ڪالهه کان مون وٽ نيٽ جي اسپيڊ بلڪل سلو پر نه هجڻ برابر هئي، گهڻو پريشان هئس ته ڇا هي صرف مونسان ٿي رهيو آهي۔ ڪوبه ڪم مڪمل ڪري نه سگهيس۔
خبرون آهن ته سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي رفتار تمام گهڻو گهٽجي وئي آهي۔ آء ٽي جا ماهر چون ٿا ته انٽرنيٽ تي سائيبر دنيا جو سڀ کان وڏو حملو ٿيو آهي۔ اسپيم خلاف جدوجهد ڪندڙ هڪ گروهه ۽ انٽرنيٽ هوسٽنگ ڪمپني جي ويڙهه سبب ئي اهو سڀ ڪجهه ٿيو۔
ان کان اڳ ڪالهه مصر جي سمنڊ ۾ غوطه خورن پاران فائبر آپٽڪ تارون ڪٽڻ جي ڪوشش سبب پهريان ئي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ نيٽ متاثر ٿي هئي۔
وڌيڪ تفصيل بي بي سي جي هيٺين لنڪس تي پڙهو:
انٹرنیٹ کی تاریخ کا سب سے بڑا سائبر حملہ