خوشگوار موسم ۾ دل کي وڻندڙ ڳالهيون“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    خوشگوار موسم ۾ دل کي وڻندڙ ڳالهيون
    :معصوم مُصطفيٰ ڪُنڀرـ کپرو
    جڏهن سج ڪارن ڪڪرن جي وچ ۾ اچي وڃي،۽ هر طرف ٿڌي ٿڌڪار ڇائنجي وڃي،۽ ماڪ جي ڦُڙن جئيان سنهي بوُند به وسندي رهي،هر طرف ڇانوَ هُجي،سڄو ڏينهن خوشگوار هُجي،رُڳو وڻڪارئي وڻڪار هُجي،ٿڌي هوا لڳندي هُجي تڏهن دل کي وڻندڙ ڪجهه گذريل لحما ۽ ڪجهه ڳالهيون ياد اينديون آهن.اِنهي موسم ۾ ڪو ته جوڙي جي شڪل ۾ گڏ هوندو،ته ڪوئي اسان وانگر تنها هوندو.۽ ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ساريندو هوندو.۽ پنهنجا گذريل لحما ياد ڪندو پيو هوندوآهي.اُن وقت دل ۾ وڏا ڏار پئجي ويندا آهن.۽ يادون نانگ جي ڏنگ جئيان کائڻ لڳنديون آهن.۽ ڪي ته وري ويران رِڻ تي ڪنهن جي وسڻ جو انتظار ڪندا هوندا آهن.۽ ڪي ته وري پنهنجي محبوب جي جُدائي ۾ برف جئيان ڳرندا هوندا آهن.۽ ڪي تي وري خوشنصيب هڪ ٻئي سان گڏجي سمنڊ ڪناري گهمڻ واسطي گڏ هوندا آهن.۽ ڪي ته ڪنهن پارڪ ڏانهن ويندا آهن. ۽ پيا موسم جو مزو وٺندا آهن.خوشگوار ٿڌي موسم اهڙو لمحو هوندو آهي،جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجا گُذريل ڏينهن ۽ لمحا ياد ڏياري ڇڏيندو آهي.۽ اُن موسم ۾ مال،پکي پکڻ،به خوش هوندا آهن،هر پاسي پکين جون اُڏارون هونديون آهن.خاص ڪري انهي موسم ۾ ٿر جون ڀِٽون گهمڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي.ماڻهو ٿر جي ڀٽن جو رُخ ڪندا آهن.۽ موسم خاص ڪري محبوب دوستن لاءِ هِڪ سُهڻو لمحو هوندو آهي،جو هن ڏينهن تي يادون تازيون ٿي وينديون آهن، ۽ ڪنهن بيوفا سنگدل کي پيون پُڪارينديون آهن.اهي سُهڻا لفظ ٻڌي مونکي هي ٻول ياد اچن ٿا ته ”دل ٿي چوي مان ڪڪر هُجان ها،پاڻ روئي پر تو تي ته وسان ها
    اڄڪلهه ڏٺو وڃي ته مُحبت ناڪام وئي آهي،مُحبت ۾ نفرت وڌي وئي آهي،، هر ڪنهن جي دل پٿر وانگر ٿي وئي آهي،هر ڪنهن جي دل ۾ ٻين لاءِ احساس ختم ٿي چُڪو آهي، مولا جي دُنيا ته گهڻي سُٺي پر افسوس جو دُنيا وارا عجيب ٿي ويا آهن. هر ڪوئي ڪنهن نه ڪنهن جي جُدائي يا بيوفائي ۾ مون وانگر ٻري رهيو آهي، هر ڪوئي اندر ئي اندر ۾ ڳري پنهنجي زندگي تباهه ڪري رهيو آهي، اُن لاءِ ٿيڻ ائين گُهرجي ته ڪنهن سان به دغائي نه ڪجي ۽ ڪنهن سان به بيوفائي نه ڪجي، ڪنهن جي به دل کي ڏُکائڻ نه گُهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪنهن کي ايذائڻ وڏو گُناهه آهي، اُن لاءِ جيڪو توهان کي پيار مُحبت ڏي توهان به اُن جي بدلي ۾ پيار مُحبت ڏيو، ۽ پيار مُحبت کي اڳتي وڌايو،ته پوءِ حقيقت ۾ هر ڪنهن جي دل پيار مُحبت سان ٽمٽار ٿي ويندي،۽ ٿيندڙانوکا واقعا به نه ٿيندا،۽اسان کي اهيو به سوچڻ گُهرجي ته زندگي ڪجهه ڏينهين جي آهي،ويل وقت ۽ راه ويندڙ مُسافر وري نه ايندا آهن،جڏهن پيار وارا ماڻهو اهڙي موڙ تي ڇڏي ويندا آهن،جتان موٽڻ مُشڪل ٿي پوندو آهن،پوءِ زندگي ٿر جي واري جئيان ٿي ويندي آهي،جيڪو برسات جي هڪ ڦُڙي لاءِ سڪندي آهي.
    44202-6117965-9
    Facebook:mustafa.jmk@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو