انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو حملو، سڄي دنيا ۾ اسپيڊ گهٽجي وئي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ڪالهه کان مون وٽ نيٽ جي اسپيڊ بلڪل سلو پر نه هجڻ برابر هئي، گهڻو پريشان هئس ته ڇا هي صرف مونسان ٿي رهيو آهي۔ ڪوبه ڪم مڪمل ڪري نه سگهيس۔

    خبرون آهن ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي رفتار تمام گهڻو گهٽجي وئي آهي۔ آء ٽي جا ماهر چون ٿا ته انٽرنيٽ تي سائيبر دنيا جو سڀ کان وڏو حملو ٿيو آهي۔ اسپيم خلاف جدوجهد ڪندڙ هڪ گروهه ۽ انٽرنيٽ هوسٽنگ ڪمپني جي ويڙهه سبب ئي اهو سڀ ڪجهه ٿيو۔

    ان کان اڳ ڪالهه مصر جي سمنڊ ۾ غوطه خورن پاران فائبر آپٽڪ تارون ڪٽڻ جي ڪوشش سبب پهريان ئي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيٽ متاثر ٿي هئي۔

    وڌيڪ تفصيل بي بي سي جي هيٺين لنڪس تي پڙهو:

    انٹرنیٹ کی تاریخ کا سب سے بڑا سائبر حملہ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي اصغر سومرو

    علي اصغر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قمبر شهر
    وساڻ صاحب اهوواقعو اسان سان ته پيش نه آيو آهي مان انٽرنيٽ روزانو استعمال ڪندڙ آهيان ان جي اسپيڊ جيئن هوندي آهي ائين ئي برقرار آهي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    انٽرنيٽ جي اسپيڊ واقعي تمام گهٽ آهي، ڪالهه 11 بجه ڌاري آپٽيڪل فائبر واري مسئلي بعد مون کي تمام پي ٽي سي ايل ڪسٽمرس پاران فون اچڻ شروع ٿي ويا، شروع ۾ مسئلي جي خبر نه پئي بعد ۾ پي ٽي سي ايل جي مٿئين انتظاميه وضاحت جاري ڪئي ۽ ان کان علاوه فيسبوڪ توڙي ٻين ويبسائيٽن آپٽيڪل فائبر واري خبر هلائي۔۔
    رات 11 بجه بي بي سي جي ويب سائٽ وزٽ ڪرڻ جو موقعو مليو ته اتي ان سلسلي ۾ اها خبر ڏنل هئي ته انٽرنيٽ جي ويب هاسٽنگ سرورس تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو سائبر اٽيڪ ٿيو آهي۔ 300 گيگا بٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان اسپيمنگ جي ٽريفڪ انهن ويب هاسٽنگ سرور سان ٽڪرائجي رهي هئي جنهن سبب اهي سرور فيل ٿيڻ لڳا۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    ڪالھ کان وٺي ڳوٺ وڃڻ سبب نيٽ نه هلائي سگهين پر جيئين ئي اڄ گهر پهتس ۽ ڪمپيوٽر هلايم ته نيٽ جو ٻيڙو ٻڏو پيو هو ، پر خير پهرين ته آئون پي ٽي سي ايل تي 5 رپيه ڪلاڪ ۾ انٽرنيٽ هلائيندو هئس جنهن جي اسپيڊ ”ڀڄ ته پڄئين“ هئي ، انهي جي ڀيٽ ۾ وري به هي اسپيڊ اسان لا ڪافي آهي
     
  5. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    ادا سليمان وساڻ صاحب اوھان بلڪل صحيح پيا فرمايو
    ھتي اسان وٽ سکر ۾ ڪافي سپيڊ گھٽ ٿي وئي آھي جنھن جي ڪري ڪافي پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو پوي۔

    ڀلا ان مسئلي جو ڪو حل به آھي؟

    آٽي جي ماھرن جو ان جي باري ۾ ڇا چوڻ آھي
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بس ادا عبدالواحد ڀا
    اسان غريبن لا۽ مسئلا ئي مسئلا آهن

    سي اين جي بند
    گئس بند
    بجلي بند
    زندگي جي هر ٍعام ٍضرورت اڻ لڀ

    هاڻي وري نيٽ تي به حملا پيا ٿين

    ًًغريب ماڻهو ڪاڏي وڃي ادا سليمان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ها ادا اها خبر مونکي موبائيل تي ميسيج زريعي پئي۔
    تمام جلد آ۽ ٽي ماهر ٺيڪ ڪندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو