چونڊن جي چوري ٿيڻ نه ڏجي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    چونڊن جي چوري ٿيڻ نه ڏجي!
    حافظ سڪندر تنيو
    ڍور ڍڳا ۽ مال اسباب جي چوري ايامن کان ٿيندي رهي آهي ڀاڳيا مالوند ماڻهو پنهنجي مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ راتين جا اوجاڳا ڪندا رهندا آهن چورائڻ واريون شيون مختلف وقتن تي بدلبيون رهنديون آيون آهن هر انهيءَ شيءِ جي چوري ڪئي ويئي آهي جنهن مان مالي فائدو ملڻ جي اميد هوندي آهي.
    عوام کي سک چين ڏيڻ لاءِ رياست جي اهم ذميواري هوندي آهي. رعايا جي خدمت ڪندڙ حڪمران خود راتين جا اوجاڳا ڪري عوام کي آرام ميسر ڪرڻ لاءِ چوڪيداري ڪندي نظر آيا آهن.
    بدقسمتيءَ سان هن ملڪ ۾ رياست خود چوري جهڙي ڪُڌي ڪم ۾ ملوث ڏٺي ويئي آهي. ملڪي خزانو، زمينون، جائداد، نوڪريون چورائي پنهنجي ملڪيت چوريءَ جي ذريعي وڌائي ويئي آهي. انهن چورين کان سواءِ رياست طرفان عوام جي لاءِ جنهن کي چونڊون چيو ويندو آهي ان کي به بخش نه ڪيو ويو آهي.
    نئين ملڪ کي ٺهڻ شرط عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيل خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي حڪومتن کي ملڪ ٺاهيندڙن طرفان ڊسمس ڪري چونڊن جي چوري ڪرڻ جا بنياد وڌا ويا ۽ پوءِ انهيءَ ڪُڌي عمل کي ثواب جو ڪم سمجهي هر ايندڙ حڪمران جا هٿ ملوث رهنداآيا آهن نالي ۾ ته هن ملڪ کي جمهوري ملڪ چيو ويو ليڪن هر جمهوري عمل جي رستا روڪ ڪئي وئي.
    ايوب خان ملڪ تي مارشلا مسلط ڪئي ۽ اڳتي هلي جمهوريت ڏيڻ لاءِ چونڊن جو اعلان ڪيو سندس سامهون جناح صاحب جي ڀيڻ فاطمه جناح مقابلي ۾ آئي ته ڌانڌلي جي ذريعي کيس هارائي سندس ووٽن جي چوري ڪئي وئي ۽ نوان ناٽڪ رچائي بنيادي جمهوريت جا نالا ڏيئي B-D ميمبرن کي ڏنڊي ۽ لالچ جي زور تي پاڻ سان ملائي جمهوريت جي ٽوپي پائي حڪومت ڪئي وئي.
    سندس وڃڻ کان پوءِ حڪومت جي پڳ جمهوريت جي بجاءِ هڪ فوجي آمر کي پارائي ويئي، جنهن اچڻ سان ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان ڪري صوبا بحال ڪيا ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو ڪيو جنهن کي ساراهيو ويو ون يونٽ جي وڪڙ ۾ پنجاب صوبي کان سواءِ ٻيا چارئي صوبا آيل هئا جيڪي ان عمل تي تمام گهڻو ڪاوڙيل هئا ۽ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ چار ئي صوبا هلچل هلائي رهيا هئا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ هر هڪ پارٽي نوان منشور پيش ڪري رهي هئي عوامي ليگ طرفان 6 نڪاتي منشور ڏنو ويو جنهن ۾ رياستن کي خودمختياري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي ۽ مرڪز کي محدود اختيار ڏيڻ تجويز ڪيا ويا هئا.
    ملڪ جي مٿان گهڻو عرصو فوجي راڄ مسلط هيو ۽ واڳ ڌڻين کي خفيه رپورٽون ڏنيون ويون ته صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ڪا به هڪ پارٽي واضح اڪثريت سان چونڊ کٽي نه سگهندي ۽ پوءِ مخلوط حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پارٽين مٿان فوجي ڏنڊو وسائي کين پنهنجي تابع بڻايو ويندو. ملائڪن جي مرضيءَ جي ابتڙ ڪا به حڪومت قائم نه ٿي سگهندي. انهيءَ رپورٽن جي صلاح تي اليڪشن ڪرائي ويئي ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين اليڪشن هئي جنهن کي شفاف اليڪشن چيو ويو.
    اليڪشن ته صاف سٿري ڪرائي ويئي ليڪن ان جا نتيجا حڪمرانن جي مرضي مطابق نه آيا سندن سڀئي اميدون مٽيءَ ۾ مليون ويون چيائون ته هي ڇا ٿيو اسان انهن نتيجن لاءِ ته هي کيل ڪونه کيڏيو هيو.
    اوڀر پاڪستان مان سئو سيڪڙو 6 نڪاتي منشور ڏيندڙ پارٽي عوامي ليگ اولهه سرحد ۽ بلوچستان ۾ پڻ صوبن کي خودمختياري ڏيارڻ جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ واريون پارٽيون چونڊون کٽي آيون. حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ صلاح مشورا ڪري طئه ڪيو ويو ته اڪثريت ۾ ايندڙ پارٽيءَ جي نتيجن کي قبول نه ڪجي ۽ چونڊن کي چورائڻ لاءِ تجربيڪار چورن جون خدمتون حاصل ڪجن، ٽنهي صوبن منجهان کين موٽ نه ملي سگهي ليڪن پنجاب ۽ سنڌ مان کٽي آيل سيڪيولر ۽ سوشلسٽ پارٽي سڏائڻ جي دعويدار جماعت پيپلز پارٽي چونڊن جي چوري ڪرڻ ۾ حڪمرانن سان ساٿ ڏيئي بيهي رهي.
    عوامي ليگ جي مٿان ملڪ ٽوڙڻ جا الزام لڳايا ويا کيس حڪومت ڏيڻ کان کتو جواب ڏنو ويو ۽ ڀٽي صاحب کان بيان ڏياريا ويا ته جيڪڏهين عوامي ليگ جي ڇهن نڪتن کي قبوليو ويو ته پاڪستان هڪ نه، پنج پاڪستان بڻجي پوندا
    ڀٽي صاحب کي محترم جي ايم سيد پڻ صلاح ڏني هئي ته ڀائٽيا تنهنجو تعلق به ننڍي صوبي سنڌ سان آهي مجيب جي پروگرام مان سنڌ کي به صوبائي خودمختياري ملندي تون سندس مخالف نه ڪر پر ڀٽو صاحب نه مڃيو ۽ مجيب جي ڳالهه سچ ثابت ٿي جن ڪا ڪول ڪاليج ۾ تعليم پرائي هئي تن مجيب کي ڍاڪا ۾ ۽ اڳين هلي ڀٽو کي راولپنڊي ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ هي ملڪ به اڌ ٿي ويو. هڪ حصي تي ڀٽو صاحب حاڪم ٿيو هتي به ٻن صوبن ۾ پ پ مخالف پارٽيون اقتدار ۾ اچي ويون جن مرڪز جي بيجا مداخلت کي قبول نه ڪيو ۽ ڀٽو صاحب جهڙي سويلين حڪمران سڏائجندڙ هتان جي ٻن حڪومتن کي به ڊسمس ڪري مٿن غداري جو ڪيس بڻايو ۽ اهي اڳواڻ ڀٽي صاحب دور حڪومت تائين حيدرآباد جي جيل ۾ قيد رهيا جن کي آمر ضيا اچي آجو ڪيو اهي سموريون ثابتيون آهن جيڪي چونڊڻ کي چورائڻ کي ظاهر ٿيون ڪن.
    ڀٽو صاحب کانپوءِ ضياءُ الحق 11 سالن ۾ هڪ ڀيرو چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرايون جنهن ۾ گهڻن پارٽين حصو نه ورتو ۽ ضياءُ الحق من پسند نتيجا حاصل ڪري حڪومت مرضيءَ جي قائم ڪرائي جنهن کي به قبول نه ڪبو ۽ جوڻيجو صاحب کي دوران سفر چيو ويو ته اسلام آباد اچڻ بجاءِ سنڌڙي وڃي آرام ڪر ان کانپوءِ اسلم بيگ ۽ اسحاق خان جي ڳٺ جوڙ سان جيڪي حڪومتون آيون اتي لاءِ اڄ پ پ چئي رهي آهي ته اسان کان اليڪشن چوري ڪرائي پنهنجي ماڻهن کي اقتدار ڏياريو ويو، ملڪي خزاني جا منهن کولي سياستدانن کي ڏنا ويا ته پ پ کي هرحال ۾ هارايو وڃي.
    سڌريل قومون ڌڪ کائي پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ليڪن پ پ به گهٽتائي ڌڪ هنيا پر ان مان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ڀٽو صاحب طرفان 77 ۽ جيڪا اليڪشن ڪرائي ويئي سان اڻ ڌري ۽ شفاف نه ٿي هئي ٿوري ڪي گهڻي ان ۾ به ڌانڌلي ٿي هئي ڪوڙا ووٽ ۽ مخالف اڳواڻن کي اغوا ڪرائڻ جهڙا واقعا ڪرايا ويا جن کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ ڌانڌلي جو جواز ڄاڻائي حڪومت خلاف تحريڪ هلرائي ويئي ۽ جنهن ۾ ڀٽو صاحب جي حڪومت جو خاتمو ڪرايو ويو.
    اڄ وري ٻيهر خود پيپلز پارٽيءَ کي اليڪشن ڪرائڻ جو تاريخ موقعو ڏنو آهي ليڪن پ پ ماضي مان سبق پرائڻ بجاءِ وري به ڌانڌليءَ واري دڳ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جو مثال سنڌ صوبي جي نگران حڪومت ملي ڀڳت سان قائم ڪرائڻ آهي.
    وزيراعليٰ هائوس جي حمايت لاءِ جُتيون گسائيندڙ، لينڊ روينيو جي چيئرمين لاءِ پنج سالن جي واڌ ڪرائيندڙ ڪرپشن تي ڍڪ ڍڪيندڙ اتحادي جماعت جي خوشامد ڪندڙ جي حضوري کي نگران وزيراعليٰ بڻايو ويو آهي ۽ کيس پنهنجي مرضيءَ جي ڪابينه کڻڻ جي به موڪل نه ڏني ويئي آهي کيس ٻنهي اتحادي پارٽين جي وفاداري رکندڙ ماڻهن جي ڍل سندس ڪڍ لڳائي ويئي آهي. جنهن کي پوري ملڪ کي اچرج آهي ته هي جناتي مخلوق جا جيالا ۽ نامعلوم پارٽي جا نا حق پرست اڻ ڌري اليڪشن ڪيئن ڪرائيندا؟
    ملڪ جي محب وطن ۽ جمهوريت پسند ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر خوف ٿي رهيو آهي ته پ پ اڄ خود اليڪشن جي چوري ڪرائڻ ۾ ملوث بڻجي رهي آهي سڀاڻي سندس حشر ڪو نئون ضياءُ الحق مٿان نه ٿي پوي کيس قدرت ڏاڍو سٺو موقعو ۾ ميسر ڪيو هيو جيڪر هي اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪندي شفاف اليڪشن ڪرائي ها ته سندس عزت، اضافو ٿئي ها هاڻي ته پنهنجي دامن کي داغدار ڪرائي رهي آهي. تاريخ جا ڏاڍا بي رحم فيصلا ٿيندا آهن جن کي خود پ پ پاڻ موقعو فراهم ڪري رهي آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    زبردست

    سٺي ڪوشش آهي ادا

    جاري رکجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو