پرويز مشرف جي سياست ۽ عوام

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پرويز مشرف جي سياست ۽ عوام
    پاڪستان جي سياست ۾ عجيب واقعا ٿيندا رهيا آهن. دشمنن کي دوست بنجندي ڏٺو ويو ۽ اهو به ڏٺو ويو ته جمهوري حڪومت جي هوندي ان خلاف ڪامياب سازشون ڪري جمهوريت کي سواليه بلڪه ڪن ماڻهن جي نظر ۾ ناقابل قبول بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. تازو پرويز مشرف جي واپسي کي سڄي ملڪ جي ماڻهن نهايت حيرت سان ڏٺو آهي، هڪ سياستدان بنجي هن وڏيون ڳالهيون ڪيون ۽ هاڻي ملڪ واپس اچي سرڪاري سيڪيورٽي گهريائين.بهادريءَ جي دعوا ڪندڙ پرويز مشرف سڀ کان اڳ ته سيڪيورٽي انتظامن بنا ايئرپورٽ کان به ٻاهر نه آيو ۽ پوءِ جڏهن سيڪيورٽيءَ ۾ آيو تڏهن به هو بليٽ پروف جئڪٽ ۾ آيو. هڪ طرح سرڪاري سيڪيورٽي جو مطالبو پنهنجو حق سمجهي ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو آرمي چيف رهيو آهي. پر ملڪ جو عوام هن بابت ان کان بلڪل مختلف طرح سان سوچي رهيو آهي جيئن پرويز مشرف جي پارٽيءَ جا ماڻهو سوچي رهيا آهن.
    پرويز مشرف تي غداريءَ جو ڪيس هلائڻ لاءِ ڪورٽن ۾ درخواستون آهن ۽ سپريم ڪورٽ موجب ان هن خلاف هڪ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري. ڏسجي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فرض ڪيئن ٿي پورا ڪري. ڇا هڪ اهڙي شخص کي چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني ويندي جنهن تي نهايت هاءِ پروفائل شخصيتن ۽ اڪبر بگٽي کي قتل ڪرائڻ ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت ملوث هجڻ جا ڪيس آهن؟ هڪ چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪري اقتدار غصب ڪرڻ، آئين ٽوڙڻ ڇا اهڙا سبب ناهن جن کي نظر انداز نه ڪري سگهجي؟
    هونئن ته لال مسجد ۾ ڪارروائي جو به هڪ ڪيس آهي، جنهن ڪري به ملڪ ۾ ڪيئي ماڻهو ان کان مختلف راءِ رکن ٿا جهڙي پرويز مشرف رکي ٿو، سا هيءَ ته هن لال مسجد ۾ 94 دهشت گرد ماريا. پر پرويز مشرف خلاف بلوچ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائن ٿا. سندن چوڻ موجب پرويز مشرف بلوچن جي بزرگ اڳواڻ اڪبر بگٽي ۽ وري هڪ نوجوان اڳواڻ بالاچ مري کي قتل ڪرايو. پرويز مشرف ان جي ترديد ڪندي چئي رهيو آهي ته اڪبر بگٽي فوج سان ويڙهه دوران مارجي ويو.
    الزام ۽ جوابي الزام يا ترديدون پڻ پاڪستان جي سياست جي هڪ وڏي خاصيت آهن پر نهايت اهم معاملا هن وقت عام ماڻهن جي زبان تي روزانو رهن ٿا جن مان هڪ پرويز مشرف جي سياست آهي.
    پرويز مشرف کي سياسي حمايت متحده قومي مووومنٽ ڏئي رهي آهي. ايم ڪيو ايم پرويز مشرف کي پنهنجو ڪلهو پيش ڪري رهي آهي، ڪيئي مهينا اڳ ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو هو ته پرويز مشرف ملڪ موٽي آيو ته کيس ايم ڪيو ايم جي ڪنهن تڪ تان بيهاري چونڊرايو ويندو. ايم ڪيو ايم اهڙو فيصلو ڪري پنهنجي سياست ۾ فائدو پئي کڻي يا اهو گهاٽي جو سودو آهي، اهو ته کيس پاڻ کي ئي ڏسڻو آهي پر ان مان اهو ضرور واضح ٿئي ٿو ته پرويز مشرف جي پارٽيءَ جو حال ڇا آهي.
    پرويز مشرف ڀير تي ڏئو نڪو هڻي سياست ۾ آيو ۽ تنقيد جي طوفان کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڇا هو اهو ڪنهن ڏڍ جي ڪري ئي ڪري پيو سگهي يا اها سندس ذاتي جرئتمندي آهي؟ ڪجهه ماڻهو اهو سوال به ڪن ٿا.
    پاڪستان جي تاريخ ۾ عام طور فوجي حڪومت جي اچڻ تي شروع ۾ ڪا اهڙي مزاحمت نه ٿيندي آهي جنهن کي نظر انداز نه ڪري سگهجي.
    1999 ۾ جڏهن نواز شريف حڪومت برطرف ڪري پرويز مشرف نواز شريف کي گرفتار ڪرايو تڏهن ڀاري مينڊيٽ جي دعوا پٽ پئجي وئي ۽ ڪا مزاحمت سامهون نه آئي. اها رڳو ان ڳالهه جي نشاني ناهي ته اهڙي خاص وقت ۾ عوام عدم مزاحمت واري ڪيفيت ۾ هوندو آهي. پر هن ملڪ ۾ ڪيئي اهڙا مثال ملن ٿا ته ملڪ جي ماڻهن جو هڪ تعداد جمهوريت کي پسند نه ٿو ڪري. ملڪ جا معاملا هٿيارن جي زور تي هلائڻ جي حق ۾ سوچيندڙ ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ موجود آهن. شايد انهن جي نمائندگي ڪرڻ وارا به چونڊن ۾ بيهڻ ۽ اقتداري ايوانن ۾ اچڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪي نوان يا پراڻا سياستدان ملڪ ۾ موجود يا چونڊن واري موسم ۾ ٻاهران موٽي آيل شخص جيڪي دعوائون ڪن ٿا تن کي سندن ماضيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار کي ڏسڻ سان پرکيو وڃي.
