پاليندو آهي سائين باقي مون کي به ان ۾ ئي شڪ هو وڌيڪ پاڻ ايندو ته تصديق ڪندو چو ته فقير به روز ويس مٽائيندا آهين ان ڪري يقين سان چوڻ ڏکيو آهي باقي اوهان ۽ مهنجو شڪ پهرين فقير ۾ آهي وڌيڪ ڏسو ن متا ٻيو دوست ڪا پڪ ڏئي ۔ ۔
جواب: فقير ادا علي منهنجو به شڪ پهرين تي آهي ۔۔۔اهو ئي فقير آهي پر يار اڄ ڪله فقير آهي ڪٿي ؟؟ صفا ماحول ئي عجيب لڳو پيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: فقير ها ادا فقير پاڻ ئي سئين نه ايندو آهي ته ٻيا ڪاڏانهن سئين ايندا hall chari مطلب ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ جي فقير جي دعا لڳي ها ته پاڻ فقير ئي ڇو هجي ها ها ها هاhall chari باقي اسان کي ڀلي پٽ اسان ته آهيون ئي انٽر نيشنل فقير پنون ته هونئن پيا اڃا ڪهڙي بد دعا ڏيندي؟ hall charihall chari
جواب: فقير محترم سائين عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هڪ تارو آهي ... اسانجا دوست جي ياد ڪن ته پرائمري سنڌي ڪتابن جي ترتيب سندس حوالي هوندي هئي ... سنڌي لغت تي تمام سٺو ڪم ٿيل اٿس ... خئير ڳالهه پئي ٿي فقيرن جي ... ته سائينءَ سنديلي صاحب جا ٽي پٽ هيا ٻه ته انتهائي تعليم ۾ شوقين ۽ زماني سان منهن ڏيندا هئا، باقي ننڍو ننڍو پٽ، حال بيحال ڪري وتندو هو گهمندو، نه لٽي ڪپڙي جو فڪر، نه صفائي سٿرائيءَ جو خيال، ڪڏهن ڪڏهن صفا اڪيلو رهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهيون ڪرڻ ... خئير ... فڪر تي گهر جي سڀني ڀاتين کي هوندو هو ۽ سڀ کيس سمجهائيندا هئا پر سڀني کي اهڙا ته فقيري گفتا ٻڌائيندو هو جو اصل چپ ڪرائي ڇڏيندو هو ... ڳالهه کٽائڻي ته هڪ ڏينهن سندس والده محترمه کيس چيو ابا! هي ڪهڙا حال ڪيا اٿئي اصل صفا فقير ٿو لڳين ... !!! امڙ جو اهو چوڻ ۽ همراه جو امڙ جي پيرن تي ڪري پيرن کي چميون ڏئي اهو چوڻ؛ ”امڙ تو مونکي فقير چيو ... امڙ تو مونکي ايڏو وڏو رتبو عطا ڪيو ... بس امڙ اڃان فقيرن جي منزل تي نه پهتو آهيان، دعا ڪر ته ان منزل جي ڪنهن ذريءَ تي به پهچي وڃان ...“ بس پوءِ امڙ جي ڇا حالت هوندي سا ته دوست سمجهندا هوندا، امڙ ڪئي ڏينهن پٽ جي ان حالت تي روئيندي رهي ته منهنجي پٽ کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي؟ سو دوستو! اسانجي ڪهڙي مجال جو فقيرن کي اچايون ۽ اهو به بخت فقير ... جي رسي بخت ته اصل لاه ئي پٽجي وڃن ... نه ادا نه. ٻيلي ڏاهو ٿجانءِ هٿ مٿي نه کڻجانءِ ... اسين اوهان جا پنهنجا دوست ۽ ساٿي آهيون ... الله اوهانجي فقيريءَ ۾ اضافو فرمائي ... sindhsalamatsaathsal
جواب: فقير سائين منهنجا جيڪڏهن توهان سڃاتو آهي ته مان اوهان جي ڳالهه جي کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهان بهرحال ايترو ضرور چوندس ته ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ بس جيڪو به هنر آهي توهان کان ئي مليو آهي ان فن ۾ توهان ئي ته استاد آهيو hallchari ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ : سائين ان فقيري جي ڪڍ ته آهيو جڏهن نصيب ٿئي بس صرف توهان جي دعا جي ضرورت آهي سچو آهين ادا سچو آهين ماڻهو به ڇا ڪن اڄ ڪلهه جي زماني ۾ صفا ڀلو ۽ آسان روزگار جو ٿئي پيو آهي سائين نثار ابڙا صاحب asul mattasul mattasul matt