باغي عليم
سينيئر رڪن
جهونجهار شورو
ليکڪ۔ عبدالوحد آريسر
جهونجهار شورو سنڌ جي سورهيه سرواڻ اسماعيل شوري جو پٽ هو،اسماعيل شورو سنڌ جي بقا لئه مغلن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هو،سنڌ جي آزادي ۽ حريت جي جيڪا شمع سنڌ جي لافاني ۽ عظيم الشان انسان اسماعيل شوري پنهنجي رت سان روشن ڪئي هئي،سا سندس شهادت کان پوء وسامي نه وئي،پر بقول اياز جي۔
جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ،هن ڀونء ڪئي ٻي ڀرتي آ۔
اسماعيل شوري کان پوء سندس پٽ جهونجهار شوري آزادي جي جهنڊي کي بلند رکڻ جو پڪو ارادو ڪيو،هن پنهنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪري مغلن سان ويڙهه جو سلسلو جاري رکيو،پنهنجي پيء وانگر هن جي ڪردار جي خاص خوبي هئي آڻ نه مڃڻ ،دشمن جي اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ،پنهنجي مادر وطن جي آزادي واري حق تان هٿ نه کڻڻ ۽ مغلشاهي جا سنڌ مان تڏا پٽڻ،ان مقصد جي راهه م هن دلير انسان کي نه مغل فوج جي طاقت جو ڊپ هو ۽ نه وري سنڌين جا باهمي اختلاف هن جي حوصلي کي پست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا۔
هو هڪ اهڙو نوجوان هو جنهن جي ذهن ۾ بغاوت،حوصلو ۽ همت،روز نوان تازا ۽ توانا ٿيندا رهيا،جيتوڻيڪ جهونجهار شوري جي ڪارنامن کي تاريخ ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي صرف آخري معرڪي جو ذڪر آهي جنهن ۾ هن کي گرفتار ڪيو ويو۔ان واقعي متعلق مظهر شاهجهاني لکيو آهي ته۔۔
جڏهن 1028 هجري ۾ سيد بايزيد ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو،تڏهن هن سان گڏ سندس ٻه پٽ به هئا، جيڪي ڏاڍا چالاڪ هئا۔جهانگير بادشاهه هنن کي حڪم ڏنو ته اهي جابلو ماڻهن جي ڪن مهٽ ڪن۔(هن ننڍي کنڊ جي بادشاهه طرفان بذات خود حڪم ثابت ٿو ڪري ته چاڪر هالا پرڳڻي جي عوام جي جدوجهد دهليء جي ديوارن کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو هو) جهانگير جي حڪم جي بجا آوري ڪندي سيد بايذيد جا پٽ مغل سپاهين جي لوڌ وٺي شورن ۽ دلن تي ڪاهي آيا،جيڪي جبل جي پاسي ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا۔
جيئن شڪار گاهن ۾ شڪار ڪيو ويندو آهي،تيئن سنڌي ماڻهن جو گهيرو ڪيو ويو،سنڌين به سندرا سهائي مغلن جو مقابلو ڪيو،ٻنهي ڌرين جا ڪيترا ئي ماڻهو قتل ٿيا،نيٺ صلح جي بهاني دغا سان جهونجهار شورو به گرفتار ٿي پيو
جهونجهار جي گرفتاري کان پوء ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ۽ گرفتار ڪري،ڳوٺن جو سامان سڙو لٽي باهيون ڏنيون ويون۔جهونجهار شوري اهڙي دغا سان گرفتار ٿيڻ کان پوء بيوسي جي حالت ۾ به مغلن جو فرمانبدار ٿي ويهي رهڻ کان انڪار ڪيو۔نتيجي طور کيس ٺٽي جي جيل ۾ وجهي،ازيت ۽ عذاب جا وحشياڻا طريقا استعمال ڪرڻ سان گڏ لوڀ ۽ لالچ جا طريقا به اختيار ڪيا ويا۔پر هن سورهيه سنڌي مصيبتن تي ٽهڪ ڏنا،۽ لالچن کي انتهائي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو،۽ عذاب سهندي ٺٽي جي جيل ۾ شهيد ٿي ويو۔۔۔