جيئن ته اڳ ئي اهو اعلان ٿي چڪو آهي ته ڊيٽا بيس کي هلڪو رکڻ لاءِ في الحال عارضي طور اٽيچمينٽ جي اختيار کي غير فعال ڪيو ويو آهي۔۔۔۔ ان ڪري ڪوشش ڪيو ته پنهنجون فائيلز ڪنهن ٻي سائيٽ تي اپلوڊ ڪري سنڌ سلامت سان ونڊيو۔۔۔ پنهنجي ڊاڪيومنيٽس جون فائيلز اپلوڊ ڪرڻ لاءِ اسڪرائيبڊ سائيٽ سڀ کان بهتر آهي۔۔۔
سڪرائيبڊ تي اپلوڊ ڪيل سائيٽس کي سنڌ سلامت تي ونڊڻ لاءِ ٽريننگ اڳ ئي ادا ڦلپوٽو فقير ڏئي چڪا آهن۔۔۔ هي سکيا پڻ ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔۔۔
سڪرائيبڊ سائيٽ تي هيٺين فارميٽس ۾ فائيلز اپلوڊ ڪري سگهجن ٿا۔۔۔۔
پي ڊي ايف: pdf, ps
ٽيڪسٽ: txt, rtf
مائڪرو سافٽ آفيس: doc, docx, ppt, pptx, pps, xls, xlsx
مٿي ڳاڙهو ڪيل پاور پوائينٽ فارميٽس کانسواءِ باقي سڀني فارميٽس کي بهتر رهندو ته پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ڪريو۔۔۔ جنهن سان سنڌي ۾ لکيل سنڌي فونٽس واري ڊيٽا متاثر نه ٿيندي۔۔۔ هاالبته پاور پوائينٽس جي فارميٽ کي سندس جي ئي فارميٽس ۾ اپلوڊ ڪريو ته جيئن سلائيڊس پريزنٽيشنس جي صورت ۾ ڊسپلي ٿين۔۔۔ پر ان کان اڳ ڪجهه ضروري عمل ذهن ۾ رکو ته جيئن توهان جي سنڌي ۾ تيار ڪيل پريزينٽيش بغير فونٽس تبديل ٿيڻ جي خوبصورتي سان ڊسپلي ٿئي۔۔۔
سڀ کان پهريان پنهنجي تيار ڪيل سنڌي پريزنٽيشن جي سلائيڊس کي تصويرن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔
ان جي لاءِ File مينو تي ڪلڪ ڪري Save As تي ڪلڪ ڪريو ۽ Save Type ۾ jpg کي سليڪٽ ڪريو۔۔۔ وڌيڪ تفصل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
هاڻي انهن تصويرن کي هڪ هڪ ڪري ڪاپي ڪريو ۽ نئين پريزينٽيشن ٺاهي انهن جي سلائيڊس تي پيسٽ ڪريو۔۔۔۔ تصويرن جون ڪنڊون پڪڙي انهن جي سائيز کي سلائيڊ جي برابر آڻيو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
نئين پريزينٽيشن کي تيار ڪرڻ کان پوءِ سڪرائيبڊ سائيٽ کي کوليو ۽ پنهنجي نالي ۽ پاسورڊ کي داخل ڪري لاگ ان ٿيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ سائيٽ هيڊر کان هيٺ نيوبار مان اپلوڊ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي Single File no flash اختيار کي استعمال ڪريو ۽ Brows بٽڻ استعمال ڪندي پنهنجي تيار ڪيل پريزنٽيشن مطلوبا لوڪيشن تان کڻي وٺو۔۔۔ چاهيو ته Private اختيار استعمال ڪريو جي نه ته عام ماڻهون لاءِ به کليل رکڻ لاءِ Public اختيار تي چيڪ رهڻ ڏيو ۽ Upload بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
ڪجهه وقت جي پروسيسنگ کان پوءِ توهان جي پريزينٽيشن اپلوڊ ٿي ويندي ۔۔۔ هاڻي پبلش ڪرڻ کان اڳ توهان کان ڪجهه اپلوڊ ڪيل فائيلز بابت معلومات ڏيڻ لاءِ چيو ويندو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
ضروري ڪالم ڀرڻ کان پوءِ Save Changes بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جڏهن فائيل جو امبيڊڊ ڪوڊ ظاهر ٿئي ته ان جي ڀرسان موجود ڪاپي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڪوڊ ڪاپي ڪريو۔۔۔
هاڻي ورڊ يا نوٽ پيڊ فائيل کولي ڪوڊ کي پيسٽ ڪريو ۔۔۔ جتان صرف آئي ڊي کي سليڪٽ ڪاري ڪاپي ڪريو۔۔۔ هيٺ تصوير ۾ اپلوڊ ڪيل فائيل جي آئي ڊي کي ڳاڙهو ڪيو ويو آهي ۔۔ ڏسو تصوير۔۔۔
هاڻي سنڌ سلامت جو نئون موضوع کولي ايڊيٽر تي پهريان سڪرائيبڊ ڪوڊ ڪلڪ ڪري ۽ بعد ۾ ڪوڊ جي بلڪل سينٽر تي ڪاپي ڪيل آئي ڊي پيسٽ ڪريو۔۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
هاڻي پيش منظر ڏسي هڪ دفعو تسلي ڪريو ۽ پوءِ موضوع موڪلي ڏيو۔۔۔۔
اميد ته تفصيل سان سمجهايل هن سمجهاڻي کي توهان ۽ خصوصن سائين نثار ابڙو ذهين نشين ڪري وٺندو۔۔۔ ۽ آئنده ان تي عمل ڪندي پنهنجيون خوبصورت ۽ نڪور لکڻيون سموري سنڌ سلامت ساٿ سان ونڊيندو۔۔۔