• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ٻيٽن جي وڪري تي هڪ نظر

ڇا سنڌ جي ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ سنڌ سان دشمني آهي؟


  • سمورا ووٽر
    5
ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن جو وڪرو: ترقي يا تباهي؟​


ابراهيم حيدري کان کليل سمنڊ ۾ 4 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود ٻه جاڙا تاريخي ٻيٽ ”ڏنگي“ ۽ ”ڀنڊاڙ“ ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ جي وچ ۾ واقع آهن، جن جي ايراضي 12 هزار ايڪڙن تي ٻڌل آهي. هي ٻيٽ ماهيگيريءَ لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن. ماهيگير کليل سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪري واپسي تي انهن ٻيٽن تي ايندا آهن، پنهجي خاندانن سان گڏ جهوپڙيون اڏي ڪيترائي مهينا رهندا آهن، مڇي سڪائيندا آهن ۽ ڄار ٺاهيندا آهن. هنن ٻيٽن جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي.
هي ٻيٽ سنڌو درياءَ جا ٺاهيل آهن. ماضي ۾ سنڌو درياءَ واريءَ جا وڏا ذخيرا ڪورنگي ڪريڪ تائين آڻيندو هو، جيڪي واريءَ جي دڙن جي شڪل اختيار ڪري پنهنجي سطح مٿي تائين کڻي ويا ۽ ٻيٽن جي شڪل اختيار ڪري ورتي. جڏهن کان سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي تڏهن کان سمنڊ تيزيءَ سان اڳتي وڌي آيو آهي ۽ انهن ٻيٽن کي پنهنجي گهيري ۾ ڪري ورتو آهي. ڀنڊاڙ ٻيٽ تي چار صديون اڳ هڪ بزرگ حضرت يوسف شاهه جي مزار ۽ ڪيتريون ئي قبرون قائم آهن، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماهيگير شرڪت ڪندا آهن. انهن ٻيٽن جي ويجهو وڏي تعداد ۾ تمر جا ٻيلا آهن، سامونڊي ماحوليات جو قدرتي حسن به ڏسڻ وٽان آهي.
هتان جي سامونڊي ڇاڙن ۽ تمر جي ٻيلن جي پاڙن ۾ مڇيءَ جي افزائش ٿيندي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ مڇيءَ جا ذخيرا موجود آهن. انهن ٻيٽن جي ويجهو 5 لک کان وڌيڪ غريب ماهيگير مڇيءَ جو شڪار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن.
سال 2006ع ڌاري پرويز مشرف جي آمريتي دور ۾ وفاقي حڪومت متحده عرب امارات جي هڪ ڪمپني ”ايمار“ کي سمنڊ ڪناري جديد شهر “ڊائمنڊ بار آئيلينڊ سٽي” تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏيندي انهن ٻن قديم ٻيٽن ”ڏنگي“ ۽ ”ڀنڊاڙ“ جي 12 هزار ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي ۽ ان منصوبي جي لاڳت جو اندازو 43 ارب ڊالر لڳايو ويو هو.
اهو منصوبو 13 سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. پر مهاڻن جي ملڪ گير تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ان منصوبي خلاف مسلسل جدوجهد ڪندي منصوبي کي رد ڪرايو. پاڪستان فشر فوڪ فورم سميت سمورين سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، پورهيت ۽ عورت تنظيمن سميت سمورن ساڃهه وند ماڻهن ٻيٽ وڪرو ڪرڻ جي حڪومتي اعلان واري پهرين ڏينهن کان وٺي سخت مخالفت ڪندي احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو. ڇاڪاڻ ته ٻيٽن جو وڪرو ۽ انهن تي ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي ٺاهڻ وارو مسئلو رڳو ماهيگيرن جو مسئلو ناهي، پر اهو مجموعي طرح سنڌ جو قومي مسئلو آهي. ملڪ سميت سنڌ جا ذميدار ۽ ساڃهه وند ماڻهو، تنظيمون ۽ ادارا چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن ٻيٽ وڪرو ڪيا ويا ۽ اتي جديد شهر اڏيا ويا ته انڊس ڊيلٽا ۾ 300 کان وڌيڪ ٻيٽ وڪرو ڪري ترقيءَ جي نالي ۾ تباهيءَ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، ٻيٽن تي ماهيگيري ڪندڙ 15 لک ماهيگيرن کي پنهنجي تاريخي روزگار تان بيدخل ڪري انهن جو معاشي قتل ٿي ويندو، ماحوليات سميت سڄي ڊيلٽا کي تباهه ڪيو ويندو، سنڌ جي قومي وحدت کي نقصان پهچائي ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو، ملڪي سالميت کي نقصان پهچايو ويندو، تمر جا ٻيلا وڍي ڪراچي شهر کي آفتن حوالي ڪيو ويندو، ان ڪري اها ترقي نه پر هڪ وڏي بربادي آهي.
جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هن جمهوري حڪومت ۾ ٻيهر ملڪ جي بدنام ترين، ڪرپٽ ۽ مشڪوڪ سرمائيدار بحريا ٽائون جي ملڪ رياض کي ڄاڻايل ٻيٽ وڪرو ڪيا ويا آهن، جتي هاڻ “سيف سٽي” جي نالي سان نئون جديد شهر اڏي سامونڊي ماحوليات، آبي جيوت ۽ لکين مهاڻن جي روزگار جي وسيلن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ان منصوبي تي 20 ارب ڊالر جي لاڳت ايندي، جنهن ۾ جديد لگزري عمارتون، هوٽلون، ڪلب ۽ شاپنگ مال هوندا. 2016ع کان ٻيٽ تي ماڻهن کي رهائشي يونٽ جي فراهمي شروع ڪئي ويندي.
پاڪستان فشر فوڪ فورم مطابق چار سئو سالن کان ڀنڊاڙ ٻيٽ تي موجود حضرت يوسف شاهه جي مزار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻيٽ اسان مهاڻن جي ملڪيت آهن، اسان جي بزرگن ۽ ابن ڏاڏن جون قبرون هتي موجود آهن جن جا هڏڙا ڪڏهن به وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. ان سلسلي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم ان تباهي آڻيندڙ رٿا “سيف سٽي” کي رد ڪندي سڄي سنڌ ۾ جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ 19 مارچ 2013ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جديد شهر جي رٿا خلاف جدوجهد جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو ۽ 25 مارچ تي آل پارٽيز ڪانفرنس پڻ گهرائي ويندي.
اچو ته اسان سڀئي گڏجي جمهوري حڪومت جي انهيءَ آمراڻي فيصلي کي رد ڪريون ۽ حڪومت کان گهر ڪريون ته “ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ” ٻيٽ جيڪي ويٽ لينڊ آهن کين نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي ماحولياتي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ماهيگيرن ۽ ملڪ جي پورهيت طبقي جي تباهي لاءِ سامونڊي ٻيٽن جي الاٽمينٽ فوري طور تي ختم ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به ڪمپني کي انهن ٻيٽن سميت سامونڊي حدن ۾ نوان شهر آباد ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ماهيگير آبادين ۽ صدين کان آباد ماهيگيرن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پائيدار منصوبا جوڙيا وڃن.