    پرويز مشرف به سالن جا سال اقتدار ۾ رهيو. هن امريڪا جي مرضيءَ موجب موقف اختيار ڪيو عوام کي ڪوبه رليف نه ڏنائين، بلوچن سان سخت رويو اختيار ڪيائين، ڪن تنظيم کي دهشت گرد قرار ڏئي انهن تي پابنديءَ جو اعلان ته ڪيائين پر عملي طور انهن ۾ هٿ نه وڌا ويا پرويز مشرف کان پوءِ آيل جمهوري حڪومت انهن گروهن خلاف ڪجهه نه ڪري سگهي ۽ اڄ اهي گروهه پرويز مشرف کي قتل ۽ عام چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا.
    گهرو معاملن واري وفاقي وزارت خبردار ڪيو آهي ته پابندي پيل ويڙهاڪ تنظيمون چونڊن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جو اهو هڪ معمول رهيو آهي ته هو عوام کي قاتلن کان بچائڻ واسطي اثرائتا اپاءَ نه ٿا وٺي سگهن پر ڪيترين ئي وارداتن کان اڳ ايترو ٻڌائي ضرور ڇڏيندا آهن ته گڙٻڙ ٿيڻ واري آهي. يا مثال طور هي ته ڪراچيءَ ۾ آپگهاتي بمبار پهچي چڪا آهن. تازو موڪلائي ويل حڪومت جو گهرو معاملن وارو وفاقي وزير رحمان ملڪ خاص طور اهڙي شهرت رکندڙ هو. نگران وفاقي حڪومت به ڪجهه اهڙي ئي شروعات ڪئي آهي.
    چونڊ ڪميشن ۽ وفاقي وزارت جي عهديدارن جي هڪ اجلاس ۾ هڪ رپورٽ وزارت پاران پيش ڪئي وئي ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ لشڪر جهنگوي جي سهڪار سان جندالله حملن جي رٿابندي ڪئي آهي. ان جا مکيه ٽارگيٽ بلوچستان جا علائقا نوشڪي ۽ ڪوئٽا هوندا، جتي اهي خاص طور سرڪاري، نيم، سرڪاري عمارتن ۽ سيڪيورٽي عملي کي نشانو بنائيندا. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ريپبلڪن آرمي به حملن جي رٿابندي ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ هي به ٻڌايو ويو ته لشڪر جهنگوي بلوچستان جو هڪ ڪمانڊر عثمان سيف الله ڪرد اسلام آباد ۾ حملي جي پلاننگ ڪري رهيو آهي.
    پابندي پيل دهشت گرد تنظيمن، جن جو بنياد آمر ضيا، آمر پرويز مشرف جي دور ۽ انهن حڪومتن اندر اختيارين جي سرپرستي ۾ پيو يا وري طالبان سميت اهڙين حڪومتن دوران جن جي پرورش ٿي. سموري معاشري تي هڪ دهشت طاري ڪري ڇڏي آهي.
    هاڻي ته پاڪستان ۾ فرقيواراڻي نفرت هيٺ قتل عام ڪندڙ بربريت پسند گروهن سميت ويڙهاڪن قاتل گروهن جي ڪاررواين ۽ ڌمڪين کي ڏسي، جن کي رياست ڏهاڪن کان روڪي نه سگهي آهي، ڪي ماڻهو چون ٿا ته هاڻي هيءَ پراڻي ڳالهه ورجائڻ شايد نه ٿي سونهين ته رياست جي آڏو ڪا به قوت نه ٿي بيهي سگهي. ۽ ٿي سگهي ٿو ته رياست جي اندر ڪاريون رڍون سازش ۾ ايڏيون ته تيز ۽ مستقل آهن جو چونڊيل، جمهوري حڪومت انهن کي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. اهڙيون خبرون ضرور اينديون رهن ٿيون ته ”اڄ هيترا ڪي هيترا دهشت گرد پڪڙيا ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا
    هاڻي اسان کي نه رڳو اهو ته پرامن عام چونڊن جي ضرورت آهي پر آمرن، غاصبن خلاف موقف اختيار ڪرڻ، ان تي سختي سان ڄمي بيهڻ، تشدد پرستي ۽ غير عوامي سياست خلاف شعور وڌائڻ جي ضرورت آهي.
    عوام جا مسئلا جمهوري دور جي 5 سالن باوجود حل نه ٿيا ۽ حل نه ٿيڻ جي ڪري وري اهي شديد ٿي ويا آهن. ان جو سبب جتي اڳوڻن دورن جو آمراڻو نظام آهي اتي جمهوري حڪومت جي حد کان وڌيڪ مصلحت آهي عوام کي ان حڪومت ۾ موجود پارٽين جو احتساب ڪرڻ جو پورو حق آهي پر ان جي ڪري جمهوريت مان بدگماني سونهندڙ ناهي. اسان سڀني کي گڏجي چونڊن کي وڌ ۾ وڌ پرامن بنائڻ جو هر ممڪن اپاءَ وٺڻ گهرجي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين سٺو تجزيو ٿيل آهي

    اهڙي ڪوشش جاري رکجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو