ٻُڙي

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2013۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ٻڙيءَ کي ڪي صفر چون، ڪي زيرو، ڪي پائنٽ، ڪي ڊيسيمل، ڪي ناٽ ۽ ڪي ڪجهه! پر ٻُڙي چوڻ سڀ کان وڌيڪ وڻندو اٿوَ. هيءَ ٻڙي جنهن کي نه آهي ٿولهه، نه آهي ڊيگهه، نه آهي ويڪر، نه آهي گهاٽائي، نه آهي منجهس ٻيو ڪو گڻ. ان جا ڪم ته ڏسو! ايڪو لکي ان جي کاٻي پاسي ٻڙي ڏيو ته هڪ جو ملهه ڏهه ٿي وڃي، ٻي ٻڙي ڏيو ته سؤ، ٽي ڏيو ته هزار. ائين ڪروڙن تائين وڃيو پهچي. پر وري جي ان کي ايڪي جي ساڄي پاسي رکوس ته سؤ ٻڙيون کڻي ڏيو پر ايڪي جو اگهه اوتري جو اوترو، هڪ تِرُ به نه وڌي. ٻڙيءَ جو اهو جادو منتر به عجيب آهي. جَسُ هجي ان ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي، جنهن هيءَ ٻُڙي ڳولي لڌي، ليکي چوکي جي ڪم ۾ سولائي ڪري وڌي ۽ هاڻي ساري جڳ جو ليکو انهيءَ ٻڙيءَ تي آڌار رکي ٿو. ٻڙي نه هجي ته ڏهه ايڪا، سؤ ايڪا ۽ هزار ايڪا ڪڍي، اسان جا هڏ ئي ڳري وڃن ۽ جڏهن انگ پڙهون ته ايڪا ڳڻي ڳڻي اڌمُئا ٿي پئون. ڳڻپ ۾ ڪو ايڪو ڀلجي وڃون ته وري ڳڻيون ۽ ڪم سڄو هيٺ مٿي ٿي پوي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هاج ڪم رُلي ويندو آهي ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بس ٻڙي اچي ويس.“ شاگرد ويچارا ته ٻڙيءَ سان مٿو به گهڻو کپائين، پر ان کان ڀڄن به اهڙو جهڙو ”ڪانءُ ڀڄي کاريءَ کان.“ شل نه ڪنهن کي ڪنهن پيپر ۾ ٻُڙي مارڪون ملن ته سندس ڪارپَت ڌوپي ويندي، ۽ روئي ڏيندو. پاڙهيندڙن جي اک ۾ هڪ پاسي، هڪ جيڏن جي اکين ۾ ٻئي پاسي، مائٽن جا موچڙا مار يا ڇنڀ ٽئي پاسي، ڄمار ئي وِهُه. سچ پچ ته ٻڙي آهي سا ننڍڙي پر آهي وِهُه جي ڳنڍڙي.
    ڪنهن به ٻوليءَ جا اکر ۽ ٻول تيستائين سڃاڻي نه سگهبا، جيستائين ٽُٻڪا ڏنل نه هجن. اهي ٽٻڪا وري ڇا آهن، اهي ئي ٻڙيون آهن، جي نه ڏجن ته ٻولي پڙهي نه سگهجي. دمن جون نشانيون به اهي ئي ٻڙيون آهن، سڄو دم رڳو هڪ ٻُڙي، اڌ دم ننڍڙي ابتي واءُ مٿان ٻڙي ۽ ”ٻٽي دم“ ۾ اُڀيون ٻه ٻڙيون. جيستائين اهي اهڃاڻ لکت ۾ نه ڏبا، تيستائين ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، لکڻ پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.
    مون مٿي چيو آهي ته ٻُڙيءَ کي نه ڪا ڊيگهه نه ڪا ويڪر. ڪنهن به هنڌ جو وچ لهڻو هوندو ته اهائي ٻُڙي ڪم ايندي. ڊرائنگ ڪڍڻ لاءِ ته ليڪون کپن، پر ليڪون به ٺهيل انهن ئي ٻڙين مان آهن. هڪ ٻڙيءَ کي ٻي ٻڙيءَ سان ملائبو ته سڌي ليڪ ٺهي پوندي. ڪنهن شڪل، جهڙڪ ٽڪنڊي چوڪنڊي وغيره جون ڪنڊون ماپڻيون هونديون ته اهائي ٻڙي ڪم ايندي، جنهن تي ڪنڊ ماپ رکي ڪُنڊ جا درجا لهبا. ڇا ٻڙين مان ڪا ڊرائنگ نه نڪرندي؟ ڪير ٿو چوي. ٻڙين جي ميلاپ سان اهي ڊرائنگون نڪرن ٿيون، جي ڏسي کڻي چُپ ڪر.
    ڀرت جي ڪم ۽ ڇُرَ جي ڪم ۾ به ٻُڙيون ڪم اچن. پهريائين ٻڙين جي پور سان ڪپڙي تي ڇاپو ڪڍي، پوءِ اچي پَٽ جي ڌاڳي سان انهن مان گل ڦل ۽ ٻيا جيڪي ڀرت جا نمونا ڀرڻا هجن، سي ڀرين.
    واهه مائي ٻُڙي، تنهنجون اوجون ويهي لکان ته پوريون نه ٿين. توکي ماڻهو تِڇ سمان ٿا ڀانئن، پر اهي پاڻ ڀُليل آهن. تو جهڙي نه ڪا ٿي، نه ڪا ٿيندي، جنهن جي توسان بان آهي.

    محمد اسماعيل عرساڻي جي ڪتاب نياريون وٿون تان ورتل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا بلڪل صحيح لکيو اٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ابا اها ٻڙي وڏي ڪم واري اٿئي ۔۔۔۔۔ سنڀالي رکجانس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    00000000000000000000000000000000000000000000 سائين ڀلا هي ته ڳڻپ ڪري ٻڌايو گهڻيون ٻڙيون آهن، هرو ڀرو ٿا چئو ته ٻڙي صفا سولي آهي۔۔ڪٿي آهي سولي۔۔پر مان سمجهان ٿو ته اهي ٻڙيون ڪنهن ڪم جون نه آهن جيڪڏهن ان اڳيان 1 جو انگ نه اچي۔۔۔اصل ڪم جو ته 1 آهي۔۔ ۽ ٻوڙي جي سڃاڻپ هڪ سان ئي ٿئي ٿي۔۔هڪ نه هجي ته ٻڙي بيڪار آهي۔۔۔۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اهڙي ئي هڪ ٻڙي جو هڪ قصو مان ٻڌايان ٿو اوهان کي ۔۔جهڙي ريت مان ٻڌو اهڙي ريت اوهان تائين پهچايان ٿو۔۔
    چون ٿا ته هڪ مُريد پنهنجي مرشد وٽ آيو چيائينس ته سائين صفا بُک ٿو مران، ڪو ان داڻو به ڪونهي، مال متاع به ڪونهي جو وڪڻي ڪو روزگار ڪيان،،هڙ ۾ صفا پيسا به ڪونهن ڪو وظيفو ٻڌايو يا ڪا دعا ڪيو ته الله پاڪ مون تي ڪو ڪرم ڪري۔۔ان مرشد پنهنجي مريد کي چيو هو سادو پنو کڻي اچ۔۔۔مريد پنو کڻي آيو ته ان پني تي مرشد کيس 1 جو انگ لکي ڏنو ۽ چيائينس هي پنو هميشه پاڻ سان گڏ رک ڪو نه ڪو رستو نڪري پوندئي۔۔۔۔گهڻا ڏينهن گذري ويا پر مريد جو حال ساڳيو رهيو۔۔تنهن تي وري مرشد وٽ آيو چيائينس ته سائين اوهان واري نسخي اڃا ڪو اثر نه ڏيکاريو آهي۔۔۔تنهن تي مرشد چيس ته اهو ساڳيو پنو منهنجو هڪ مرشد فلاڻي هنڌ رهندو آهي ان وٽ کڻي وڃ ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺندو۔۔۔مريد اهو پنو ساڻ ڪري پنهنجي مرشد جي به مرشد وٽ وڃي پهتو۔۔ان کي سمورو حال حقيقت ڪيائين ان مرشد اهو پنو وٺي ان 1 هڪ واري انگ اڳيان 0 ٻُڙي ٺاهي ڇڏي۔۔مريد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ان پوئين مرشد وٽ آيو ان وري 0 ٻڙي ٺاهي ڏني۔۔۔اهڙي ريت سمورو پنو 1 واري انگ کانپوءِ ٻُڙين سان ڀرجي ويو۔۔ مريد جي زندگي ۾ بهتري آئي پر اها لالچ جاڳيس ته جيڪڏهن ٻڙين بجاءِ ٻيا ڪي انگ لکي ڏي ته ڪهه اڃا به واڌارو اچي ۔۔پر ان پوئين مرشد هدايت ڪئي هيس ته صبر پيو ڪجان ۽ ڪنهن سان به هن حقيقت جو حال نه اورجاءِ۔۔۔پر غريب کي ڪٿي ٿي صبر آيو اهو ساڳيو پنو کڻي پهرين مرشد وٽ آيو ته بابا اوهان جو هي ڪهڙو مرشد آهي۔۔اوهان ته پوءِ به پني تي 1 لکي ڏنو هو۔۔پر اوهان جي مُرشد ته رڳو 0 0 0 ٻڙيون ئي ٻڙيون لکيو آهن۔۔1 کانپوءِ 2 لکي ها، 3 لکي ها ته جئين انگ وڌن۔۔۔۔تنهنتي پهرين مرشد کي ڏاڍو صدمو پهتو ته ٻيلي هن مريد منهنجي مرشد جي ان عمل واري قصي کي سمجهيو ئي ڪونهي ان ڇا ڪيو جو هڻي ته 1 واري انگ کي ئي ڊاهي ڇڏيائين ۽ چيائينس ته اصل ۾ تو انهن ٻڙين جي اهميت کي سمجهيو ئي ڪون۔۔۔هاڻ مون پنهنجو هڪ واپس وٺي ڇڏيو آهي وڃي پنهجيون ٻڙيون سنڀال تنهنجي قسمت ۾ ٻڙيون ئي لکيل آهن۔۔

    نتيجو؛ مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن هڪ نه هجي ته ٻڙي ڪنهن به ڪم جي ڪونهي۔۔پر 1 آهي ته پوءِ جيتريون به ٻڙيون ڏيوس اهو واڌارو ئي ٿيندوويندو۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڇا وڃايو، ڇا مليو، ليکو نه ڪر
    ڪجهه کٽيو، ڪجهه هاريو، پِٽڪو نه ڪر
    ڇا اچڻ کان اڳ، وڃڻ کان پوء به ڇا
    ڄڻ ٻُڙي مان وئي ٻُڙي، اُلڪو نه ڪر
    استاد بُخاري
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو