ووٽ ان کي ئي ڏنو وڃي جيڪو ووٽ جي لائق هجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ووٽ ان کي ئي ڏنو وڃي جيڪو ووٽ جي لائق هجي


    اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 8 لک پولنگ اسٽيشنون قائم ڪندو. جيتوڻيڪ پولنگ اسٽيشن جي قطعي انگ جو اڃا تعين نه ڪيو ويو آهي تنهن هوندي اهو هڪ اندازو لڳايو پيو وڃي جيڪو اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هدايتن موجب ووٽرن جي سهولتن لاءِ هر ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي. پوءِ به پولنگ اسٽيشن جي هنڌ جو قطعي تعين عوام ۽ سياسي پارٽين جي صلاح مشوري سان ڪيو ويندو. جيڪڏهن پولنگ اسٽيشن جي هنڌ بابت ڪو اختلاف آڏو آيو ته اليڪشن ڪميشن ان کي تبديل ڪندي يا هڪ وڌيڪ پولنگ اسٽيشن قائم ڪندي.
    ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت پنهنجو پنجن سالن جو مدو پورو ڪري اقتدار نئين حڪومت حوالي ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ واري مرحلي مان گذري ، جيڪو هڪ تاريخي خوشگوار ۽ وڻندر پهلو آهي ۽ حڪومت ٻيا وعدا ته پورا نه ڪري سگهي پر هڪ وعدو ضرور پورو ڪري ڏيکاريو ته چونڊون وقت تي ڪرايون وينديون، باقي اڃا هڪ رهيل وعدو پورو ٿيڻ جي اشد ضرورت آهي اهو آهي صاف ۽ شفاف چونڊون اڻ سڌي طرح اها به هن حڪومت جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته عام چونڊون ته نگران حڪومت جي نگراني ۾ ئي ٿينديون پر نگران حڪومت جي چونڊ اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا عام چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪليدي ڪردار ايمانداري سان ادا ڪرڻ جي اهل هجي. پاڪستان جي 6 ڏهاڪن واري تاريخ ۾ صرف مجيب واري دور ۾ شفاف چونڊون ٿيون هيون پر بدقسمتي سان اقتدار حقدارن کي نه ملي سگهيو، تنهن ڪري هينئر به صاف ۽ شفاف چونڊن جي دعويٰ ته وڏي واڪي ڪئي پئي وڃي ۽ ممڪن آهي ته چونڊون شفاف ٿين پر ان کان پوءِ اقتدار چونڊجي آيل ماڻهن حوالي ڪرڻ جي خاطري ڪنهن کان ڪرائي وڃي. اهو هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو باشعور ماڻهن جي ذهنن گردش ڪري رهيو آهي.
    خوشي جي ڳالهه آهي جو هڪ جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ورتو ۽ عوام نئين اڳواڻ جي چونڊڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، مدو پورو ڪرڻ سان جمهوريت کي تقويت، ملڻ سان گڏ عوام جو مشاهدو به مضبوط ٿيو آهي، هڪ ڊگهي عرصي ۾ حڪومت جون جيڪي خاميون آڏو آيون عوام ڪوشش ڪندو ته آئنده جيڪو به ماڻهو اقتدار جون واڳون سنڀالي اهو گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڪردار جو مالڪ هجي جيڪو نج عوام جي مسئلن ۽ مشڪلاتن انهن جي اهنجن ۽ ايذائن، ڏکن ۽ ڏولاون ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ وجود جي سچائي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي. شفاف چونڊون وقت جي اهم ضرورت آهن، ڇاڪاڻ ته موجوده حالتون هن ڳالهه جي هرگز اجازت نه ٿيون ڏئي سگهن ته ڪا جماعت يا ڪا طاقت ڌانڌلي يا غير آئيني طريقن سان اقتدار تي قابض ٿئي، ملڪ ۾ جاري قتل و غارت گيري، بدامني، مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشت گردي کي اها ئي حڪومت ختم ڪري سگهي ٿي جيڪا عوام جو حقيقي انتخاب هوندي.
    چونڊن جي تاريخ يا چونڊ شيڊول جو اعلان ڪرڻ سان سڀئي معاملا حل نه ٿي ويندا. اڃا ڪيترائي مرحلا رهيل آهن، جن ۾ خاص ڪري چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ غير معمولي قدم کڻڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڄ به جاگيرداراڻو ۽ وڏيرڪو ڪلچر زنده آهي. عوام ڀلي کانئن بدظن هجي پر انهن کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي. ماضي ۾ اسان ڏسندا رهيا آهيون ته ٽڪيٽون به هميشه اهڙن ئي ڏاڍن مڙسن کي ڏنيون وينديون آهن جن جي پوليس به ساٿاري بڻيل هوندي آهي، ماضي ۾ اهڙا ڪيئي واقعا رونما ٿي چڪا آهن جن ۾ اليڪشن دوران اهڙن وڏيرن ۽ ڀوتارن رات رات پولنگ عملي کي يرغمال بڻائي پنهنجن بنگلن تي کانئن بيلٽ پيپر تي من پسند نشان تي ٺپا هڻائڻ کان پوءِ پرهه ڦٽي جو ساڳي پولنگ اسٽيشن تي واپس ڇڏيو ويندو رهيو آهي. پولنگ عملي پاران بعد ۾ ڪيترائي ڀيرا ان قسم جا انڪشاف پڻ آڏو اچي چڪا آهن. تنهن ڪري هينئر به ان قسم جي واقعن ۽ وارداتن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، بلڪ هن ڀيري اهڙن واقعن جي وڌڻ جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته هي ڳالهه هر ڪو وڏيرو ۽ بااثر ماڻهو ڄاڻي چڪو آهي ته عوام ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شعور ۽ ساڃاهه اچي وئي آهي ۽ ميڊيا جو به اڳ کان وڌيڪ طاقتور ڪردار آهي، پر تنهن هوندي به پوليس جي وڏيرن سان سنگت برقرار آهي، اهي ڪٿي هن ڀيري به پنهنجون پراڻيون غلطيون ورجائڻ جي ڪوشش نه ڪن. تنهن ڪري عام اليڪشن ۾ رينجرز ۽ فوج جي مداخلت کي يقيني بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته فوج ئي واحد ذريعو آهي جيڪو چونڊن کي شفاف بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. عوام جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جيڪي سهولتون فراهم ڪيون آهن انهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
    خاص ڪري پنهنجو ووٽ چڪاسڻ لاءِ موبائل کي شناختي ڪارڊ نمبر لکي 8300 تي اماڻي پنهنجي ووٽ جي تصديق ڪرائڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته هي سهوليت به مليل آهي ته اوهان جو جيڪڏهن ووٽ داخل ٿيل ناهي ته اهو هڪ صفحي وارو مخصوص فارم ڀري ان سان قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي هڻي داخل ڪرائي سگهجي ٿو.
    اسان عوام کي هيءَ ئي اپيل ڪنداسين ته ووٽ ان کي ئي ڏنو وڃي جيڪو ووٽ جي لائق هجي. نالائقن ۽ نااهلن کي ووٽ ڏيڻ سان انهن طاقتن کي ڪاميابي ملندي جيڪي جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿيون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ووٽ ان کي ڏيو جيڪو ووٽ جي قابل هجي ۔۔۔۔ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو ۔۔۔۔ اهڙا اميدوار ڪٿي ٿا ملن سائين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو