• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
headline_01.jpg
headline_02.jpg

هي خبر انتهائي ڏک ۽ صدمي سان لکي پئي وڃي ته ڪراچي ۾ اڄ 10 محرم تي ايم اي جناح روڊ تي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ هڪ زوردار آپگهاتي ڌماڪو ٿيو آهي ۔۔۔
ابتدائي معلومات مطابق هن ڌماڪي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 20 عزادار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ سنڌ سلامت جي خصوص پيشڪش سنڌ ٽي وي براهِ راست ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
 
جواب: ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

انا لله و انا اليه راجعون

قوم ڪو بيدار تو هو ليني دو هر قوم پڪاريگي هماري هين حسين
مون کي ڪڏهن ڪڏهن تعجب ٿيندو آهي ته اوهان ڪڏنهن ٻڌو آهي ته ڪنهن سينما يا ڪنهن ڪنڃر خاني يا ڪنهن شراب يا جوئا خاني ۾ انهن مجاهدن آپگهاتي حملو ڪيو هجي ۔ ليڪن مسجدن امام بارگاهن مجلسن بازارن ۾ ئي ڇو ڌماڪا ڪيا ويندا آهين؟
ڪربلاء جي شهيدن جي ياد ۾ يوم عاشور ملهائڻ در حقيت ظالم خلاف احتجاج ڪرڻ آهي ۽ حق ۽ حقانيت جي تائيد ڪرڻ آهي ۽ ظالم خود ڪش حملو ڪري پهنجي ظالم ۽ باطل پرست هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ هن خود ڪش حملو ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته
ته انهن کي اسلام سان دشمني آهي ڪمله گو کي خودڪش حملن سان شهيد ڪرڻ واري کي الله تعالي جنت ۾ موڪليدو الله ايڏو ظالم نه آهي بلڪه اڄ ان محرم الحرام جي جلوس ۾ به انهن آپگهاتي حملو ڪري پهنجي بي دين ۽ انسان نه هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي
باقي حسين حسين ڪرڻ وارن کي ختم ڪرڻ جي لاء ڪيترن حڪومتن زور لاتا ۽ اهي
پوريون حڪومتون ختم ٿي ويون ليڪن حسين اڄ به زنده آهي ۽ زنده رهندو ۽ حسين ڪرڻ وارا نه کٽا ۽ نه کٽندا ڇو ته حسين ڪنهن هڪ انسان جو نالو نه اهي بلڪه حسين هڪ ڪردار جو نالو آهي جيڪو اسان کي حق ۽ باطل جي درمان تميز پيدا ڪرڻ سيکاري ٿو ۔
اي ظالم ٿون سمجهين ٿو ته هڪ خودڪش حملي ڪرڻ سان حسين جي مڃڻ وارن کي ۽ حسيني قوم کي حراسان ڪندين ۽ انهن کان حسين حسين ڪرڻ ڇڏرائيندين ته اها تهنجي ڀل آهي بلڪه حسين حسين ڪرڻ وارا ان وقت به ختم نه ٿيا جڏنهن حجاج جهڙي ظالم حڪران حسين بن علي جي مڃڻ وارن جي منڍين سان ديواريون بڻائي ڇڏييون حسين بن علي جي زيارت ڪرڻ وارن کي زنده دفن ڪرڻ ۽ حسين بن علي جي زيارت جي بدلي ۾ انهن جي جسم جا عضوا پڻ ڪٽيا ۔

سلام آهي مهنجو انهن شهيدن تي جن مولا حسين جي راه ۾ پهنجي جان قربان ڪئي
سلام آهي مهنجو انهن شهيدن تي جن حسين بن علي جي مشن کي زنده رکڻ جي لاء پهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو

سلام آهي مهنجو انهن شهيدن تي جيڪي اڄ ڏهين جي ڏينهن شهيد ٿي ڪري ڪربلاء جي شهيدن جي راه اختيار ڪئي
سلام آهي نهن شهيدن تي جن اڄ ڪربلاء جي تاريخ کي حق ۽ باطل ظلم ۽ ظالم جي خلاف احتجاج ڪندي شهادت جي راه اختيار ڪئي
سلام آهي انهن شهيدن تي جن حسين بن علي جي آواز تي لبيڪ چوندي اڄ پهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو
سلام آهي انهن شهيدن تي جن اڄ ظالم خلاف احتجاج ڪيو
سلام آهي انهن شهيدن تي جن حسين بن علي اصحابن وانگر پهنجي مولا جي نالي پهنجي جان قربان ڪئي

آخر ۾ ايترو چوندس ته

تم ڪتني حسيني ماروگي يهان پوري قوم حسين هي
091228142028_khi-18.jpg


 
جواب: ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

سائين تمام ڏکوئيندڙ خبر آهي۔۔۔ اڄ جي سانحي ۾ شهيدن جي لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهيون ته رب ڪريم انهن جي مغفرت عطا فرمائي، لواحقين کي صبرِ جميل عطا فرمائي۔۔۔۔ ۽ زخمي ٿيلن کي صحتِ ڪاملا عطا فرمائي۔۔۔۔۔
آمين
 
جواب: ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

سائين تمام ڏکوئيندڙ خبر آهي۔۔۔ اڄ جي سانحي ۾ شهيدن جي لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهيون ته رب ڪريم انهن جي مغفرت عطا فرمائي، لواحقين کي صبرِ جميل عطا فرمائي۔۔۔۔ ۽ زخمي ٿيلن کي صحتِ ڪاملا عطا فرمائي۔۔۔۔۔
آمين

آمين ثم آمين
 
جواب: ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

ادا رشيد واقعي هن حادثي جو ٻڌي ڏاڍو صدمو رسيو، اسان به عاشور جو سڄو ڏينهن جلوسن ۾ هئاسين، سيڪيورٽي جا انتظام حڪومت طرفان به چڱا خاصا هئا ته اسان جي پنهنجين تنظيمن جا ڪارڪن به سٺي نموني سان جلوسن جي نگراني ڪري رهيا هئا۔۔۔ اسان پنهنجي جلوس کي مقام منزل تائين خيريت سان پهچائي الله جو شڪر پئي ڪيوسين ته الله جو شڪر آهي ته اهڙي دهشت گردي واري دور ۾ هي حسيني قافلو خيريت سان منزل تي پڄي ويو پر ڪجهه دير ۾ اها ڪراچي ڌماڪي واري خبر ٻڌي اشڪبار ٿي وياسين۔۔ هي پياسي شهيدن جي ياد ۾ نڪرندڙ قافلن تي حملي ڪرڻ وارا ڪنهن به طور مسلمان نه ٿا سڏرائي سگهجن۔۔ اهي يزيد جا پونيئر اهي ڌماڪا ڪري سمجهن ٿا ته اهلبيت جي ياد ملهائيندڙن کي روڪي سگهن ٿا يا ڊيڄاري سگهن ٿا پر اهي انهيءَ ڀل ۾ آهن۔۔۔ دور ڪهڙو به هجي، امام حسين عليه السلام پنهنجي شهادت سان حق ۽ سچ جي مڃيندڙن کي اهڙو رستو ڏيکاري ويو آهي، جنهن تي هلندي ڪوبه مومن مشڪلاتن کان نه گهٻرائيندو۔۔۔ ڀلي پوءِ کيس پنهنجي سر جي، پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻي پوي۔
ڪراچي جي ڌماڪي ۾ اهڙا منظر به مليا جن کي ڏسي ڪربلا جي ياد تازه ٿي وئي، ڪيترائي اهڙا لاشا به هئا جيڪي ٽڪرن جي صورت ۾ وکرجي ويا ۽ انهن کي ماڻهن بلڪل ايئن کنيو جو گهوٽ قاسم عه جي پائمال ٿيل لاش کي مولا حسين عليه السلام جو کڻڻ ياد اچي ويو۔ رينجرز جي جنهن اهلڪار پنهنجي حوصلي سان وڌيڪ نقصان کان قافلي کي بچائي ورتو، ان جي حوصلي کي به سلام آهي۔۔۔ انهن سيڪيورٽي جي اهلڪارن کي سلام آهي جن سڄو محرم پنهنجيون ننڊون ڦٽائي، آرام وڃائي به امام مظلوم عه جي عزادارن جي حفاظت ڪئي۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪراچي ۾ عاشوري جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ آپگهاتي ڌماڪو۔۔۔

ادا رشيد واقعي هن حادثي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔آخري اطلائن تائين شهيدن جو انگ 42 ٿي ويو آهي
افسوس اهو آهي ته اهي بم ڪرڻ وارا پنهنجي پاڻ کي مسلمان سڏرائين ٿا ۔۔۔
حملي ڪرڻ وارا ڪنهن به طور مسلمان نه ٿا ٿي سگهجن۔۔ اهي يزيد جا پونيئر آهن اهي ڌماڪا ڪري سمجهن ٿا ته اهلبيت جي ياد ملهائيندڙن کي روڪي سگهن ٿا يا ڊيڄاري سگهن ٿا ؟؟
پر اهي انهيءَ ڀل ۾ آهن۔۔۔ دور ڪهڙو به هجي، امام حسين عليه السلام پنهنجي شهادت سان حق ۽ سچ جي مڃيندڙن کي اهڙو رستو ڏيکاري ويو آهي، جنهن تي هلندي ڪوبه مومن مشڪلاتن کان نه گهٻرائيندو۔۔۔ ڀلي پوءِ کيس پنهنجي سر جي، پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻي پوي۔
تاريخ گواه آهي متوڪل جي دور ڪافي ماڻهن پنهنجي پيارن جي قرباني ڏئي عزاداري امام حسين ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top