روزاني سوڀ جي ٿورن سان
فرحان وڳڻ
 
تمام سٺو لکيو اٿو ۔۔۔ سٺي ڄاڻ پڻ ملي۔

اهي ٻيٽ سنڌ جي ئي ملڪيت آهن ۽ رهندا، ڀلي ڪو ڪوشش ڪري ان کي ناڪامي ملندي۔

پر جيڪڏهن انهن ٻيٽن تي تجارتي حوالن سان ڪي منصوبا ٺاهيا وڃن ته انهن جي مالڪي سنڌ حڪومت وٽ ئي هجڻ گهرجي۔

اتي آباد ٿيندڙ ڌارين کي ووٽ جي داخلا تي بندش هجي۔

اتي 50 فيصد مقامي آبادي لاء نوڪرين جي ضمانت هجي ته پوء جيڪڏهن ترقي ٿئي ٿي ته ان کي قبولڻ گهرجي، ڇو ته هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا، دبئي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ايئن ئي ترقي ڪئي آهي۔

پر هتي وري به ڳالهه نيتن جي آهي ته سدائين سنڌ کي لٽي ان جي اثاٿن تي قبضي جي نيت رکندا اچن۔
 
تمام سٺو لکيو اٿو ۔۔۔ سٺي ڄاڻ پڻ ملي۔

اهي ٻيٽ سنڌ جي ئي ملڪيت آهن ۽ رهندا، ڀلي ڪو ڪوشش ڪري ان کي ناڪامي ملندي۔

پر جيڪڏهن انهن ٻيٽن تي تجارتي حوالن سان ڪي منصوبا ٺاهيا وڃن ته انهن جي مالڪي سنڌ حڪومت وٽ ئي هجڻ گهرجي۔

اتي آباد ٿيندڙ ڌارين کي ووٽ جي داخلا تي بندش هجي۔

اتي 50 فيصد مقامي آبادي لاء نوڪرين جي ضمانت هجي ته پوء جيڪڏهن ترقي ٿئي ٿي ته ان کي قبولڻ گهرجي، ڇو ته هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا، دبئي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ايئن ئي ترقي ڪئي آهي۔

پر هتي وري به ڳالهه نيتن جي آهي ته سدائين سنڌ کي لٽي ان جي اثاٿن تي قبضي جي نيت رکندا اچن۔
ادا سليمان سنڌيء ۾ چوڻي آهي ته
اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني
اهڙي ترقي جنهن جي ٿيڻ سان اسان کي
ڪو به فائدو نه پهچي،اجايو ترقي جا نالي
پنهنجا قيمتي قومي اثاثا وڪڻي
اسان وڌيڪ ڌارين جي لوڌ جو شڪار
ٿيندا سين،اسان روز اقليت ۾ تبديل ٿيندا وڃون
اسان جو قومي وجود تاريخ جي انتهائي
فيصلا ڪن موڙ تان پيو گذري
اگر اچ اسان اڇيون نه کوليون ته پوء
خبر ناهي ڇا ٿيندو۔۔
الا ايئن م هو جو ڪتابن ۾ پڙهجي
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔۔۔شيام
 
Back
Top