عوام جا ڏک ۽ عام چونڊون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    عوام جا ڏک ۽ عام چونڊون
    سليم اڪبر مهر
    جيڪڏهن ملڪ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته ڏاڍي خطرناڪ صورتحال نظر اچي ٿي. سياست جي ميدان ۾ گذريل ڪجهه وقت کان پئدا ٿيندڙ انتهاپسندي ملڪ جي هر عام ماڻهو کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ روءِ زمين تي سڀني کان پياري شيءِ انساني زندگي هوندي آهي پر گذريل ڏهاڪو کن سالن کان ملڪ ۾ اهڙين حالتن جنم ورتو آهي جو عام ماڻهو پنهنجن عام مسئلن ۾ تمام گهڻو ڦاسي ويو آهي. نه رڳو ايترو پر عوام مان سهپ ختم ٿي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ تشدد جي هڪ منظم لهر پکڙجي وئي آهي، بم ڌماڪا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ماراماري هلندڙ آهي. ماڻهو زندگي وڃائي رهيا آهن، ڪيترائي ٻار يتيم ٿي رهيا آهن، عورتون بيواهه ٿي رهيون آهن، ڪيترائي ماءُ پيءُ پنهنجي مستقبل جي سهاري کان محروم ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال عوام کي ويتر منجهائي ڇڏيو آهي. ڪراچي کان وٺي وزيرستان تائين پرتشدد جي لهر آهي. بلوچستان جو عوام پڻ ان کان محفوظ نه رهيو آهي. هر طرف جڏهن خونريزي ۽ رتوڇاڻ هلندڙ آهي. تڏهن عوام مايوسي، خوف ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي رهيو آهي.
    عام ماڻهو جو جيتوڻيڪ ڪو ڏوهه نه آهي پر حالتن جي باهه جو سيڪ کيس شدت سان محسوس ٿئي ٿو. بنيادي سهولتون جهڙوڪ، بجلي، گئس، پاڻي، روزگار ۽ واهپي جي شين جو مناسب اگهن تي ملڻ ته پري رهيو پر عوام هاڻي امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال سبب وڌيڪ پريشاني کي ڀوڳي رهيو آهي.

    جتي ملڪي حالتن عوام کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اتي ڪجهه قدرتي آفتن کانپوءِ سرڪار پاران مناسب پرگهور نه لهڻ ڪري پڻ عوام گهڻو پريشان رهيو. ٻوڏن ۽ برساتن سبب متاثر ٿيندڙ سنڌي ماڻهن جا ڳچ تعداد اهڙو پڻ آهي جيڪو اڃا به دربدري جي زندگي گهاري رهيو آهي. وطن ڪارڊ جي نالي تي پڻ عام متاثر ماڻهو کي ڪو گهڻو رليف حاصل نه ٿيو هو. گذريل حڪومت جي دور ۾ اهڙا واقعا پڻ اخبارن جي زينت بڻيا هئا، جنهن تحت ماڻهو غربت کان بيزار ٿي پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ جا هوڪا پڻ ڏيندا رهيا. اهڙين حالتن سبب پريشاني ۽ ويڳائپ ۾ گهاريندڙ عام ماڻهو جي ذهن ۾ بهرحال اهو سوال ڪَر کڻي ٿو ته کيس آخر. ڪهڙي ڏوهه جي سزا ۾ اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. گذريل پ پ سرڪار عوام سان جيڪي ڪلور ڪياسا ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي. ڪجهه حلقن جو اهو خيال آهي ته سنڌ جو عام ماڻهو اهو فيصلو ڪري چڪو آهي ته اهو آزمايل کي آزمائڻ جو تجربو وري نه ورجائيندو. هن ڀيري عوام جي ايجنڊا امن، روزگار، مهانگائي ۽ سک چين ٿي وئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه حلق ان خيال جا هجن ته حالتن ۾ تبديلي رڳو ڪنهن انقلابي تحريڪ سان ئي ممڪن هجي پر موجوده حالتن مان اهڙو ڪو امڪان سامهون نظر نه پيو اچي. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي ته پڻ اهو ته ضرور ٿي سگهي ٿو ته، عوام انهن کي ووٽ ڏئي اڳتي آڻي جيڪي اڳ جا آزمايل نه هجن ۽ اهو عوام کي سندن بنيادي حق، روزگار، تعليم ۽ امن ڏيڻ لاءِ سنجيده هجن. شايد سنڌ جو عوام هاڻي شعله بيان مقررن ۽ جذباتي نعرن تي ووٽ نه ڏئي، صورتحال ته سڀاڻي ڪهڙي به ٺهي. پر سنڌ ۾ عوام جو بنيادي سوال وري پڻ پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته کين، امن روزگار، تعليم ۽ ترقي جا موقعا ڪير ڏئي سگهندو. هي ووٽن جو وقت آهي ۽ عوام کي سنجيده طور تي پنهنجي حقيقي مسئلن جي حل لاءِ اهڙن ماڻهن کي چونڊي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ گهرجي. جيڪي عوام جا حقيقي هڏڏوکي هجن ۽ ماڻهن عام مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين توهان جون بهترين ڪوششون آهن


    توهان اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو