پي پي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پي پي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي
    معصوم سنڌي
    11 مئي تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پي پي سنڌ ۾ مختلف ضلعن جي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ ضلعي گھوٽڪي ۾ اين اي 200 تي خالد لنڊ، 201 تي علي گوهر مهر، پي ايس 5 اوٻاوڙي تي ڄام مهتاب ڏهر، پي ايس 6 تي علي نواز عرف راجا مهر، پي ايس 7 ڏهرڪي تي احمد علي پتافي، خان ڳڙهه پي ايس 8 تي محمد بخش مهر، قمبر شهداد ڪوٽ ۾ اين اي 206 تي عامر مگسي پي ايس 38 ميرو خان منور عباسي پي ايس 39 مجدد اسراڻ، پي ايس 41 عزيز جتوئي ۽ پي ايس 42 وارهه تي سردار چانڊيو، پي ايس 40 نادر مگسي کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، ميرپور خاص اين اي 226 تي آفتاب شاهه جي ڀاءُ شفيق شاهه کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مٽياري ۾ اين اي 218 تي پيپلز پارٽي طرفان مخدوم امين فهيم پي ايس 43 تي مخدوم جميل الزمان ۽ پي ايس 44 تي رفيق الزمان کي ٽڪيٽ ملي وئي لاڙڪاڻي ۾ نثار کهڙي کي پي ايس 36 لاءِ نامزد ڪيو ويو اياز سومرو پي ايس 37 رتوديرو پي ايس 35 باقراڻي تي الطاف انڙ کي نامزد ڪيو ويو آهي، اين اي 204 لاڙڪاڻي تي فيصلو نه ٿيو آهي اين اي 205 نذير ٻگھيو کي نامزد ڪيو ويو آهي ضلعي حيدرآباد ۾ پارٽي اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ‎‎ويو ، جنهن تحت پي ايس 50 حيدرآباد ٻهراڙي تي شرجيل انعام ميمڻ پي ايس سٽي هڪ تي امان الله سيال پي ايس 46 تي بابو عبدالله قاضي پي ايس 47 قاسم آباد تي ڄام خان شورو جڏهن ته زاهد ڀرڳڙي کي ساڳئي ئي تڪ تي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ٿيو. پر اين ا ي 221 تي پڻ زاهد ڀرڳڙي فارم ڀريو آهي پي ايس 48 لطيف آباد تي رجب خاصخيلي پي ايس 49 لطيف آباد عبدالجبار خان ميرپور خاص ۾ علي مردان شاهه کي پي ايس 70 سيد سردار شاهه کي پي ايس 69 تيمور ٽالپر کي پي ايس 66 ۽ اين اي 228 تي نواب يوسف ٽالپر کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي اين اي 234 سانگھڙ سنجھورو تي اڳوڻي ايم پي اي فدا حسين ڏيرو، اين اي 235 کپرو ۽ ڄام نواز علي تي شاريه عطا مري اين اي 236 ٽنڊو آدم شهداد پور تي روشن الدين جوڻيجو پي ايس 78 تي عابد فاروق، پي ايس 79 تي حضور بخش رند پي ايس 80 تي علي حسن هڱورجو پي ايس 81 تي محمد خان جوڻيجو پي ايس 82 تي فراز ڏيرو جڏهن ته پي ايس 83 تي اڃا تائين اميدوار جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي اطلاعن موجب اڳوڻي ايم اين اي روشن جوڻيجي جو وڏو پٽ علاءُ الدين جوڻيجو ۽ اڳوڻو ايم پي اي شاهد ٿهيم متوقع اميدوار آهن، پر فيصلو صدرآصف زرداري ڪندو، پيپلز پارٽي پاران جيڪب آباد جي ٻن اين اي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي اميدوارن جي حتمي نالن جو اعلان ڪندي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد جي اين اي 208 تي پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي اعجاز جکراڻي کي پ پ پاران چونڊ وڙهن لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي جڏهن ته اين اي 209 تي اڳوڻي وفاقي وزير پ پ اڳواڻ مير هزار خان بجاراڻي جي جاءِ تي سندس نوجوان پٽ جيڪب آباد جي اڳوڻي ضلعي ناظم مير شبير خان بجاراڻي کي پ پ پاران جيڪب آباد جي ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پي ايس ڳڙهي خيرو لاءِ اعجاز جکراڻي جي والد بابل جکراڻي کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پي ايس 14 جيڪب آباد لاءِ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سردارزداه راجا رحيم کوسي جي جاءِ تي سندس والد سردار مقيم کوسي کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پي ايس ٺل لاءِ اڳوڻي ايم پي اي مير حسن کوسي جي جاءِ تي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سهراب سرڪي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ ف ليگ اميدوار سردار ذوالفقارعلي سرڪي سان مقابلو ڪندو گذريل رات 4 وڳي تائين بلاول هائوس ڪراچي ۾ سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ بدين ضلعي جي اين اي 224، ماتلي، گولاڙچي 59 تڪ جا فيصلا ڪيا ويا. بلاول هائوس ذريعن موجب اين اي 224 تڪ تي اڳ ٿيل فيصلي ۾ غلام علي نظاماڻي کي نامزد ڪيو ويو هو، پر هاڻي فيصلو تبديل ڪندي اين اي 224 تي پ پ ضلعي سيڪريٽري ڪمال چانگ کي نامزد ڪيو ويو، پي ايس 59 گولاڙچي تي محمد نواز چانڊيو ۽ پي ايس 55 ماتلي تڪ تي شبير هاليپوٽي کي ٽڪيٽ ڏيڻ وارو فيصلو روڪي رياض نظاماڻي ۽ بشير هاليپوٽي بابت 6 اپريل تائين فيصلو روڪيو ويو آهي. پ پ پارليامينٽ بورڊ ٿرپارڪر ضلعي جي پ پ قيادت وچ ۾ اميدوارن جي ٽڪيٽن بابت اختلاف هجڻ ڪري اوچتو اميدوارن جي نالن ۾ ڦيڙڦار ڪئي ويئي آهي مليل ڄاڻ موجب ٿرپارڪر ضلعي جي اين اي 229 مٺي ڏيپلو جي سيٽ تي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ بدران فقير شير محمد بلالاڻي، پي ايس 60 ڏيپلو تي فقير محمد بلالاڻي بدران اڳوڻو ايم پي اي انجنيئر گيان چند اميدوار هوندا. جڏهن ته اين اي 230 ڇاڇرو ننگرپارڪر تي پير نور محمد شاهه جيلاني پي ايس 61 مٺي تي اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي پي ايس 63 ڇاڇرو تي دوست علي راهمون اميدوار نامزد ڪيل آهن جڏهن ته ننگر پارڪر جي تڪ پي ايس 62 تي نامزد ڪيل منظور ميمڻ اميدوار هجڻ بجاءِ ڄاڻايل تڪ تي فيصلو ڪرڻ لاءِ اختيار مخدوم امين فهيم ۽ گل محمد لاٽ جي حوالي ڪيل آهي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڄاڻايل تڪ تي مخدوم امين فهيم جو پٽ اميدوار هوندو. پر پ پ اميدوارن جي ڦيرڦار ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪري نه سگهي آهي پ پ اڳواڻ عبدالغني کوسي پاران آزاد چوند وڙهڻ واري اعلان کان پوءِ پ پ جي قيادت ناراض ٿي پارٽي کي الوداع ڪندڙ غني کوسو کي راضي ڪرڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. ڪشمور ۾ پ پ ٽڪيٽن جو فيصلو سردار سليم جان مزاري حوالي ڪيو ويو جنهن اين اي 210 تي سردار احسان رحمان مزاري، پي ايس 18 تي عبدالرئوف کوسي ۽ پي ايس 17 تي عابد سندراڻي کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته سکر ۾ نعمان شيخ، خورشيد شاهه پنو عاقل ۾ ڄام سيف الله ڌاريچو کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته باقي رهيل ضلعن بابت فيصلو 24 ڪلاڪن اندر ٿي ويندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو