جواب: هڪ سهڻو شعر
دوستن جي مهرباني، جن سهڻي لطيف جي ان شعر کي پسند ڪيو ...
... ننڍڙي پيارڙي ٽوپڙيءَ سان سلهاڙيل هڪ نالي (ڀيڻ) سندرتا ... جي وڏي مهرباني جنهن تمام مختصر طرح سان پنهنجي لطيف جذبي جو احساس ڪرايو ...
مٺڙا سائين عبدالرحيم، الله تعالا اوهانکي هر ڪوسي واءُ کان بچائي، يار پنهنجي ڳالهه ته ايئن آهي ته ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا .... سو اسين جدائيءَ ۽ مفاصلن جي هجڻ سبب ايترو حساس ٿي ويا آهيون ... جو اهي لفظ ئي اسانجي اکين ۾ موتي ڀريو ڇڏين ... لطيف سڳوري پنهنجي پيغام کي ڪٿي ۽ ڪنهن هنڌ تي پهچايو آهي، تنهن منزل تي پهچڻ لئه پاڻکي ته شايد ڪيترائي ڀيرا ڄمڻو ۽ مرڻو پوندو ....
اسين ته اهو ئي سمجهيو سين ته آسمان به ساڳو ۽ انتي چمڪندڙ چنڊ به ساڳيو ... منهنجي نظرن جي سامهون ۽ پرينءَ جي نظرن جي سامهون ... ۽ اسين هڪٻئي جي ظاهري نظرن کان ڏور ... بس موقعو ملي ويو پيغام پهچائڻ جو ... سو چنڊ کي پيغام پهچائڻ جي عرضي لطيف جي لفظن سان ڪئي سون ... ممڪن اسانجو نه ته لطيفي لفظن جو اثر ٿئي ...
دعائن ۾ ياد رکجو
sindhsalamatsaathsal